لطيفيات

'تعارف' فورم ۾ Ahsan Ali Rind طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2020۔

  1. Ahsan Ali Rind

    Ahsan Ali Rind
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏31 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    Zameendar
    ماڳ:
    Tando muhammad khan
    گِهـڙِي گَهـڙو هَـٿِ ڪـري، ٻَھُـون نِھـاري ٻَنـگُ،
    وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ، اِيءُ لَنگهِيائِين لَنگُهہ،
    سِڪَندِيَنِ کي سَيّدُ چـٖي، ڪِينَ جَهلِيندو جَهنگُ،
    راتِ جَـنِـيـن جـو رَنـگُ، اَلا! سٖـي اُڪـارِيـٖيـن.

    سُر ... سھڻي، داستان ... پھريون، بيت نمبر ... ٬٬١٢٫٫
    (محقق - شاهواڻي ۽ گربخشاڻي)

    ┋ ساڳين بيت جي آخري سٽ!!
    رات جني جو رنگ، '' آران '' سي اڪاريين. (بلوچ)┋

    ــــ معنيٰ ۽ شرح ــــ

    وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ، ... وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ وَ نَهَى النَّفۡسَ عَنِ الۡهَوٰىۙ

    ۽ جيڪو ماڻهو پنهنجي پالڻهار جي سامهون بيهڻ کان ڊنو هوندو ۽ نفس کي (برين) خواهشن کان روڪيو هوندائين.
    (فُيُوضُ الفُرقان - پِير محمد ڪرم الله الاھي (دلبر سائين)
    سورة النّٰزِعٰتِ آيت 40
    https://quran.sindhsalamat.com/ssq?surah=79&tarjmo=fuyoozulquran#40

    ساڳين آيت ... جيڪو پنھنجي رب اڳيان ڪنبي ٿو(۽ پنھنجي نفس کي حرص ۽ هوا کان روڪي ٿو، تہ پوءِ بھشت سندس رهڻ جي جاءِ ٿيندي.)
    (معنيٰ .. مؤلف - شاهواڻي)

    ساڳين آيت ... هي آيت سورة النازعات جي ٬٬٤٠٫٫ هِين آيت جو بيت ۾ ڀاڱو ڏنل آهي، ساري آيت هن ريت آهي؛
    ؟
    وَ اَمَّا مَنۡ خَافَ مَقَامَ رَبِّهٖ وَ نَهَى النَّفۡسَ عَنِ الۡهَوٰىۙ،﴿٤٠﴾ فَاِنَّ الْجَنَّةَ هِیَ الۡمَاۡوٰىؕ﴿۴۱﴾
    ... يعني - جيڪو پنھنجي رب جي اڳيان بيھڻ کان ڊڄي ٿو ۽ پنھنجي نفس کي حرص هوا کان روڪي ٿو، تہ پوءِ ضرور جنت سند رهڻ جي جاءِ ٿيندي:

    اِيءُ لَنگهِيائِين لَنگُهہ، ... سھڻي مٿين آيت ۾ ڄاڻايل طريقي تي قابو رهي، حرصن هوشن تي غالب پئجي، دوست جي ديدار پسڻ لاءِ، سر جو سانگو لاهي، ڪُن ۾ ڪاهي پئي.

    جَهنگُ ... هن لفظ جي معنيٰ ظاهر آهي؛ پر هتي مراد اٿس: خوف ۽ خطرا، جسماني توڙي روحاني.
    (محقق - گربخشاڻي)

    چونڊ - ناچيز احسان علي رند
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو