سال 2020 وڃي پيو

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ابن الھيار طرفان آندل موضوعَ ‏31 ڊسمبر 2020۔

  1. ابن الھيار

    ابن الھيار
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏24 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    7
    ورتل پسنديدگيون:
    2
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    شاگرد (تعليم حاصل ڪرڻ).
    ماڳ:
    ڳوٺ نھانء (طاهر نانگور ) تعلقه محراب پور .
    السلام عليڪم
    عيسوي سن جو نئون سال شروع ٿيڻ وارو آهي الله عزوجل کان اهو سال بابرڪت ۽ پر امن ڪري گھرئون ٿا. (آمين)
    سال ۽ ڏينهن سڀ انسان جي زندگيء کي هڪ اصول ۽ ضابطي سان هلائڻ لاء آهن. نه ڪنهن سال لاء ماتم ڪرڻ مناسب آهي نه وري ڪو جشن لازمي آهي. سال زندگي ماپڻ جو هڪ ماپو آهن، تنهن ڪري انهن جي گذرڻ تي ڌيان ڏيڻ گھرجي. انهن ئي سالن مان ڪو هڪ اسان جي لاء آخري ٿي سگھي ٿو. ان ڪري وڏي احتياط سان رهڻ گهرجي. ڪنهن به ساهوندي شيء سان اهڙو ورتاء نه ڪجي جو هو بيچين محسوس ڪري. اها انسان جي فطرت آهي ته غلطي ٿي پوندي آهي۔ پر ان سان گڏ آدم جي اها به فطرت آهي ته غلطي ٿي وڃڻ کان پوء ان کي تسليم ڪرڻ ۽ ان جي معافي وٺڻ. جڏهن ته غلطي ڪري ان کي غلطي ئي رهائڻ شيطاني خاصيت آهي ۽ شيطان جو ڪم آهي. اسان سڀ انسان آهيون ۽ لازمي غلطيون به ڪيون آهن. اول ته اسان خلقڻھار جا ڏوهي آهيون پوء رشتن جا پوء سڀني احساس رکندڙ شين جا. ان ڪري اسان کي انسان هجڻ ناتي جڳائي ته پنهنج غلطيون تسليم ڪري معافي وٺون. انسان کي ته سڄي عمر پنهنجو پاڻ حساب ۾ رکڻ گھرجي، پر گهڙي جي سين جي ڦيرڦار تي اسان جو ڌيان اوڏانهن گهٽ رهي ٿو، حالانڪه گهڙي جون سيون هر وقت اهو احساس ڏيارن ٿيون ته حياتي ٿوري پئي ٿئي. پر جڏهن هلندي هلندي تاريخ جا انگ مٽبا آهن ته پوء شدت سان احساس ٿيندو آهي. گذري ويل زندگيء تي هڪ سرسري خيال لڳائبو آهي. اهو عجيب ناهي۔ اهو احساس ته گھڙيء سيء جي ڦيرڦار تي به ڪرڻ گهرجي۔ نه ڪي رڳو تاريخ جي انگن مٽجڻ تي. جي اوهان هيسيتائين پڙهي چڪا آهيو ته هاڻ منهنجو هڪ عرض آهي، مون کي خبر ناهي پر پڪ آهي ته ڪا غلطي ٿي آهي. مھرباني ڪري مون کي معاف ڪريو ۽ منهنجي پاران آيل ڏک کي ميسارڻ ۾ منهنجي مدد ڪريو. ڇا خيال آهي اوهان جو ته تاريخ جي گهڙيال ۾ مٽجندڙ انگن جي موقعي تي ڪهڙو تحفو هجڻ گهرجي..................؟
    معافي.......، ساٿ..........،ٺاھ............،خوشي.......يا ٻيو ڪجھ.......................
    الله تعالي سال 2020 ۾ ڪيل غلطيون معاف ڪري ۽ سال 2021 ۾ امن امان، نيڪي،سڪون،الفت،خوشحالي ۽ صحت سان هلائي، زندگيء جا رهيل سال پنهنجي رحم سان رهائي. آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو