سياست جو اڏول ڪردار محترمه بينظير ڀٽو

'تعارف' فورم ۾ عباس رضا سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 ڊسمبر 2020۔

  1. عباس رضا سولنگي

    عباس رضا سولنگي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    سياست جو اڏول ڪردار محترمه بينظير ڀٽو
    تحرير :- عباس رضا سولنگي
    سنڌ جي بهادر ليڊر محترما بينظير جنهن جي شهادت تي سموري دنيا کي پار ڪڍي روئيندي ڏٺو آهي. هوء جنهن کي عوام سان ايترو چاهه هوندو هو جو سنگينن ۽ بندوقن کان به نه ڊڄندي عوام جي ويجهو هلي ويندي هئي، هوء جيڪا پنهنجو پاڻ کي عوام کانسواء اڌورو سمجهندي هئي، هوء جيڪا ملير جي ماروي هئي، هوء جيڪا بهادريء جي علامت هئي، هوء جيڪا سنڌ جي راڻي هئي۔ ۽
    ڊسمبر سدائين اسان مٿان حاوي رهيو آهي، ڊسمبر گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسان کان انمول شخصتون کسي رهيو آهي، وقت بوقت ڊسمبر جو اسان مٿان ڪو نه ڪو اهڙو تي ڏُکيو وقت آڻي ٿو جنهن جو ڪاٿو نٿو لڳائي سگهجي، پر سال 2007 جو 27 ڊسمبر اسان تي عمر لاءِ اهڙو تي ڏُکيو وقت آندو جو اسان هن وقت تائين به پنهنجي دل کي يقين ڏياري ناهيون سگهيا 27 ڊسمبر جي اُهو رت نما شام اسان جي اکين اڳيان هر وقت گذرندي رهي ٿي، اسان انهي شام جو ٿيندڙ نقصان جو اسان اصل ئي ڪاٿو ناهيون لڳائي سگھيا. انهي ڏينهن اسان کان اسانجي اعظيم اڳواڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي بهادر نياڻي جنهن کي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ عوامي جلسي ڪرڻ کان پوءِ واپسي ويندي گولين جا وار ڪري شهيد ڪيو هو جڏهن هن جي شهادت جي خبر سنڌ واسين کي پئي، انهن ۾ هڪ اهڙي قيامت ڪڙڪي پئي جو ماڻهو رت جا ڳوڙها روئي رهيا هئا. سنڌي قوم جي اميد ختم ٿي وئي، هنن جا سڀ سپنا اڌورا رهجي ويا، سنڌي قوم کان سندن اعظيم اڳواڻ جي بهادر نياڻي بينظير ڀٽو جنهن کي سندس پيءَ جيل جي ڪال ڪوٺڙي مان خط لکي قوم جي خاص پارت ڪئي. هن مظلوم قوم جي اڳواڻي ڪرڻ جو تاج سندس سر مٿان سجايو هن کي خبر هئي هي منهنجي مشين کي پورو ڪندي مگر عوام جي حقن تي ڌاڙو هڻندڙ هن کي ڪين قبول ڪيو کيس ايترو مجبور ڪيو، جو هن کي ملڪ ڇڏڻو پيو هو ملڪ کان ٻاهر وڃي به پنهنجي قوم پنهنجي مظلوم عوام لاءِ آواز بلند ڪندي رهي، هن بينل اقوامي سطح تي پنهنجي مظلوم ماڻهن جي حق ۾ آواز بلند ڪيو تڏهن عوام دشمن سازشن کين انهي ڳالھ تان روڪيو ويو تنهن هوندي به هو آمرتي دور ۾ به پنهنجي قوم لاءِ آواز اُٿاريندي رهي، هو آواز بلند ڪندي ڪندي ڪيترا ئي سال جلاوطن رهڻ کان پوءِ 18 اڪٽوبر 2007 ۾ جلاوطني ختم ڪري پنهنجي ڏيھ پهتي تي عوام ۾ هڪ اميد جاڳي پئي، هن جڏهن انهي ڪراچي جي جناح ايئرپوٽ تي پنهنجي ديس جي زمين تي پير رکيا هو پنهنجي لڙڪن کي نه روڪي سگهي، تڏهن ملڪ دشمن عنصر هن کي شهيد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ڪنهن طريقي سان محفوظ رهي. 18 اڪٽوبر واري ڌماڪي ۾ سوين ماڻهو شهيد ٿي ويا هئا، اهڙي قسم جو ڌماڪو ڪري بينظير کي ڊيڄارڻ جي ڪوشش ڪئي مگر هو انهي ڌماڪي کان ڊڄڻ بجاءِ ٻئي ڏينهن صبح جو ڌماڪي ۾ شهيد ٿيل ڪارڪونن جي گھر وئي، انهن جي مائٽن سان ملي. ۽ زخمي ٿيل نوجوانن جي عيادت پڻ ڪيائين، انهي کان پوءِ محترمه 8 جنوري جي حوالي سان اليڪشن مهم هلائڻ شروع ڪئي گھر ۾ ويٺل ماڻهو گهرن کان ٻاهر نڪتا هڪ خوف جي ديوار ڪرائي ڇڏي. محترمه سنڌ جي مختلف شهر مان جلسا ڪندي وڃي پنجاب ۾ داخل ٿي جٿي به اليڪشن مهم جي حوالي سان جلسا ڪيا جلسن عام کي جڏهن محترمه خطاب ڪندي قوم ۾ هڪ جذبو جاڳي پوندو هو شام جي وقت ماڻهو ٽي وي جي اڳيان انتظار ۾ هئا هو ڪنهن مهل ٿي خطاب ڪري، صبح ٿيو، منهنجي چاچا سائين ٻڌايو اڄ محترمه جو راولپنڊي ۾ جلسي عام کي خطاب ڪندي، ماڻهن کي محترمه جي جلسي ٻُڌڻ جو جنون هو. شام جي وقت ماڻهو الائي ڪٿان اچي گڏ ٿيندا هئا، مان اڃان ننڍو هئس پر محترمه جو خطاب آئون ضرور ٻُڌو هئس، اڄ صبح ساڻ خبر پئي سڄو ڏينهن پنهنجو پنهنجو ڪم ڪري شام جو محترمه جو خطاب ٻُڌڻ لاءِ پھتاسين، جلسو شروع جيو نيوز وارن محترمه جو جلسو لائو ڏيکايو، اسان جلسو ٻُڌو جلسو اڃان هلندڙ هو اسان جي علائقي جي لائيٽ هلي وئي، بس ٻوٿ ڀيلو ڪري اُٿي ٻاهر نڪتاسين ڪجھ منٽن ۾ منهنجو وڏو ڀاءِ ڊوڙندو آيو سهڪندي سهڪندي چيائين محترمه کي گولي لڳي آهي محترمه سخت زخمي ٿي پئي آهي اسان هن کي گھٽ وڌ چوڻ لڳاسين، هن کان پُڇوسين توکي ڪئين خبر پئي هن ٻُڌو چاچو ريڊي ٻُڌي ويٺو انهي تي ٻُڌائين پيا ڇو جو اسان جي علائقي ۾ لائٽ تي هلي وئي هئي نه، بس آئون به پنهنجي گھر طرف ڊوڙي ويس جتي وڃان منهنجو چاچو اڳئي روئي رهيو هن ٻُڌيو محترمه شهيد ٿي وئي پوءِ مان به پنهنجي پاڻ کي ڪون روڪي سگھيس، بس پوءِ ڇا ٿيو اُهو بيان ڪرڻ کان مٿي آهي، اسان جي قوم يتيم ٿي وئي، محترمه جو جنازو هليپٽ وسيلي لاڙڪاڻي پھچايو ويو. جٿي اخري رسمون ادا ڪرڻ کان پوءِ شهيد جي قبرستان ۾ پنهنجي والد شهيد ذوالفقار جي قدمن ۾ دفنايو ويو، اڄ جڏهن سندس يارهين ورسي ملهائي پئي وڃي تڏهن به سندس عڪس اکين اڳيان ڦري رهيو آهي اڄ سندس آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو آهي، اڄ به سندس شهادت وارو ڏُک تازو آهي، اسان هر سال سندس ورسي جي موقعي تي سندس ڏنل لازوال قرباني تي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آهي، اڄ به سڄي قوم ستاوهين ڊسمبر جو ڏينهن ڪارو ڏينهن ڪري ملهائندي آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو