فقير محمد سنڌي - وڻندڙ نثر جو ليکڪ، شاعر جي روپ ۾......!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏6 جنوري 2021۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    فقير محمد سنڌي ــــ وڻندڙ نثر جو ليکڪ، شاعر جي روپ ۾ . . .
    حسيب ناياب منگي
    سنڌي ادب جي موجوده دور ۾ تاريخ ۽ ڪردارن جي تذڪرن سان جن قلمڪارن جوانيءَ ۾ ئي پاڻ ملهايو آهي، انهن ۾ فقير محمد سنڌي به شامل آهي، جنهن کي آئون بنيادي طور تي نثر نويس سمجهندو آهيان، ڇو جو ڏيهي توڙي پرڏيهي شخصيتن جا خاڪا ۽ تاريخ جا ورق لکندو ۽ سهيڙيندو نظر ايندو آهي. هن جي محنت ۽ ڪوشش کي ڏسي ان ڳالهه جو اظهار ڪرڻو پوندو آهي ته نثر جي پاسي ڏي تاريخ سان دلچسپي رکندڙن جو تعلق اگر ايترو ئي مضبوط ۽ تيزي سان رهندو آيو ته نثر جي بلندي نظم کان به وڌي ويندي. فقير محمد سنڌي جنهن سان منهنجو تعلق پڙهڻ جي حد تائين ته پراڻو آهي پر هڪ ٻئي جي ويجهو تمام ٿورڙي وقت کان ٿيا آهيون. مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن جي شخصيت ۾ اهڙو اثر آهي جو جلدي ۾ غير کي پنهنجو بڻائي ڇڏيندو آهي. پاڻ ته آهي ئي سڀني جو! صرف شاعرن سان ئي نٿو نڀائي، هو ته اديبن، گلوڪارن، صحافين ۽ سياستدانن جا به خاڪا لکي چڪو آهي. وقت نه هوندي به وقت ڪڍي لفظن سان راند کيڏڻ ڪو سولو ڪم ڪونهي. پر مون کي هتي اهو لکندي خوشي پئي ٿئي ته اسان جا ليکڪ تاريخ ۾ دلچسپي وٺندي تحقيق ڪري ڪي ٺوس ثبوت ۽ مستند حوالا ورقن جي زينت بڻائي ادبي فرض ادا ڪرڻ ۾ جيڪو وس نٿا گهٽائن سا اسان جي ادبي حصي جي ڪاميابي آهي. فقير محمد سنڌي ته ان حوالي سان پنهنجي همعصرن ۾ تمام گهڻو نڀاهيو آهي. هڪ قلمڪار جي اها ڪوشش ڪامياب ويندي آهي ته هو پنهنجي دور جي نوجوانن کي معلومات پيش ڪري، مون کي اها پڪ آهي ته فقير محمد جي پورهئي مان اسان جي پڙهندڙن گهڻو لاڀ حاصل ڪيو هوندو، ڇو جو فقير محمد سنڌي جاکوڙي قلمڪار آهي ۽ گهڻي محنت سان پنهنجو پيار جو پورهيو سنڌي ادب جي جهوليءَ ۾ شامل ڪندو رهي ٿو.
    فقير محمد سنڌي نثر نويس سان گڏ بهترين طبعيت جو مالڪ آهي. سٺو دوست ۽ ڌرتي سان وفادار آهي. هن جي شخصيت جو هڪ پهلو صحافت سان به ڳنڍيل آهي. پنهنجي ڪم سان سچو ۽ مخلص رهي ڪري هن جيڪا عزت حاصل ڪئي آهي ۽ محبت جا موتي ميڙيا آهن تن جو حقدار به آهي. ڪهاڻيون به لکندو رهي ٿو. سندس ڪهاڻين جو موضوع به سماج جا اهي ماڻهو آهن جيڪي ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا شڪار ٿيا آهن. مظلومن جي فرياد ۽ ظلم توڙي ظالم لاءِ للڪار ثابت ٿيڻ جا مثال سندس ادبي پورهئي ۾ نظر اچي رهيا آهن. اها قدرت جي خاص عطا آهي يا ڏات جي رضامندي جو هو هڪ ئي وقت مختلف ادبي حصن ۾ پنهنجو تخليقي پورهيو شامل به ڪري ٿو ۽ ڪامياب به ٿي ڏيکاري ٿو.
    فقير محمد سنڌي جو پورهيو صرف اخبارن ۽ رسالن ۾ ئي ڇپيل نٿو ملي سندس تخليقي ۽ ترتيب ڏنل ادبي پورهيو ڪتابن جي صورت ۾ به پڌرو ٿيو آهي. هو پنهنجي ڪم سان سچو آهي ۽ سچائي سان پنهنجو ادبي پورهيو ڪري رهيو آهي.
    فقير محمد سنڌي شاعر به آهي. هن جي شاعريءَ ۾ خلوص، وفاداري، ويجهڙائپ، پنهنجائپ، عملي سجاڳي، محبت، محبوب جي ساراهه، پيار ۾ دغا، ڌرتيءَ سان وفا ۽ ٻيا گهڻا ئي سبق ملن ٿا. فقير محمد سنڌي غزل ۽ نظم ته خوب لکي ٿو پر واين ۾ ته ڪمال جي گهرائي ۽ واه جي بياني آهي. هن جي اندر جو آواز مون کي پرين کي ڏنل دعائن ۽ بلبلين جي نغمن جهڙو ٿو لڳي. هن جي شاعري بيضميرن لاءِ ڪنڊو ۽ وطن جي وفادارن لاءِ موتين جي دٻلي مثل آهي.
    فقير محمد سنڌي جي شاعري احساسن جا اولڙا ۽ انسان جي اندر ۾ اڌمن جا عڪس سمايل آهن. هن جي شاعري ۾ اوندهه کانپوءِ روشني ۽ ماٺ کانپوءِ گونج جڏهن پيش پئي ٿئي ته شاعريءَ جو مقصد واضح ٿي اسان جي سامهون ٿو اچي ته شاعر حقيقت جو حوالو پيش ڪندو آهي ته اميد جي روشني به ڏيکاريندو آهي. پنهنجي اجرن خيالن سان بيجان لفظن ۾ روح وجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. فقير محمد سنڌيءَ جون وايون به اهڙي طرز جون سرجيل ٿيون محسوس ٿين:
    ديپ ٻاري هلو،
    يار جي پار ڏي.
    يار ساري هلو،
    واڳ واري هلو.
    يار جي پار ڏي.
    واري واري هلو،
    پر پڪاري هلو.
    يار جي پار ڏي .
    ڌن ڌڪاري هلو،
    غم وساري هلو.
    يار جي پار ڏي
    دل ڌتاري هلو،
    سڀ قطاري هلو.
    يار جي پار ڏي.
    يار جي پار ڏي.
    فقير محمد سنڌي جي غزلن ۾ محبت جا رنگ پنهنجا عڪس چٽا ٿا ڏيکارين. هو واعدن، اقرارن، وفائن ۽ چوٽ لڳڻ جي حالتن کي خوبصورتي سان بيان ٿو ڪري. هن وٽ درد ۾ به دلاسو آهي ۽ پنهنجي ارادن ۾ پختگي ۽ حوصلي جي بلندي جو ڏس ٿو ڏيئي:
    ملن کڻي جي سوين سزائون وچن وفا جا،
    نڀائبا، ساڻ ولولا سڀ بلند آهن.
    فقير محمد سنڌي جي ڪلام ۾ محبت جي ڳالهه سان گڏ ديس جي ڳالهه ۽ ديس وارن کي همت ۽ حوصلي جي سبق ڏيڻ جو مثال به ملي ٿو:
    تون ڪيل پنهنجا وچن واري نه ڇڏ،
    ڏي اچي پاڻي پرين اقرار کي.
    سنڌ ۾ ڇو نفرتن جو ڄار آ،
    آءُ ٽوڙيون پاڻ “سنڌي” ڄار کي.
    فقير محمد سنڌي جا چوسٽا به لاڀائتا ۽ اثرائتا آهن. هن محنت ۽ محبت سان پنهنجي پورهئي کي پيش ڪيو آهي. سندس نثري جاکوڙ کيس تاريخ جي صفحن ۾ محنتي ثابت ڪندي جڏهن ته شاعري وارو پورهيو کيس لفظن جو ڪاريگر شاعر بڻائيندو ڇو جو هن وٽ شعر ۾ رومانويت سان گڏ سماج جي عڪاسي پيش ڪرڻ جو به ڏانءُ آهي.
    پرين پيار وارو گهٽين ۾ ائين،
    پيم يار ڇرڪي، اويلو ڏسي،
    نهاري قدم تيز کڻندي وئي،
    پئي ڌڙڪي دلڙي اڪيلو ڏسي.
    ـــــــ
    وڏي ڪري دل، قدم وڌايو،
    جفا جي بدلي وفا ڪندو ڪر،
    ڏسو نه ماڻهو جي ذات ڇاهي،
    خطا جي بدلي عطا ڪندو ڪر.
    اسان جو پيارو ساٿي فقير محمد سنڌي لاڙڪاڻي ۾ 7 جنوري 1983ع تي پنهنجي والد دين محمد جي گهر ۾ پيدا ٿيو، ديني علم سان گڏ دنياوي سندون به حاصل ڪيون اٿائين. ريڊيو پاڪستان سان به وابسته آهي. ادبي تنظيمن ۾ به پنهنجون لياقتون پڌريون ڪندو رهي ٿو. خدا کيس خوش رکي ۽ صحت عطا فرمائي. آمين



    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو