شيخ اياز جو ڌرتي سان ڪيل عشق....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏28 ڊسمبر 2020۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    شيخ اياز جو ڌرتي سان ڪيل عشق...!
    فقير محمد سنڌي
    شيخ اياز جو سنڌ سان عشق ازلي هو، جنھن جي ڪري پنھنجي شاعريءَ ۾ سنڌ کي موضوع بڻائي وطن جي حب الوطني، قومن جي قوميت سان نروار نموني نڀائي، ايترا گھرا اثر ڇڏي ويو آهي جو شاعريءَ جو مست جوڀن، گلن جي تازگيءَ وانگر سڄي دنيا ۾ واسجي وئي آهي. سنڌ اها خوبصورت مکڙي آهي جنھن جي چوڌاري اياز جي شاعري ڀؤنر وانگر طواف ڪري ٿي. نيرن اکين مان صاف نموني سان ڪينجهر جي ٻئي ڪنڌيءَ تائين باک جا سڀ سويرا پسائڻ اياز جو ئي ڪمال آهي! تڏهن ته چوي ٿو:
    توکي ڪھڙي ڪل،
    جيءَ اچي نه جَهلَ،
    مون کان سنڌ نه وسري!
    *****
    ٺٽي جي رابيل ۾، وري کڙندس مان،
    وري ٽڙندس مان، مڪلي تنھنجيءَ ماٺ ۾.
    *****
    سنڌڙي تنھنجو ساهه اياز،
    مري نه ٿيڻو آهي مات!
    فلسطيني شاعر محمود درويش لاءِ چيو ويو آهي ته ان جي شاعريءَ ۾ اهو درد آهي، اها چيخ آهي، جيڪا ٻار جي ماءُ پيٽان پيدا ٿيڻ وقت ناڙي وڍڻ سان ٿيندي آهي. پر اياز وٽ ساري سنڌ پرينءَ جو پاڇو، شاعريءَ کي سجدو آهي. ڌرتيءَ ڪعبو قبلو آهي. ان لاءِ ته اياز جي سموري شاعريءَ ۾ سماج، اخلاقيات، ثقافتي سوچ، فطرت، حسن ۽ زندگيءَ سان واسطو رکندڙ تمام ننڍڙيون شيون موجود ملنديون.
    شيخ اياز جي نظر ۾ زندگي ڪابه معنى نٿي رکي، جيستائين ان ۾ ڌرتيءَ جو الڪو ڪونهي، هي جسم ته خاڪي آهي، اڳي پوءِ ان ئي مٽيءَ سان وڃي ملندو. تنھنڪري ان مٽيءَ جي آبياري ڪجي. پنھنجي من جي ڳالهه هن ريت ڪري ٿو:
    جي راهه اجل ڪنھن ورتي آ، هن ڀونءِ ڪئي ٻي ڀرتي آ،
    هيءَ ڌرتي توکي پرتي آ، مھمان هزارين مان نه رڳو.
    شيخ اياز جي شاعري انسانيت جو درس ڏئي، وطن دوستيءَ جو سنيهو ڏئي ٿي، تاريخ جو فڪر سيکاري ٿي، منظرنگاريءَ جي هر منظر ۾ سونھن بخشي ٿي، جا انسان کي محبت واري زندگيءَ طرف راغب ڪري ٿي، ان لاءِ چوي ٿو:
    يا رب!
    منھنجي عشق کي سدا گلاب وانگر بڻاءِ!
    يا رب!
    مون کي انسان جو عشق ڏي ته به ايئن ڏي جيئن
    هن ۾ توکي ڏسان!
    يا رب!
    تون اها ساڃاهه ساريءَ انسان ذات کي ڏي ته نه رڳو،
    تنھنجي پيار پر هڪ ٻئي جي پيار ۾ انسان ذات جي نجات آهي.
    شيخ اياز اهو واحد شاعر آهي جنھن ڪڏهن به ڪٿي به پنھنجي شاعريءَ ۾ اناءَ جي پُل ٻڌي بيھي نه رهيو پر مستقل مزاجيءَ سان گائيڊ لائن ڏيندو رهيو.
    هوءَ جيڪا هوا جيئن آزاد آ،
    سچ چئجانءِ توسان ڪيئن ٺھي!
    شيخ اياز تي جيڪو عنوان رکو پورو لھندو، سماجي ڪارج جو هيرو آهي، جيڪڏهن چئون ته اياز سنڌ جي تاريخ جو تت آهي، ته اياز جا فڪري ۽ سماجي پاسا سنڌي ادب جي مھمان نوازي ڪندي نظر اچن ٿا، ڇو جو هو، آڪاش کان وڏو ڌرتيءَ جو شاعر آهي. ان لاءِ دنيا وڏي واڪي چوي ٿي اياز کي پڙهڻ اسان جو قومي فرض به آهي پر قرض به آهي.
    تنھنجا پير، چمان ڌرتي، منھنجي مائڙي!
    ڀاڪر پايان، ڀاوَ سان، ماڻهوءَ ماڻهوءَ سان،
    آءٌ نه ٻيو ڄاڻان، مذهب منھنجو ماڻهپو.
    ڌرتيءَ جو قرض جيڪڏهن ناهي ته اهو شاعرن تي ناهي. ڇو جو شاعر احسان فراموش نه ٿيندا آهن، اهو ان لاءِ ته ٻوليءَ، ثقافت، ڌرتي تي سر ڏئي سرها ٿيندا آهن، پنھنجو تسلسل ضرور ڌرتيءَ جي مارون جي سپرد ڪندا، جنھن ۾ سچ ۽ سونھن شامل رهندي آهي. جھڙيءَ طرح سنڌي ٻوليءَ جي امين ڀٽ جي گهوٽ فرمايو ته:
    مرڻا اڳي جي مئا، سي مري ٿين نه مات،
    هوندا سي حيات، جيئڻا اڳي جي جيا.
    وري جاميءَ جو روح عشق لاءِ جاڳي پيو!
    جامي ٿيو جو عشق جو سو ٿو مري ڪٿي،
    خود عشق سندس موت آ، فاتحا پڙهي
    سونھن، سرتيءَ جو عوامي انداز رکندڙ شاعر استاد بخاري شاعريءَ کي رقيبن ۾ جهلي چوي ٿو:
    مون کي تاريخ ۽ تقدير ڏني پڪ آهي،
    جو سنڌ سنواري اهو جيئندو رهندو.
    مون مٿي چيو ته شاعر ڌرتيءَ جا قرضي نه رهندا آهن، پنھنجو نڀاءُ جوت جلائي پوءِ اک ٻوٽيندا آهن. سنڌ جو مھان ڪوي شيخ اياز جنھن جي اڄ سالگره جو ڏينھن سڄيءَ سنڌ ۾ ميلا متل آهن، ان ميلن جو پسمنظر مھان ڪوي شيخ اياز جي هنن سٽن ۾ پسي سگهجي ٿو:
    ڪنول پاڙون پاتار ۾، ڀنؤر ڀري آڪاس،
    ٻنهي سندي ڳالهڙي، رازق آندي راس،
    تنھن عشق کي شاباس، جنھن محبتي ميڙيا.
    ان عشق جي لڙيءَ سان لڙ ملائيندي هيئن به چيو ته:
    ساڳي خوشبو ڏين، ڇڄي گل گلاب جا،
    وڃي امر ٿين، ڪوي مرن ڪين ڪي.
    ڪائنات جا سڀ مظھر، عظمت جا مينار، درد جي دانھن ڪوي جي ڪلا جون ساکي ٿي رهنديون آهن. اڄ اياز کي ڀيٽا طور سندس ڪجهه بيت، اُڀر چند پَسو پرين وارا ته:
    ڪن ٿا جيئَن ڪراڙ ۾، رم جِهمِ ستارا،
    تنھنجا يڪتارا، ويرانَ وَير وڄن ٿا.
    *****
    ڄڻ مون مان ٿي اَچي، اڳئين جنم جي رَڙِ،
    مون کي ايئن نه تـڙِ، جي مان توڏي گهوريان.
    *****
    جتي بادل بُرجَ، اُتي تون آهين ڪٿي؟
    تو لئه منھنجي گهرج، ڏونگر ڏوري ڀونءِ تي.
    *****
     
    عبيد ٿهيم هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو