"تاريخ ساز شخصيت شهيد بشير خان قريشي “

'تعارف' فورم ۾ عباس رضا سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏30 ڊسمبر 2020۔

  1. عباس رضا سولنگي

    عباس رضا سولنگي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    “تاريخ ساز شخصيت شهيد بشير خان قريشي“
    تحرير :- عباس رضا سولنگي
    سنڌ ڌرتي هونء´ تہ ڪيترن ئي انمول آدرش ۽ بهادر انسانن کي' جنم ڏنو آهي جن پنهنجي ڌرتي ۽ قوم کي پنهنجي زندگي اَرپي تاريخ ۾ هميشه لاء امر ٿي ويا اهڙن ئي امر ڪردارن ۾ شهيد بشير خان قريشي تاريخ جي ورقن ۾ سرفهرست آهي جيڪي بهادري ۽ شجاعت جي علامت بڻجي ويندا آهن ۽ بشير خان قريشي جو تعلق سنڌ جي شهر رتوديرو جيڪو ماڙين جي شهر تمام گهڻو مشهور آهي انهيء´ شهر ۾ موٽڻ پور محلہ بہ پنهنجي حيثيت رکي ٿو ڪي شهر پاڻ تاريخي ڏيک ڏيندا آهن تہ ڪي وري شهر ۾ جنم وٺندڙ شخصيتن جي ڪري ڏينهان ڏينهن مشهور ۽ سڃاتا ويندا آهن رتوديرو ۾ ٻيون علمي، ادبي، سياسي شخصيتون موجود آهن انهن مان سنڌ جو ارڏو پٽ بشير خان قريشي چنڊ جي روشني وانگر نمايان نظر اچي ٿو. بشير خان قريشي 10 آگسٽ 1959ع تي غلام مرتضٰي قريشي جي گهر ۾ اک کولي . انهيء´اکين سان سنڌ جي سورن کي ڳل لاهيندو رهيو ساري سنڌ هن کي پرين جي پاشي وانگر محسوس ٿيندي هئي مسلسل جدوجهد ڄڻ بشير خان جي رت ۾ شامل هئي جنهن کان هر سنڌ واسي واقف آهي زنده دل انسان ئي پنهنجي قوم کي شعور ڏيندا آهن جن جو هر قدم عملي وک ثابت ٿيندو آهي سنڌ جي مهان شاعر شيخ اياز چيو تہ .
    “اڄ لهوءَ جي سر گرم تي ٿي منهنجي ڌرتي رقص ڪري“.
    اهڙي ئي رقص واري حالت ۾ بشير خان قريشي مسلسل سنڌي قوم لاء جدوجهد ڪئي ان جدوجهد جي سفر ۾ ڪٿي بہ ٿڪ هئڻ جو احساس ڪون ڏنو “فيڊرل ڪاسترو“ عزم ۽ جذبي جي ڳالھ ڄڻ بشير خان قريشي لاء چئي آهي تہ جڏهن انساني دلين ۾ ڪي آدرش کڻي نڪرندا آهن ت دنيا جي ڪا بہ طاقت جيل جون ديوارون يا قبرستان جا پٿر هنن کي دٻائي نہ سگهندا آهن اهڙن انسانن وٽ هڪ جذبو ، ضمير ۽ وفا جو تصور موجود هوندو آهي . سنڌ جي ارڏي پٽ بشير خان قريشي سياست کي عبادت سمجهي نئين نسل جي رهنمائي ڪئي جيڪا هن جي مزاج ۾ عشق عنبير وانگر شامل هئي.ڪڏهن ڪڏهن ادارا به اتساهه جو سبب بڻجندا آهن، اهڙو ئي اتساهه بشير خان قريشي کي 1978ع تي زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ مليو جنھن جي ڪري بشير خان قريشي سياست جي شروعات شاگرد سياست کان ڪئي، 1978ع تي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن سان عزم جو وچن ڪري ويٺو، سياست جي ميدان تي نروار ٿيو. 1980ع تي ٽنڊي ڄام جساف جو صدر مقرر ٿيو، پنھنجي صلاحيت سان اڳتي وڌندو رهيو. 1988ع تائين جساف جو هيرو رهيو. 1990ع تي جيئي سنڌ تحريڪ جو مرڪزي صدر به رهيو. 1995ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ جو قيام عمل ۾ آيو ته اُتي بشير خان قريشي جي همدردي ۽ جدوجھد سڀني کي سيني ۾ پنھنجي عشق وانگر ياد هئي توڙي قريشي جيل ۾ هو، پوءِ به کيس ڊپٽي ڪنوينئر چونڊيو ويو، اهو عشق جو سفر هلندو رهيو ۽ ڪا شيءِ جو ڪم ڪرڻ کان پوءِ ئي دلڪش لڳندي آهي. 1998ع تي جيئي سنڌ قومي محاذ جي چيئرمين جي عھدي تائين وڃي رسيو.
    تاريخ تڏهن اهميت واري ٿيندي آهي جڏهن هن ۾ مسلسل جدوجھد جو رنگ ۽ ڍنگ شامل هجي. “ڪرڪ ڊگلس“ جا جملا انتھائي تاريخي آهن
    ”پرواهه ناهي، حالات ڪيترا به خراب ڇونه هجن ۽ اُهي اڃا وڌيڪ بد کان بدتر ٿيندا ويندا تہ ڇا؟ منھنجو غصو مون کي تقرير ڪرڻ کان روڪي ڇڏيندو؟ موسى اڪيلو هيو ۽ هن سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڏيکاريو.“
    هن دنيا جي اندر جيڪي به فرد ثابت قدم رهيا آهن، اهي تاريخ جا انمول هيرا آهن، اهڙن ئي پختن حوصلن ۽ عزم جو راهي شھيد بشير خان قريشي بہ هو، جنھن جا حوصلا هماليہ کان بہ وڌيڪ بلند هئا. جنھن جي ڪري سنڌ جي هر ٻرندڙ اِشو تي آواز بلند ڪيو. جنھن جي ڏوهہ ۾ ڪيترائي ڀيرا جيل بہ ويو. پوءِ بہ سنڌ جي عشق هن کي ڪٿي مايوس ڪونہ ڪيو. زندگيءَ جي سفر ۾ اڃا ڪجهہ جرئتمند دوست ٺاهي ڏنائين. انهيءَ مقصد سان ته توهان کي بلنديءَ طرف وڌڻو آهي ته اول پيڙ کي مضبوط ڪيو. ايئن ئي بشير خان قريشيءَ پارٽيءَ جي پيڙهہ کي ڏينھون ڏينھن مضبوط ڪندو رهيو، جنھن جي ڪري پنھنجي زندگيءَ ۾ 6 سالن جي عرصي تائين وقتن بوقتن جيل جو منھن ڏٺائين سنڌ جي اندر بشير خان قريشي لانگ مارچ بہ پنھنجي ديده دليريءَ سان ڪيا، ڏاڍ جي هر موڙ کي ڪمزور ڪندو رهيو، ڪالا باغ ڊيم جي اشو تي بشير خان قريشي جهرَجهنگ هڪ ڪري ڏنو، جسقم جي قيادت ڪندي عاليشان جلسا ۽ جلوس ڪري سنڌ جي عوام جو ڀرپور نموني آواز ايوانن تائين پھچائڻ ۾ ڪامياب رهیو.
    بشير خان قريشيءَ کي پارٽيءَ جا ڪارڪن وڏو ڪري سڏيندا هئا. رتوديرو جو عوام سندس شخصيت سان بي پناهہ عشق ڪندو هو، انهيءَ حب ۽ چاهہ 1998ع تي بشير خان قريشيءَ کي شھري اتحاد رتوديرو جو سرپرست پڻ چونڊيو ويو.اهڙي طرح بشير خان سان پارٽيءَ جا ڪارڪن ۽ سنڌ جو عوام تمام گهڻو پيار ۽ محبت سان ملندا هئا، پنھجي سوچ کي سجاڳ ڪرڻ لاءِ سنڌ جا ماڻهو بشير خان جي زندگيءَ کي مثالي طور پنھنجي آڏو رکي جدوجھد جو رستو اختيار ڪندا آهن. 1989ع تي هڪ ڪتاب ”جاڳيا جنگ جوان“ سندس جي تقريرن تي مشتمل ڪتاب شايع ٿيو. جنھن مان به ڪافي دوستن اتساهه ورتو. اهڙي طرح K-B منگي جي عشق بہ ڀڙڪو کاڌو تہ 2000ع تي ڪتاب ”آزادي جي راهہ ۾“ بشير خان قريشي مختلف مڪتب فڪر رکندڙن جي نظر ۾، انهن جون ڳالهيون منظرِ عام تي اچي ويون تہ سنڌ جو عوام بشير خان سان ڪيتري محبت رکي ٿو.

    مرڻو آهي سڀ کي، مرندو هت هر ڪو،
    گنگا جي گود ۾، ڪو سنڌو ڀر ڪو،
    اهڙوڪم ڪر ڪو، جيڪو ماري موت کي(شيخ اياز).
    بشير خان قريشي جيل ۾ رهڻ سبب شطرنج جو سٺو رانديگر ٿي ويو هو، پر ذاتي زندگيءَ ۾ هو شطرنج جون چالون نہ آزمائيندو هئو، مقصود قريشي: چانهہ نہ پيئندو آهيان.
    صنعان قريشي: بابا جيل ۾ آهي، مارئي:هو ڀاڄيءَ ۾ ڀينڊيون شوق سان کائيندو آهي، سعيده بشير قريشي: سائين جي ايم سيد جون مون کي چميون ڏيڻ زندگي جو يادگار تحفو آهي. بشير خان قريشي،ڪتاب ۾ عنوان ئي ظاهرڪن ٿا. بشير خان سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سان ڪيترو عشق ڪيو آهي. جتي بہ ويو اُتي سڀني سان محبت وارو رويو رکيو جنھن جي ڪري عام ماڻهو بشير خان کي پنھنجي جيءَ ۾ جاءِ ڏيندو هو.
    مائوزي تنگ جي خيال تي بشير خان سئو سيڪڙو عمل پيرا نظر ٿو اچي. پنھنجي عزم مضبوط رکو، قرباني کان نه ڊڄو، فتح حاصل ڪرڻ لاءِ هر مشڪل تي عبور حاصل ٿي ويندو.بشير خان قريشيءَ کي عشق جي سڪ لڳل هئي جو هر هنڌ، هرماڻهونءَ ۾ پرينءَ جو حسن جمال پسي حقيقي جھان جوڙڻ جي ڪوشش ۾ هو. ڪي ٿورا ماڻهون آهن جن کي پنھنجي اندر جو نور نظر ايندو آهي. باقي اها اصل حقيقت آهي ته هن سنسار ۾ عطائي سياسي ماڻهن جي گهڻائي آهي جيڪي روز جي بنياد تي خلق خدا کي بيوقوف بڻائي رهيا آهن. باقي ٿورائي اهڙن ليڊرن، اڳواڻن ۽ رهنمائن جي آهي جن کي صديون پڄاڻان بہ انسانن جي ذهنن جي عسڪرين تي اڃا گلاب جي پنکڙين وانگر تازا توانا نظر ايندا آهن. اهي ڪڏهن به وسرڻ جھڙا نہ آهن جو انهن کي وساري سگهجي. دنيا جي اندر زندگيءَ کي فنا آهي، جيڪا هر حال ۾ ختم ٿئـڻي آهي، جي ايئن آهي ته پوءِ پنھنجو ڏينھن سجايو بڻايون، ڪجهہ نه ڪجهہ ڪري وڃون. بشير خان پنھنجي زندگيءَ جو هر پل سلڇڻو بڻائي امرتا پائي، 7-اپريل 2012ع تي زندگيءَ جا سڀ راز جدوجھدون،ڌرتيءَ سان ڪيل عشقء سنڌ کي ارپي، پاڻ وڃي رتوديرو باءِ پاس تي هميشه لاءِ آرامي ٿيو.
    عاشق زهر پياڪَ، وِهُہ ڏسي وهُسَن گهڻو،
    ڪڙي ۽ قاتل جا، هميشه هيراڪ.
    لڳي لنئون لطيف چئي، فنا ڪيا فراق،
    توڻي چڪين چاڪ، تہ بہ آهہ نہ سَلِن عام کي.
    ڀٽائي سرڪار جو جيڪو شعر عشق جي منزل يا دڳ تي لکيل آهي، اهو جدوجھد ڪندڙ فردن لاءِ اتساهہ جو سبب آهي.
    ميڙ منٿ قافلا، مظلوم عوام جو سگهارو آواز بشير خان قريشي جي روپ ۾ نھايت شاندار طريقي سان حل ٿيندا هئا، رٺل ڌرين کي آسانيءَ سان کير کنڊ ڪري سنڌي قوم مان رنجشون ختم ڪرڻ لاءِ جسقم چيئرمين تاريخي ڪردار ادا ڪيو جيئن سنڌي پاڻ ۾ ڪڏهن به رٺل نہ هجن، سدائين متحد هجن تہ جيئن پنھنجي زندگيءَ جي هر مسئلي کي آسانيءَ سان حل ڪري ترقي ڪري سگهن. انهيءَ سوچ ويچار کانپوءِ سنڌ ۾ رهندڙ سڀني برادرين کي متحد ۽ خوش رکڻ جو خواب اکين ۾ سانڍي بشير خان، شاهہ سائين جو رسالو، نياڻيون، سيد ۽ پارٽيءَ جا ڪارڪن ساڻ ڪري سنڌي قوم جي ستل ضميرن کي جاڳائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، بشير خان ان پاسي کان گهڻي حد تائين ڪامياب ويو.
    هن سماج ۾ بشير خان قريشيءَ زندگيءَ جا سڀ پاسا بلند رکيا، جنھن جي ڪري تاريخ ۾ پنھنجي تاريخ جوڙي ويو. تاريخ بہ اهڙي شاندار جو 300 کان مٿي ميڙ منٿ قافلا ماڻهن کي پرچائڻ ۾ ڪامياب ويو، 100 کان مٿي وڏن جهيڙن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو. سنڌ بشير خان جھڙن پُٽن لاءِ صدين تائين واجهائيندي رهندي.
    آخر ۾ سنڌ جي سقراط لاءِ شاعر جون سِٽون تہ:
    ڪڏهن موت کان نه دلڙي ڊني آ،
    اسان سنڌ توکي حياتي ڏني آ.
    اڙي دوستو! هي ڌرتي سنڀاليو،
    اسان جي حياتي دَڳ ۾ پُني آ.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو