سونهن سڀيتائون جي شاعره سيما عباسي

'خبرون منهنجي سنڌ جون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2021۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    سونهن سڀيتا جي شاعرہ سيما عباسي
    اصغر علي جمالي /دادو سنڌ


    تخليق ڪندڙ جڏهن به ڪا سٽ لکي ٿو ته ان جو اصلي مقصد معنيٰ مفهوم ان ليکڪ وٽ ئي هوندو آهي بس پوءِ مختلف پڙهندڙ پنهنجي پنهنجي عقل مطالعي جي حساب سان ان کي سمجهندا آهن جئين ڪو شاعر ڪڏهن غم ڏک جي ڪيفيت ۾ نظم ٿو لکي يا ڪو غم ڀري منظر ڏسي ڪجهه سٽون ڪنهن پني جي سيني کي ٿو ارپي ته ان جي اصلي حقيقت و مقصد اهو پاڻ ئي ڄاڻيندو آهي جئين ڪنهن شاعر جي باري ۾ مون ڪٿي پڙهيو هو ته هو سفر ۾ وڃي رهيو هو بس جي دري مان هن جي نظر هڪ حسين چهري تي پئي جيڪو جبل جي اوٽ مان ڪو اوچتو نڪري پيو هو هن ان ئي وقت هي سٽون لکي ڇڏيون هيون
    نڪتو لڪ جي اوٽ مان مکڙو ڪو معصوم
    دل کي ڇا معلوم گهائي ويندو گهور سان
    ائين ئي ڀٽائي سرڪار جي به پوري شاعري پس منظرن کي پسيندي ۽ محسوس ڪندي لکي يا چئي هئي هر انسان جي اندر هر روز ڪيتريون ئي ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون جن جو اظهار ڪو ڪئين ٿو ڪري ته ڪو ڪئين ٿو محسوس ڪرائي مگر هڪ شاعر انهن گھڙين يا لمحن کي پنهنجي قلم جي نُڪ کي ھرڪت ۾ آڻ جيڪو اظهار ڪندو آهي سو ته پڙهندڙن ۽ ٻڌندڙن جي به ڪفيتون بدلائي ڇڏيندو آهي ائين ئي اسان جي نظرون مان ڪيترائي شاعري جا ڪتاب گذرندا آهن جن جي پڙهڻ سان اندر ۾ لُطف محسوس ٿيندو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته هن شاعر پنهنجي ڪفيت جي نه پر منهنجي من جون ٿو ڳالهيون ڪري اهڙي شاعري ڀيڻ سيما عباسي جي به آهي جنهن جي پڙهڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته هي سٽون ته ڀيڻ سيما لکيون پاڻ آهن جيڪا اسان کان ڪوهين ڏور پري آهي مگر هن جيڪا ڳالھ ڪئي يا لکي آهي سا ته منهنجي اندر جي آهي ڀيڻ سيما عباسي شوشل ۽ سلجهل عورتون ۾ شمار آهي تمام وڏو حوصلو رکندڙ سمجهدار ڀيڻ آهي. اسان جي هن معاشري جي اندر خاص ڪري سنڌ ۾ عورت جي مان و مقام جي هميشه تذليل ڪئي وئي آهي ان معاشري ۾ رهي ڪري ادي سيما پنهنجو پاڻ اهڙو ڪردار نڀايو آهي جو هر عورت اهو متان سوچي خاموش ٿي وهي ته عورت جي ڪا عزت ناهي هن ادي حوصلو ڏنو آهي ظلم جي انڌيرن ۾ نه رهو اسان ڪجهه ڪري به سگهون ٿا اسان مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي دنيا کي اهو پيغام ٿا ڏيون ته سنڌي عورت ظلم جي انڌيرن کي ٽوڙي هڪ نئين صبح ڏانهن روان دوان آهي ڀيڻ سيما جي شاعري امن جو پيغام آهي هن پنهنجي شاعري ۾ ماروئن جي ڏکن کي هن ماحول ۾ گيچڪو بڻجي ويل ناسور جهڙن ذهنن کي پنهنجي لفظن سان سھڻي ادائگي سان آندو آهي
    جئين ادي جي غزل جا بند آهن
    رهزن ٿي پيو رلائي
    هي ڪهڙو همسفر ٿيو؟
    مختصر لفظن جي ادئگي ۾ ڪيڏي نه وڏي ڳالھ سيما ڪئي آهي جيڪو اسان جي ٻهراڙين کان وٺي ويندي پڙهيل ڳڙهيل ماڻهو به ان ظلم کان نه ٿا موڙن حقيقت ۾ هي ڪهڙا همسفر هوندا . ڪجهه هنن بند کي به ڪوٽ ڪندا هلون جن جو اثر ئي پنهنجو آهي
    ساهي ملي جٿي ڪا
    ڪونهي اهڙو ڇپر ٿيو

    دل جو اهڙو حشر ٿيو
    ٿيڻو نه هو مگر ٿيو

    هٿ هٿ جيڪو وڪاميو
    سستو ئي سو وکر ٿيو
    پهرين بند ۾ ڇا ته ڪمال جي ڳالھ آھي ساهي اهڙي ڪا به ناهي ملي جتي ڪو هم سايو ٿئي وري ٻئي بند ۾ به اها ئي ڳالهه ته دل سان ته اهڙي حالت ٿي وئي آهي سورن جي شدت جي ڪري جيڪو ٿيڻو ئي نه هو مگر تنهن هوندي به دل جو سو حشر ٿيو هر جاءِ جو وڪامي ٿو ڄڻ سو ئي وکر ٿيو آهي
    منزل بنا سفر ٿيو
    هر عزم بي اثر ٿيو
    ڇا ته لفظن جو استعمال ٿيل آهي ادي پنهنجي ڏان ۽ ڏات سان ڪيتريون نه خوبصورت سٽون سرجهيون آهن ڪيڏا به ڇو نه اٽل ارادا هجن مگر جي منزل بنا ڪنهن سوچ سمجهه کان بغير آهن ته اهي بي اثر ئي هوندو آهي سيما جي ڪجهه ٻين غزلن جا مختلف بند آهن
    عشق جي سودي نفعو ڪاٿي ڏنو؟
    وصل ٿي واپار هو مون کي مليو

    زماني سان ڪا شڪايت ڪيون ڇو
    روين پنهنجن جي وڪالت ڪيون ڇو

    هي دل، من، جگر، جان، ارپيو هو تو تان
    سدائين اسان ئي سخاوت ڪيون ڇو
    عام طور تي عشق جو سودو ڪو نفعو ناهي ڏيندو بس سو ته وصل جون ڊگهيون راتون اضطرابي ڪفيتون ئي ارپيندو آهي وري ٻئي بند ۾ حوصلي جون ميخون من ۾ جاڳي ٿيون پون. زماني سان ڇا شڪايتون جي ضرورت ئي ناهي نه ئي ڪا وڪالتون ڪرڻ جي ضرورت آهي بس هي دل من جگر جان هي سڀ شيون ارپڻ جي ڪئي سون مگر ڪجهه ته اوهان به اڳڀرا ٿيو سدائين اسان ئي سخاوتون ڪيون ڇو. لاجواب تخيل آهي
    سيما سوچڻ جي رمز روحاني
    سلسلو لامڪان جهڙو آ

    سچ سدا تنها تنها هلندو آ
    ڪوڙ ڪنهن ڪاروان جهڙو آ
    سيما عباسي جي لکڻين ۾ عجيب ڪفيتون آهن جن ۾ خاص خيالي نه حقيقت تي روز مرھا جي زندگي سان پيش ايندڙ وقعين کي ظاهر ٿي ڪري هن جا خيال لفظن جي ادائگي تشبيهه اشتعاري ۾ منفرد ۽ هڪ نئين انداز سان آندو آهي جئين پڙهندڙ کي ذهيني طور تي هڪ مڪان کان لامڪان تائين ڇڪين ٿيون هي جاڳي جا لفظن جا ميڙ جھاڳي ٿي سا هن جي محنت سدا رنگ لائيندي هڪ نئين شعور جو پيچرو نه بلڪ بهترين سلجهندڙ سڄاڳي ڏياريندڙ روشني جي رستو ڏيندڙ آهي
    ***
    _______________________________________
    اصغر جمالي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو