مهان بابا پوڄاري

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2021۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڪهاڻي
    اصغر جمالي
    مهان بابا پوڄاري

    ______________________--________________
    ڏوڪار جي سٽلين جا ھِيل خوشي مان چهرا مهڪي پيا هئا ساوڻ جي برسات سرهائي ارپي هئي پلر جي پالوٽ سان پٽن تي ٺاھ ٿيا هئا گسن تي گاھ ٿيا هئا هارين هر سنباهيا هئا سانگين کي سک سلامتي جا ڏئيا روشن ٿيندي نظر اچڻ لڳا هئا ڏونگر به سبز ٿيڻ جا آثار ارپي رهيا هئا سنگھارن پنهنجي ڌڻ کي ولھارن جا ولر ڪري سبز ساوڪن ڏانهن هڪلڻ شروع ڪيا هئا جڏهن وڄون لعل لبيس پھري ڪنهن نرتڪڻي جيان رقص پئي ڪيو سارو ٿر بر خوشي ۾ جشن ڪري رهيو هو چارو طرف سارنگ ڇيڙي پيو هو سانگين جو اکوپکو سڀ قبول ٿي ويا هئا ڌرتي جا سڪي ٺوٺ ٿي وئي هئي ان جي مٽي مان به هُٻڪار فٽڻ شروع ٿي هئي مال جيڪو سڪي ٺوٺه ٿي ويو هو کير سڪائي ويو هو انهن ٿڻ ۾ کير جون نديون وهائڻ جا پئي سنباها ڏنا وڻن ۽ ٻوٽن ۾ ساوڪ اڀري پئي هئي چونرن پکن تي وڻ ويڙهي جي ول ڪکن سرن کي ڍڪي سائوا ڪري رنگ برنگي گل ٽڙي ڇڏيا هئا ڪٿي گلابي گل ٽڙيل هئا ڪٿي گاڙھ ته ڪنهن پکيءِ جي مٿان نيرا گل سونهن جا منظر ٿئي ڀاسيا تفريح ۽ تاريخي ماڳن تي ميلا مچي ويا هئا ٿر جي سونهن پسڻ لاءِ ماڻهن ڪوهن جا ڪوھ پنڌ ڪري لطف وٺڻ لاءِ ڪي هن سر زمين تي پهچي ويا هئا ته ڪي رستي ۾ هئا ته ڪي پنهنجي اکين کي هن سونهاري سبز ڌرتيءَ جي ٿڌاڻ سان پنهنجي اکين جي نور ۾ واڌارو پسندي هتان هليا ويا هئا مگر هتي هر ڏينهن ماڻهون جي آمد جو سلسلي ۾ واڌارو اچي رهيو هو پر جيڪو به هتي گهمڻ لاءِ اچي پيو اهو ٻين ماڳن سان گڏ ڪروتي شهر کان ڏھ ڪلوميٽر ڏکڻ ڏانهن ٻهراڙيء ۾ ٺهيل تاريخي سونهن سان سينگاريل جهالائو مندر تي لازمي ويندا آهن هن مندر تي به سياحن جي به وڏي رش هوندي آهي تاريخ ثقافت لحاظ سان هي مندر پنهنجي لازوال اهميت رکي ٿو مندر ۾ تازو شيشي ماربل ۽ٽائلس جو لاجواب ڪم ڪرايو ويو آهي مندر جي اندر ڪيتريون ئي ننڍيون وڏيون مورتيون پيل آهن جيڪي پنهنجي سونهن پاڻ بخشي رهيو آهن جهالائو رام جي مورت ته پنهنجو مٽ پاڻ آهي دنيا جي ميهنگي مان ميهنگي پٿر مان ٺهيل هن مورت ۾ ڪا فطرتي ڪشش آهي جو پاڻ مرادو هرڪو هن ڏانهن ڇڪجو پيو وڃي جيڪو به آس اميد باس کڻي کير جو وٽو هن جي جهول ۾ هاريندو آهي هن جي مٿان پيل سونو تاج حرڪت ۾ اچي ويندو آهي ۽ جهولي مان کير جو وٽو غائب ٿي ويندو آهي مهان بابا پوڃاري هن مندر جو واحد والي وارث آهي هن جو ته وڏو جذبو جنون ۽ لڳاءُ عقيدو آهي هن مندر سان جيتري تاريخ ۽ ڪرامتون جي هن مهان بابا پوڄاري کي علم آهي ايترو ڪنهن کي به ناهي مهان بابا پوڄاري پنجيتاليهه سالن جو تمام صبر تحمل نفيس طبيعت جو مالڪ آهي هندو ڌرم جا ته ڇا پر ڀيل مسلم ڪولهي سڀ جا سڀ بنا ڪنهن فرق واريت جي بنا ڪنهن مذهبي فرق جي سڀ جا سڀ اچي مهان بابا جي قدم بوسي ڪندا آهن دعا ڦڻو سڀن لاءِ عام جام هلندو آهي نگر نياز ڪڏهن پيڃي ڪڏهن رٻ ته ڪڏهن پترو ڀت يعني روزانو دل تي کارايو ويندو آهي سج جڏهن الهڻ جي ڪندو آهي ته مندر جي صحن تي مندر جا خدمتگار ڪالينيون کٿيون وڇائيندا آهن ۽ انهن جي مٿان ٽڪ جي ٺهيل رلين کي وڃايو ويندو آهي مهان بابا پوڄاري جي بيٺڪ تي خاص سونهن سينگار ڀريو اسٽيج نما ويهڻ جي جاءِ هوندي آهي جتي مهان بابا پوڄاري گول وهاڻن کي ٽيڪ ڏئي سماءُ جي محفل ٻڌندو آهي هن سماءُ ۾ ڀٽ شاهه. سچل ۽ ڪبير ڀگت جا ڪلام گايا ويندا آهن ائين سماءُ جي محفل جاري هئي گائڪي جو وڏو نالو سرتاج پون پنهنجي فن جو مظاهرو ڪري رهو هو سياحن جو به قافلو پريت آباد مان ڪهي جهالائو مندر تي آيا هئا نرتڪڻيون وڏن رنگين پڙن سان مٿي بدران گچي ۾ سائيون ڦڪيون نارنگي رنگ جون پوتيون پيل سورج مکي جيان مهڪندڙ هنن جا چهرا هئا هوڏانهن هي مندر جون رونقون پسي رهيا هئا صحن تي سماءُ ۽ رقص هلي رهيو جو جتي مسلم ڀيل ڪولهي بنا ڪنهن فرق جي جهومي رھيا ھئا ته هي پريت آباد مان آيلن ۾ ڪا وڏي پيريمڪا هئي جنهن کي مايا ديوي پيا چون جنهن جي جلون جي جادوگري ته ڇا حسن جي ديوي هئي هن جي جسم مان مشڪ انبر موتئي به خوشبوءِ ورتي هوندي عطر ۽ عنبر سان ڌڻي هن جي مٽي گوهي هوندي سڀ سون ورنيون سوڍيون هيون جن جي ٽهڪن جا پڙاڏا ته ستين آسمان تي ويٺلن فرشتن به ٻڌا هوندا مگر انهن ۾ مايا ديوي ته سردارياڻي هئي مهان بابا جي هن تي نظر پوندي ئي هن جا هوش حواس سڀ ته هڪ ئي جهٽڪي ۾ ڪم ڇڏي ويا هئا هو به ڦري جڏهن سماءُ جي محفل ۾ ويٺا ته ان جلوون جي ديوي کي به پنهنجي سھيليون رقص لاءِ زور ڀرينديون رهيو هيون سرتاج پون ڪبير ڀگت جو ڪلام من لاگو يار فقيري ۾ ته هي به اٿي پنهنجي پير ۾ ٻڌل پايل کي حرڪت ۾ آندو هو ائين مسلسل رقص ڪندي رهي هئي ڪلام سان گڏ ڪڏهن هن جي پير جو پٻ ٻه ٽي دفعا ٿئي زمين تي لڳو ته پير جي کوڙي جي زور تي هي جلوون جي جادونگر پڙي کي وٺي پئي ڦري هن جا زلفن جا هوا ۾ ستارن کي به ڌڪي ٿئي ويا هرڻي جهڙيون چالون پئي هن هيون پيرن کي هڪ ٻئي پٺيان ٿئي هلايائين ساز جي هر تار تي هن جي پايل مان ڇم ڇم جو آواز ٿئي نڪتو ماحول ۾ مانڊاڻ لڳو پيو هو چوطرف ماڻهن جي وچ ۾ گاڙهي ڪالين تي هن جا هٿ ڪنهن مهل هوا ۾ پئي هليا ته هٿن جون آگريون نمبر نمبر سان هيٺ مٿي پئي هليون هي ته حسن سان گڏ فن جي به مايا هئي هن جي هر لوڏ ۾ هن جي هر ادا ۾ مهان بابا پوڄاري پنهنجا هوش وڃائي ويٺو هو هن ڇوري کي ته ڪٿڪ ادائگي تي به وڏي مهارت هئي پايل جي گنگهرو جي ڇن ڇن اکين ۾ مسڪارو لڳل اکين جا ڇپر پاڻ ۾ ملي ٿئي ڇڳا ڀرون ڪنهن تکي تلوار جيان مهان بابا جي من ۾ مانڊاڻ مچائي ويا هئا هن جي اندر ۾ آتش عشق جي لڳي وئي هئي عشق جي فراق فڪر ۾ هن کان ته هر تبسم وسري وئي هئي پريت آباد جي هو حسن جي مايا ته خبر ئي نه پئي هئي ڪئين هن جي اکين مان غائب ٿي ڪچي رستي تي هنن جي گاڏي مٽيءَ اوڏائيندي هلي وئي هئي اها مٽي طوفان بڻجي مهان بابا پوڄاري جي اندر ۾ ڇڏي وئي هئي مايا جي مورت صورت ته مهان بابا پوڄاري جي من اندر ۾ وهي وئي هئي هن جا سک سلامتيون سڀ هن کان روسي ويون هيون ها ڪاريهر کاڌل ته بچي ويندا آهن پر عشق جي کاڌلن کي نه موت هوندو آهي نه زندگي ۾ جياپي جو جو مزو عشق جي آتش ۾ جيڪو مهان بابا پوڄاري پچي رهي هو ان کي ته دنيا جا ست وڏا سنمڊ به نه پيا ٺاري سگهن هن کان کاڌا پيتا سڀ وسري ويا هئا ڌاگا ڦيڻا هن ته ڪرڻ ختم ڪيا هئا ڪو به چوندو هو ڌاگا ڦيڻا ته سڀ مريد متقي پريشان هئا ته مهان بابا جي آتما کي ڇو شانتي ناهي هي ٻين جي سڀا ڪرڻ وارو هن جي روح شانتي کان ڇو محروم ٿي وئي آهي هم رازن مان مهان بابا جو ريجهو ويجهو هم راز هوندو تن سان به مهان بابا ڪجهه نه ڇيڙيو هو اندر ئي اندر ۾ چوندو هو هڪ ديوي منهنجو ساهه پاڻ سان کڻي وئي آهي باقي مون وٽ ھڏن جو سکڻو بت بچو آهي منهنجو روح نرتڪڻي جي لاءِ ٿو سڪي هن جو جسم ڏڪي ڪري ٿو پيو منهنجو من ڪنهن مورت جي شانتي جي انتظار ۾ آهي صبح ٿيندي مهان بابا پوڄاري ماڻهن جي نظر مان غائب هو علائقي ۾ باھ جيان خبر ڦهلجي وئي تي مهان بابا پوڄاري هاڻ شانت ٿي ويو آهي ڪو چئي پيو عيسيٰ مسيح وانگر آسمان تي ويو هليو ته ڪو چوي پيو جهالائو مورتي جي جسم ۾ شانتي وٺڻ لاءِ زم ٿي ويو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو