پي.ايس 43 سانگھڙ (ڄام نوازعلي) تي ٿيندڙ ضمني چونڊ ۾ پي.ٽي.آئي جي خام خيالي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد رفيق (ايم رفيق رافع) طرفان آندل موضوعَ ‏5 جنوري 2021۔

  1. محمد رفيق (ايم رفيق رافع)

    محمد رفيق (ايم رفيق رافع)
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 نومبر 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ماڳ:
    ميرپُورخاص
    پي.ٽي.آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ سانگھڙ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پي.ايس 43 ڄام نواز علي جي تڪ تي ٿيندڙ ضمني چونڊ لاءِ پي.ٽي.آئي طرفان اميدوار جو اعلان ڪيو آھي.

    ھونئن تہ ضلعي سانگھڙ ۾ صرف ۽ صرف فنڪشنل ليگ/جي.ڊي.اي ۽ پ پ ھڪٻئي جا روايتي حريف ۽ وڏو ووٽ بينڪ رکندڙ سياسي پارٽيون آھن ۽ ھر اليڪشن ۾ ھميشہ ھڪٻئي کي ٽف ٽائيم ڏينديون آهن.

    ھن وقت ڄام خاندان سياسي طور ٽن مختلف سياسي پارٽين ( پ پ، جي.ڊي.اي ۽ پي.ٽي.آئي) ۾ ورھايل آھي، ڄام مدد علي خان جي اچانڪ ۽ المناڪ وڇوڙي سبب پي.ايس43 تي ضمني چونڊ جو ٿيڻ نہ صرف ڄام خاندان پر علائقي جي عوام لاءِ تمام گھڻو تڪليف دہ عمل آھي جنھن ڪري ڄام خاندان جي سربراھ ۽ جي.ڊي.اي اڳواڻ ڄام ذوالفقارعلي خان جي ھدايتن تي ڄام خاندان سان تعلق رکندڙ پي.ٽي.آئي اڳواڻ ڄام فاروق علي خان ۽ جي.ڊي.اي اڳواڻ ڄام نفيس علي خان 16 فيبروري تي ٿيندڙ ضمني چونڊ تائين پنھنجون سياسي سرگرميون معطل ڪري ڇڏيون آھن ان سلسلي ۾ ڄام ذوالفقارعلي خان اعليٰ حضرت پير صاحب پاڳاري کي نہ صرف پنھنجي فيصلي کان آگاھ ڪيو پر درخواست ڪئي تہ پ پ طرفان نامزد ڪيل اميدوار ڄام شبير علي خان جي سامھون جي.ڊي.اي طرفان ڪوبہ اميدوار نامزد نہ ڪيو وڃي جيڪا درخواست پير صاحب پاڳاري پنھنجي اعلي ظرفي جو مظاهرو ڪندي فراخدليءَ سان قبول ڪئي ۽ اعليٰ حضرت پير پاڳاري جي.ڊي.اي طرفان ڄام خاندان جي پ پ طرفان نامزد اميدوار ڄام شبيرعلي خان جي سامھون ڪوبه اميدوار نامزد نہ ڪرڻ جو اعلان ڪيو جنھن سان پوري تڪ پي.ايس 43 جو عوام ۽ بالخصوص ڄام خاندان جو راڄ ڀاڳ پيرصاحب پاڳاري ۽ ڄام ذوالفقارعلي خان ۽ جي ان فيصلي کي عزت جي نگاه سان ڏسندي تمام گھڻو ساراھي رھيو آھي.

    جيئن ته ھن تڪ سميت پوري سنڌ ۾ فنڪشنل ليگ ۽ پ پ ھڪٻئي جا روايتي سياسي حريف آھن ۽ اھڙو مثال ماضي ۾ نٿو ملي تہ ڪٿي بہ ھنن ٻنھي پارٽين ڪنھن تڪ ۾ پنھنجو بھترين ووٽ بينڪ ھجڻ باوجود پنھنجن اميدوارن کان ھڪٻئي سامھون ھٿ کڻايا ھجن يا ھڪٻئي سامھون اميدوار نامزد نہ ڪيا ھجن.

    ھي فيصلو اعلي حضرت پير صاحب پاڳاري ۽ ڄام ذوالفقارعلي خان جي اعلي ظرفي کي ظاھر ڪري ٿو پر ٻئي طرف پي.ٽي.آئي آھي جيڪا پوري تڪ ۾ پنج ھزار ووٽ بہ نٿي رکي ۽ پي.ٽي.آئي جو ھڪ اھم اڳواڻ ڄام فاروق علي خان جيڪو مرحوم ڄام مددعلي خان جو سئوٽ پڻ آھي جنھن خاندان تي آيل سوڳوار صورتِحال جي ڪري پنھنجي پارٽي جي اعليٰ قيادت سان چونڊ سرگرمين لاءِ معذرت پڻ ڪئي جنھن جي سانگھڙ ۾ پي.ٽي.آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ نہ صرف تصديق ڪئي بلڪہ پيرصاحب پاڳاري، ڄام ذوالفقارعلي خان، ڄام فاروق علي خان ۽ ڄام نفيس علي خان جي 16 فيبروري تي ٿيندڙ اليڪشن بابت ڪيل فيصلي کي ساراھائيندي ڄام خاندان سان ذاتي واسطن، محبتن ۽ عقيدت جو پڻ اقرار ڪيو پر گڏوگڏ پنھنجي سياسي پارٽي جي موجودگي ۽ جمھوري عمل جو جواز ڄاڻائي ڄام خاندان جي اميدوار جي سامھون پنھنجو اميدوار به نامزد ڪيو آھي.

    پي.ٽي.آئي اڳواڻ حليم عادل شيخ جي سانگھڙ ۾ ٿيل پريس ڪانفرنس مان اندازو ٿئي ٿو تہ سچ ۾ عمران خان جي ٽيم ۾ شامل سياسي صلاحڪار درست ناھن ھن وقت ھنن وٽ کيڏڻ لاءِ بھترين سياسي پتو ۽ موقعو ھو جيڪو ھي وڃائي ويٺا آھن. اھو تہ ھي پاڻ بہ بخوبي ڄاڻن ٿا تہ ھن تڪ ۾ ھڪ تہ پي.ٽي.آئي جو ووٽ نہ ھئڻ جي برابر آھي ٻيو تہ ھن تڪ ۾ ووٽ بنڪ رکندڙ جي.ڊي.اي بہ پ پ اميدوار جي حق ۾ پنھنجو اميدوار نامزد نہ ڪيو آھي پي.ٽي.آئي سنڌ جي اڳواڻن کي گھرجي ھئا تہ ٻيو نہ تہ سندن اھم اڳواڻ ڄام فاروق علي خان جو ئي مان رکندي اھو چئي پنھنجو اميدوار نامزد نہ ڪن ھئا تہ اسان جي پ پ سان سياسي مخالفت پنھنجي جڳھ تي برقرار آھي پر اسان پنھنجي ساٿي ڄام فاروق علي خان ۽ ڄام خاندان سان دوستي، عقيدت ۽ محبت ھئڻ ڪري اسان بہ ڄام خاندان جي نامزد اميدوار ڄام شبير علي خان جي سامھون پنھنجو اميدوار نامزد نہ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي. پي.ٽي.آئي جي ان عمل سان نہ صرف سندن ساٿي ڄام فاروق علي خان جي حوصلہ افزائي ٿئي ھئا بلڪہ سانگھڙ بالخصوص پي.ايس 43 جي عوام ۾ حليم عادل شيخ ۽ عمران خان جي بلڪہ پوري پارٽي جي عزت ۽ وقار وڌي ھئا ۽ ھنن کي بہ ماڻھون ائين خراجِ تحسين پيش ڪن ھئا جيئن پيرصاحب پاڳاري ۽ ڄام ذوالفقارعلي خان کي پيش ڪري رھيا آھن.
    [​IMG]
     
    آخري ترميم: ‏5 جنوري 2021

هن صفحي کي مشهور ڪريو