ڇڙواڳ عورت جو نتيجو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏13 جنوري 2021۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    اصغر علي جمالي
    عنوان =- ڇڙواڳ عورت جو نتيجو

    مومل پنهنجي ماءُ جي ڪمري ۾ منهن وهاڻي ۾ هڻي ضرور ضرور سان سڏڪي رهي هئي اکين مان ڄڻ ساوڻ جي برسات جاري هئي هن جي اندر ماضي جون ڪيل غلطيون ڪنهن سمنڊي طوفان جيان اٿي پيو هو. ماڻس ڪمري ۾ ايندي ئي ابا جيڪو ٿيو سو ٿيو هاڻ ڀلا ڇا ٿيندو
    ها امان جيڪو ٿيو سو تمام گهڻو غلط ٿيو ان ۾ منهنجون به ته غلطيون آهن مومل چيو
    مان ته تو کي شروع کان ئي چوندي هيم مومل اسلام اسان جو مذهب آهي اسان کي ان تي مظبوطي سان هلڻ گهرجي مگر تون انهن ڇڙواڳي ڇورين جي چئي لڳي انهن ته پنهنجا گهر ته برباد ڪيا مگر تنهنجو به گهر ويو مومل جي ماءُ ائين چئي ورانڊ ڏانهن هلي وئي موبائل جي رنگ وڄ ٿي جيڪا ورانڊ ۾ ننڊڙي تختي تي پيل آهي مومل منهن مٿي ڪري پڇيو امان ڪنهن جي ڪال آهي
    انهي شيطان عورت جي جنهن تنهنجو گهر ڦٽايو آهي ماڻس موبائيل کڻي اچي اڳيان رکيس ٿي
    اچي هي وٺ ماروي سرمد جي ڪال اٿئي موبائيل کڻي رسيو ڪري چوي ٿي هلو پريان آواز ٿو اچي مومل ڏي خبر عورت مارچ جي تياري ڪٿي پهتي آهي تنهنجي ۽ گهڻيون ڇوڪريون توسان آهن سکر هلنديون
    مومل جهڻي آواز ۾ مان نه ٿي هلي سگهان
    ڇو ڇو ڇا ٿيو وري تو کي ماروي سرمد کان ڇرڪ نڪري ويو
    تو کي خبر آهي ته مون کي منهنجي مڙس ڪيترائي دفعا غير مردن سان پارٽي ڪندي پڪڙيو هو اربع رات هن مون کي ۽ ياسر کي شاپينگ مال ۾ ڏٺو پوء جڏهن آئون گهر آيس ته هن منهنجي موبائيل ۾ ياسر جون ۽ منهنجون وڊيوز ڏٺيون جيڪي وسڪي پي رهيا هئا سين ۽ تون سنڌو رمل عرفل سڀ گڏ هئاسين پوء ڪالھ ته هن کي خبر ناهي ڇا ٿي ويو هو هن مون کي طلاق ڏئي ڇڏي آهي . مان امان وارن وٽ آهيان
    ماروي سرمد چيو پوءِ اهيا ڪا وڏي ڳالھ ناهي مون کي جو ٽين مڙسن طلاق ڏني مان ته ڪڏهن ايڏي مايوس ناهيان ٿي جگنو کي ٻين مڙسن طلاق ڏني آهي اها به ته پور عزم آهن ناديان کي مهينو اڳ مڙس طلاق ڏني آهي اها به ته اسان سان هلي ٿي تون ڇو سستي ٿي آهين اسان جي جنگ ته انهن ئي مڙسن جي خلاف ته آهي جيڪي توهان سان اسان سان ناانصافيون ڪن ٿا
    منهنجي ڳالهه ٻڌ ماروي اهي مرد اسان سان ناانصافيون ناهين ڪندا مگر اسان سان اسان جا پرڪار اسان جون عادتون اسان جا رويا اهڙا آهن جنهنجي ڪري مڙد اسان کي ڇڏين ٿا مومل جذباتي ٿيندي ماروي کي چوندي رهي ته تو کي خبر هجڻ گهرجي ته اسان مسلمان عورتون آهيون اسلام اسان کي سڀ حق ڏئي ڇڏيا آهن اسان کي پنهنجي مذهب جي دائري ۾ رهڻ گهرجي ته اسان جون زندگيون روشن بڻجي وڃن. ها مان توهان جهڙن عورتون جي چئي لڳي لڳي پنهنجو گهر برباد ڪيو آهي تنهنجي ڪري ڪيترين ئي ڀيڻـئين جا گهر برباد ٿيا آهن مان گهران نه ٿي نڪري سگهان جيستائين منهنجو عدد پورو نه ٿيندو هاڻ مان الله کان توبهه تاعيب ٿي آهيان مهرباني ڪري اڄ ڏينهن کان وٺي مون ڏي ڪال نه ڪجان اڃان ٿي سگهي ته ٻين معصوم نياڻين جا گهر برباد نه ڪجان ماروي سرمد ڪجهه ڳالهائڻ جي ڪئي جو ان کان اڳ مومل ڪال ڪٽي ڇڏي ۽ موبائيل جو پاور آف ڪري ڇڏيو
    ________________________________________
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو