مون جُنگ ڏٺا مون جوان ڏٺا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2021۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    901
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    مون جُنگ ڏٺا مون جوان ڏٺا
    مون ارڏن جا ايمان ڏٺا
    مون سنڌين جا مهمان ڏٺا
    مون ٻوليءَ جا بي ايمان ڏٺا
    مون ڌرتيءَ تي سي بار ڏٺا
    مون پنهنجن ۾ غدار ڏٺا
    مون ماڻھو مڙس مٿير ڏٺا
    جن واريا پنهنجا وير ڏٺا
    مون ڏاڍا ڏونگر ڏير ڏٺا
    مون ڀاڙيا ڍيرئون ڍير ڏٺا
    مون قومن جا ڪردار ڏٺا
    مون پنهنجن ۾ غدار ڏٺا
    مون چوڪي ڏيندي چور ڏٺا
    مون ڌاريان هت شهزور ڏٺا
    مون سوئر ماڻھو سور ڏٺا
    مون ماراوئڙا ڪمزور ڏٺا
    مون چمچا هت چوڌار ڏٺا
    مون پنهنجن ۾ غدار ڏٺا
    مون انگ اگهاڙي ٻار ڏٺا
    مون ڀيچي ناهن ڀار ڏٺا
    مون ڪوڙا قسمي يار ڏٺا
    مون دشمن جا ڪمدار ڏٺا
    مون پنهنجن ۾ غدار ڏٺا
    مون ويڙهيچن کي ونگ ڏٺا
    مون ڏاڍن زهري ڏنگ ڏٺا
    مون ناڻي وڪيا ننگ ڏٺا
    مون پنهنجن جا سڀ رنگ ڏٺا
    مون ڀاڙين جا پرڪار ڏٺا
    مون پنهنجن ۾ غدار ڏٺا
    مون پنهنجن ۾ غدار ڏٺا
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو