ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي مجموعي، "کليل دريءَ جو درد " جو جائزو..!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏11 جنوري 2021۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    ممتاز لوهار جي ڪهاڻين جي مجموعي "کليل دريءَ جو درد" جو جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي
    حافظ شيرازي جو سونهن بابت خيال آهن ته :"سونهن فقط محبوب جي چال ۽ هلڻ چلڻ ۽ رفتار ۾ نه آهي، ڪيتريون ئي ادائون آهن، محبوبن جون جن جو اڃا تائين نالو به نه رکيو ويو آهي." ممتاز لوهار جون ڪهاڻيون به اهڙيون آهن جن جي من جي دري هر ويل ڪنھن ڪهاڻي ۽ عنوان لاءِ آتي رهي ٿي. ڪهاڻي "کليل دريءَ جو درد " جيڪو ڪتاب جو نالو به آهي ۽ ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي، جيڪا لاڙڪاڻيءَ جي روڊن تي ڪيترا ڀيرا ڪهاڻيءَ جو ڪردار مون پنهنجي اکين جي سامھون گذرندي به ڏٺو آهي. انهيءَ ڪردار کي ممتاز لوهار ويتر ممتاز بڻائي ڇڏيو آهي. "کليل دريءَ جو درد" ڪهاڻي جو ڪجھ عڪس ته: "پنهنجي زال کي پنهنجي ڀاءُ سان ستل ڏسي سگهندين؟" ان جملي مون کي واچوڙي وانگر ڦيراٽيون ڏياريون..... ڳپل وقت خاموش بيٺو رهيس پوءِ پنھنجو پاڻ سان ڳالهايو هئم". ڏک جي ماپ جو احساس ڪهاڻيڪار جي لفظن ۾ جڙيل منظرن ۾ آس جو نغمو آهستي آواز محسوس ٿيندو آهي. جيڪا ڪهاڻيءَ سان گڏ انهن منظر ۾ پنھنجو معيار رکندو آهي . ممتاز لوهار جي 19 ڪهاڻين جا منظر به حسين کان حسين آهن. "جيون ڦاٽل بوٽ" ڪهاڻي جو مرڪزي حصو:- "چريا ڀوڳ ٿي ڪريانءِ، ائين ئي چيڙايانءِ پئي" منهنجي من مڃيو ئي نه هو ته، اهو ڪو ڀوڳ هو. اهو ته تنهنجي اندر جو دٻيل سچ لڳو هو. الائي ته ڪڏهن کان خونخوار شينھن جھڙي ان جملي کي پنهنجي ذهن جي پڃري ۾ واڙي رکيو هيئي. " زندگي بهارن جو جهوٽو آهي بهار روانو به ٿورن ڏينهن ۾ ٿيندو آهي. باقي زندگي لاءِ گھڻي ڀاڱي لڪ ئي لڪ آهي. سنڌ جي مهان ڪوي شيخ اياز جي زندگيءَ متعلق راءِ آهي ته :-" زندگيءَ جي انتها تي پھچي، مان سوچيان ٿو ته، مون اڃا ابتدائي ڪٿي ڪئي آهي."ائين ممتاز لوهار ڪهاڻي" جيون ڦاٽل بوٽ جو زندگيءَ لاءِ معني خيز جملا قلمبند ڪيان." تون سچ چوندي هئينءَ ته، خالي اصولن سان خوشگوار زندگي نه ٿي گذاري سگھجي، حالتن سان سمجهوتو ڪري پنهنجي اصولن کي پٺي ڏئي هلندڙ ماڻهو ئي خواهشن جي ڪاڪ محل ماڻيندا آهن."
    جيڪي فرد زندگيءَ کي سڃاڻڻ ٿا اُهي الفت جي هر راز کي ماڻي وٺندا آهن. ممتاز لوهار وٽ ڪهاڻيءَ جو فن، شاعريءَ جو اتساھ، مصوريءَ جو شاهڪار فن ۽ ترنم جي سنگم کي ڄاڻي ورتو آهي. تڏهن ته زندگيءَ جي کليل دريءَ جو درد ڪهاڻيءَ ۾ آساني سان سمجهائي ويو آهي. ڪنول پبليڪيشن، قنبر جو 274هون ڪتاب "کليل دريءَ جو درد" جي ارپنا، سنڌي ٻوليءَ جي برجستن ڪهاڻيڪارن ضراب حيدر، طارق قريشي، منور سراج، امر لغاري، مجيب اوٺو ۽ انور ڪاڪا جي نانءُ ٿيل آهي. مجيب اوٺو، ممتاز لوهار جي ڪهاڻين لاءِ لکي ٿو ته :- هيءُ ڪهاڻي ڪتاب ٻٻرن جو هڪ ٻيلو آهي، اهو ٻيلو سنڌي سماج آهي........ جنھن مان گذرندي اوهان کي ڪيترائي ڪنڊا لڳندا، اهي ڪنڊا اوهان کي پيرن ۾ به پر اوهان جي روح کي لڳندا.
    ممتاز لوهار جي ڪهاڻي " ڌوتل وڳو ميرو بدن"روح کي وک وک تي زخمي ڪري ٿو وجھي. هر فرد وٺ احساس پنھنجو آهي، شهرين جا ڏک پنھنجا آهن ۽ وري ٻهراڙيءَ جي رهندڙن جا احساس رهڻي ڪهڻي پنهنجي آهي. ممتاز لوهار جي ڪهاڻين ۾ شهرين جا احساس ۽ ٻهراڙين جا احساس نمايان طور تي پڙهندڙن جي آڏو آهن. رابعه چنا، جيڪا ممتاز لوهار جي جيون ساٿياڻي آهي. جنھن ممتاز لوهار لاءِ مختصر ڪهاڻيءَ جو روپ هن مضمون ۾ من جي اظهار طور ڪيو آهي . "يار! مان فقير ماڻهو آهيانءِ، مون سان حساب نه ڪندي ڪر." ممتاز! تنهنجي ان جملي جي نماڻائپ منجهان مون کي تنهنجي دل ۾ پنهنجي لاءِ سدائين پيار ۽ اُلڪو محسوس ٿيندو آهي.
    ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نامياري ڪهاڻيڪار ضراب حيدر لکيو آهي جنهن ڪهاڻي جي فن، فڪر ۽ تاريخ تي جامع نموني سان لکيو آهي." قديم زماني ۾ جڳياسو ان شخص کي چيو ويندو هو، جيڪو ايشور ۽ برهمڻ سان واسطو رکندڙ آتمڪ( روحاني ) سوالن جا جواب ڏيندو هو. جڳياسا هندو مت جي هڪ ذات آهي /ڌرمڪ ماڻهن جو هڪ قسم آهي. پر اڄوڪي دور ۾ سوچيندڙ /ويچار ڪندڙ ماڻهن اهو محسوس ڪيو ته برهمانند جي رچنا ۽ انسان جي رچنا ۾ ڪوبه فرق ڪونھي. سنڌي ڪهاڻي هڪ سئو سالن کان. مٿي جو سفر ڪري چڪي آهي، ڪهاڻيءَ جي ان قافلي جو هڪڙو ڪهاڻيڪار ممتاز لوهار به آهي. جيڪو ڪيترن سالن کان ڪهاڻيون لکي رهيو آهي. 2013ع ۾ سندس ڪهاڻين جو پهريون مجموعو اڻپورا وجود مڃتا ماڻي چڪو آهي. ڪهاڻيڪار يا آرٽسٽ، سياسي نعري بازي يا وري ڪنهن دڪانداريءَ جو حصو نه ٿيندو آهي، ها پر انھن جي اصل تصوير پنهنجي ڪرافٽ جي رنگن سان چٽيندو آهي. مون لاءِ ڪهاڻي نه ڪو قصو ٻڌائڻ جيان آهي نه وري اونده ۾ تير اڇلائڻ، مان ڪهاڻي کي يا ته هنر سمجهان ٿو يا وري آرٽ جيڪو ڏات جي عرق مان ريفائن ٿيل ڪو امرت هوندو آهي".
    ڪهاڻي، رات وچ۾....... جو ڪجھ حصو" نڀاڳي! مرشد جاڳي پيو ته پوءِ؟؛ ربڏني جا هٿ ڪجلا جي جسم جي ميدان تي ننڍڙي ٻار جيان بانبڙا پائيندا رهيا. " ڪونه ٿو جاڳي تنهنجو مرشد..... سائين وڃي ستين آسمان تي پهتو." ڪجلا ٽهڪن ۾ پئجي وئي هئي جو ربڏني وات تي هٿ ڏئي ورتس." مارائيندينءَ ڇا!؟...... آهستي ڳالهاءِ..... چڱو جلدي ڪر، چولو مٿي ڪر." اهڙا ڪيترائي جملا هن ڪهاڻي ۾ اڄ جي سماج جي عڪاسي ڪن ٿا.
    لمحو لمحو پل زندگيءَ جو ڪهاڻي آهي، جا ڪنهن نه ڪنهن مقصد ۾ گذري ٿي. اپسرا لوهار جي ذهني صلاحيت جو پاسو ۽ خيال جو مرڪز به ڪنهن ڪهاڻي کان گهٽ ڪونهي. لکي ٿي ته :"بابا! منهنجي زندگيءَ جو هر اهو لمحو حسين آهي، جيڪو توهان سان گڏ ۽ توهان جي سامهون گذريو آهي. بابا! توهان کي رب پاڪ وڏين نعمتن سان نوازيو آهي. توهان جو ڳائڻ، شاعري، ڪهاڻيون، ڊرائنگ ۽ توهان جي نرم طبيعت ڏسي دعا ڪندي آهيان ته، شال ھر ڌيءُ کي توهان جھڙو پيءُ ملي. بابا! جيڪڏهن ٻيو جنم ملي ها ته، مان رب کي ٻاڏائي چوان هان ، "مون کي ٻئي جنم ۾ به منهنجو پيءُ، ممتاز لوهار ئي گهرجي."
    ممتاز لوهار جي ڪهاڻين ۾ حقيقي ڪهاڻين جو عڪس نمايان طور تي نظر اچي ٿو، جنهن ۾ هو پڙهندڙ کي پنهنجي ويجهو آڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ، جيڪا ممتاز لوهار جي فني لحاظ کان وڏي ڪاميابي آهي.جڳھ مشهور ليکڪ برائن ٽريسي جو خيال آهي ته :" انساني ذهن جي صلاحيت هڪ اهڙي سمنڊ وانگر آهي، جنهن کي اڃا پوري نموني معلوم نه ڪيو ويو هجي. ان ۾ هڪ اهڙي دنيا ڳولي سگهجي ٿي،جنهن ۾ چڱائيءَ جون تمام وڏيون لهرون اڀري، توهان جي زندگيءَ کي ڪاميابيءَ جي رخ ڏانهن موڙي سگهن ٿيون."
    سنڌ جو سڃاڻ ليکڪ منصور ٿلهو، ممتاز لوهار لاءِ ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي پنهنجي راءِ هن ريت قائم ڪئي آهي ته :" ممتاز لوهار پنهنجي ڪهاڻين ۾ نئين روايتن کي جنم ڏئي ٿو، جيڪي شڪ جي دائري کان ٻاهر آهن، ممتاز لوهار ايندڙ وقت جو سھڻو ڪهاڻيڪار آهي، کيس هن ڪتاب تي واڌايون هجن."..
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو