پي، ڊي، ايم، ڀٽو زنده ھجڻ جو چٽو ثبوت

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ zaheer hussain طرفان آندل موضوعَ ‏15 جنوري 2021۔

  1. zaheer hussain

    zaheer hussain
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 آگسٽ 2019
    تحريرون:
    102
    ورتل پسنديدگيون:
    29
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    88
    پي ڊي ايم، ڀٽو زنده ھجڻ جو چٽو ثبوت

    سردار ظھير حسين ملوڪاڻي

    نواز شريف جي والد مرحوم ميان محمد شريف 1970 جي عام چونڊن ۾ لاھور مان ذوالفقار علي ڀٽو کي شڪست ڏيڻ لاءِ مرحوم جاويد اقبال جي وڏي مالي سهائتا ڪئي. پر اقبال جو فرزند (پٽ) اھا اليڪشن ھارائي وڃي ٿو، انکانپوءِ ته ڄڻ ميان محمد شريف جي مقابلي ۾ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو جي دل ۾ ھڪ چڪ تي پئجي وڃي. اھو ئي سبب آهي ته جڏهن مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو صنعتن کي رياستي (سرڪاري) ملڪيت ۾ ورتو ته ميان محمد شريف جو ادارو {اتفاق} به ان لپيٽ ۾ اچي ويو. ڀٽو خاندان جو شريف خاندان تي اھيو حملو ايترو ته سخت ھو جو 46 سال گذرڻ جي باوجود به ميان محمد نواز شريف پارليامينٽ ۾ پنھنجي لنڊن واري فليٽ جي صفائي ڏيڻ وقت قومي اسيمبليءَ ۾ ان جو ذڪر ڄاڻايو. شريف خاندان جي پيپلز پارٽي سان نفرت جو جيڪو سفر 1970 ۾ شروع ٿيو، ان جا ڏيک 1990 واري ڏهاڪي ۾ به ڏسڻ ۾ آيا. نواز شريف، محترمه بينظير ڀٽو خلاف جيڪا چونڊ مهم شروع ڪئي جنهن کي لکڻ، يا بيان ڪرڻ جي اخلاق اجازت نٿو ڏئي. محترمه بينظير ڀٽو پنھنجي سرڪاري اختيارين کي استعمال ڪرڻ کان قطعي گريز نه ڪيو، شريف خاندان کي تجارتي طور تي تباه ڪرڻ جي لاءِ. اڳئين حڪومت جيئن نواز شريف کي ملي ته ان سيف الرحمان کي احتساب بيورو جو سربراهه بڻايو، جنهن ڀٽو خاندان کي تباه ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏي. معاملو اتي نه رڪيو، جڏهن جنرل پرويز مشرف 1999 ۾ نواز شريف جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو ته محترمه بينظير ڀٽو ھن مارشل لا کي خوش آمديد چوڻ ۾ ڪا گهڻي دير نه لڳائي، ۽ مشرف کي ڀليڪار ڪيو. جڏهن ميان محمد نواز شريف کي ملڪ بدر ڪيو ويو ته ميان صاحب کي جهموريت جي ياد ستائڻ لڳي ۽ ھن محترمه بينظير ڀٽو سان رابطه وڌائڻ شروع ڪيا. اھيي رابطه چارٽر آف ڊيموڪريسي جو سبب ته بڻيا، پر ھن چارٽر جي مس سڪڻ کان اڳئين محترمه بينظير ڀٽو جنرل پرويز مشرف سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ شروع ڪري ڏني. ان ئي معادي تحت ھون ڏيھ واپس موٽي آئي، ۽ نواز شريف جي واپسي جو رستو هموار ٿيو. محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ جڏهن ھن جي پارٽي اقتدار ۾ آئي، تڏھن مختصر محبتن واري صورتحال وري وڃي ساڳي جڳهه تي بيٺي، جتان شروع ٿي ھئي. نواز شريف، آصف علي زرداري کي پنھنجي ڀاءُ عباس شريف جي تعزيت ڪرڻ جي لاءِ اچڻ کان به روڪي ڇڏيو.
    2015 ۾ جڏهن زرداريءَ اسٽيبلشمينٽ کي ھڪ ھڪاڻي ٻڌائڻ جو بيان جاري ڪيو ته نواز شريف پاڻ کي ايترو پري ڪيو جو زرداري کي ملڪ ڇڏڻو پيو. نواز شريف جي دور حڪومت ۾ ھن جي خلاف جعلي بئنڪ اڪائونٽس جو ڪيس داخل ڪيو ويو. جڏهن پاناما ڪيس جي ڪارڻ نواز شريف جي حڪومت جي ھڪ دفعو ٻيهر تڏا ويڙه شروع ٿي ته سوچ ۾ ايڏو وڏو انقلاب آيو جو ميان صاحب جي ڌيءُ ۽ سندس سياسي جانشين محترمه مريم نواز کي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ ۾ اچڻو پئجي ويو. ۽ ھڪٻئي سان ملي ڪري ملڪ کي ھلائڻ جون آٿتون ڏئي رھي ھئي، ۽ پاڻ کي محترمه بينظير ڀٽو سان ڀيٽي رھي ھئي.
    ھاڻي ڪجھه عوامي نيشنل پارٽيءَ جي باري ۾
    گهڻي ڀاڱي توهان مڙني کي ياد ھوندو ته اڄ جي اي، اين، پي، ماضيءَ جي نيپ ھوندي ھئي. ھي اھائي نيپ آهي جنهن جو سربراهه عبدالولي خان ھو. عبدالولي خان کي مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو طرفان جيڪو ڪجهه ٻڌڻو پيو، ۽ وري وڏي سگهہ سان ان کي سهڻو پيو اھو ته تاريخ جو ھڪ اھم باب آهي. ان جي ميڙاڪي (جلسي) تي گوليون هلايون ويون، انکي غدار ڪوٺيو ويو، ھن تي انڌرا گادي کان ٻه ڪروڙ وٺڻ جو بهتان پڻ لڳايو ويو، ھن جي غدارانه سرگرمين جي ڪارڻ سزا ڏيڻ لاءِ حيدرآباد ٽربيونل قائم ڪيو ويو. اھو ولي خان ھو جنهن ڀٽو کي فاشسٽ قرار ڏيندي ھن کي {ايڊولف ڀٽو} سڏيو ھو. انکانپوءِ جنرل ضياءَ الحق مارشل لا لاڳو ڪيو، ته ولي خان ڳالهائڻ کانسواءِ رھي نه سگھيو، ۽ ولي خان چيو ته {ھڪ قبر آھي ۽ ٻه ماڻهو آھن} ھاڻ ڏسو ته ان ۾ ڪير ڪرندو. اھيو جملو ذوالفقار علي ڀٽو جي عدالتي مقدمو ۽ ھن جي سزا تي عمل جو خلاصو آهي.
    ان کانپوءِ ولي خان جي عوامي نيشنل پارٽي محترمه بينظير ڀٽو جي اتحادي بڻجي وئي، پر اھو ساٿ به گهڻي دير تائين سلامت رھي نه سگھيو. پوءِ اھا جماعت نواز شريف سان ضم ٿي وئي. آخر ڪار ھون آصف علي زرداري جي حڪومت دوران ھن سان لاڳاپيل رھي ۽ {ايزي لوڊ} جي زور تي حڪومت ھلائين. پوءِ وري اھا پارٽي عمران خان جي سونامي جو شڪار ٿي وئي. ھاڻ ھڪ ڀيرو ٻيهر وري ڏسڻ وارا اھيو منظر ڏسي رھيا آھن، ته ولي خان جو پوٽو جناب امير حيدر خان ھوتي ڀٽو خاندان جي شهيدن جي مزارن تي عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جا شاھوڪار قسم کڻي رھيو آھي.
    ھاڻ وري ڪجهه جمعيت علماءُ اسلام پاڪستان جي باري ۾
    مولانا فضل الرحمان پنھنجي معزز والد صاحب جي لاڏاڻي کانپوءِ سندس سياسي جانشين چونڊيو ويو. ۽ جمعيت علماءِ اسلام جي سار سنڀال لهڻ لڳو. مرحوم مفتي محمود، ولي خان جي سھڪار سان 1970 جي چونڊن کانپوءِ خيبرپختون خواهه جو وڏو وزير بڻيو. ولي خان کي جڏهن ذوالفقار علي ڀٽو وطن جو غدار ۽ حيات شير پائو جو قاتل قرار ڏنو ته اھيان حڪومت به ٽٽي وئي. مولانا مفتي محمود کي اھيو اعزاز حاصل آهي ته، جنهن پاڪستان قومي اتحاد جي قيادت ڪئي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو. ان کانپوءِ مولانا فضل الرحمان پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿي ويو. ۽ محترمه بينظير ڀٽو کيس پنهنجي ٻئي دور حڪومت ۾ ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين بڻايو. حضرت مولانا، جنرل پرويز مشرف جي خوب اعانت ڪئي، ان تسلسل سان کيس خيبرپختون خواهه جي حڪومت، ۽ قومي اسيمبليءَ ۾ قائد حزب اختلاف جي پوزيشن پڻ ملي وئي.
    مولانا جي سياست جو ڪمال ھي به آهي ته ان پرويز مشرف کانپوءِ پيپلزپارٽي ۽ نواز شريف جي دور حڪومت ۾ پڻ بهرپور حصو ورتو. نظر انداز ٿيل حڪومتي عهدن کان علاوه مولانا کي پيپلزپارٽي، ۽ نواز ليگ کان جيڪو مليو آهي اھو ھي آهي ته اھيي ٻئي مکيه پارٽيون جمعيت علماء اسلام جي سامهون خاص طور تي ڊيرا اسماعيل خان جي ڪيترن ئي حلقن ۾ ڪو مضبوط اميدوار نه بيهاري سگهيون. تحريڪ انصاف اھا پهرين قومي پارٽي آهي، جنھن نه رڳو مولانا جي حلقن ۾ ان جو مقابلو ڪيو بلڪه اڪثر سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ به ڪاميابي ماڻي ورتي. مولانا فضل الرحمان پنھنجي نجي مصروفيتن جي ڪارڻ محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي جلسي ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو. پر مولانا عبدالغفور کي پنهنجو نمائندو بڻائي جلسي ۾ شرڪت ڪرائي. شاھد مرحوم مفتي محمود جي فرزند (پٽ) کي ماضيءَ جون يادگيريون اچي ويون ھجن جنهن جي ڪري ڀٽو خاندان جي مزارن تي اچڻ کان نٽائي ويو. بهرحال مفتي محمود جي پارٽي جو ھڪ سگهارو ميمبر جلسي واري پنڊال ۾ موجود ھو.
    اختر جان مينگل جو والد عطاءُ الله مينگل بلوچستان جو پهريون وڏو وزير بڻيو. ۽ مرحوم ذوالفقار علي ڀٽو سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو، ۽ عطاءُ الله مينگل کي گهر ڀيڙو ڪيو. ۽ نواب اڪبر خان بگٽي کي گورنر بڻائي ڇڏيو. ۽ عملي طور تي بلوچستان ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪري، فوجي آپريشن شروع ڪري ڏنو. ان کانپوءِ عطاءُ الله مينگل سان جيڪو سلوڪ ذوالفقار علي ڀٽو ڪيو، اھو ھن وقت تاريخ جو هڪ اھم باب بڻجي چڪو آهي. اختر جان مينگل کي ھڪ ڀيرو نواز شريف طرفان بلوچستان جو وڏو وزير بڻايو ويو. ھون پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ ملڪ کان ٻاهر رھيو، جڏهن حالتون سازگار ٿي ويون ته ھون ڏيھ واپس موٽي آيو. بلوچستان ۾ ھون پنھنجو رنگ قائم نه ڪري سگهيو. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ميان نواز شريف ان کي پنھنجي پارٽي جي بزرگن تي اوليت ڏني. شاھد ان جو مکيه ڪارڻ ھي آھي ته نواز شريف اسٽيبلشمينٽ جي مخالفت ۾ پنھنجي ھٿ ۾ ھڪ اھڙو پيادو رکڻ چاهيو پي، جيڪو ضرورت جي وقت ڪتب اچي سگهي. اختر جان مينگل پنھنجي سياسي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ، پنهنجي والد بزرگوار جي وڏي مخالف ذوالفقار علي ڀٽو جي مزار تي ٽٽل ڦٽل تقرير ڪندو رھيو.
    مرحوم ذوالفقار علي ۽ محترمه بينظير ڀٽو کانپوءِ، پاڪستان پيپلز پارٽي جا سياسي معاملا ۽ سياسي مفاد ھڪ جڳهه تي، پر اھيو ڪنهن به تصور نه ڪيو ھوندو ته ڀٽو صاحب کي ڦاهي ڏيارڻ وارا ۽ محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪرڻ وارن سهولتڪارن جا ٻار پنھنجي ڦٽن جو مرهم وٺڻ لاءِ ڀٽو خاندان جي مزارن تي اچي حاضري ڀريندا. ڪيتري ته عجيب ۽ غريب راند آهي سياست جي جيڪي ڪالهوڪي ڏينهن تي ڀٽو صاحب جي حڪومت جو خاتمو ڪرڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا اڄ انهن جا ٻار عمران خان جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ ڀٽو جي ٻارن جا نخرا کڻي رھيا آھن. ان کان وڌيڪَ ڀٽو زنده ھجڻ جو ڪهڙو ثبوت ھوندو.
    hzaheer145@gmail.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو