لسانيات جو ماھر ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو

'شخصيتون ۽ خاڪا' فورم ۾ Asghar Ali Jamali طرفان آندل موضوعَ ‏20 جنوري 2021۔

  1. Asghar Ali Jamali

    Asghar Ali Jamali
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏29 مارچ 2017
    تحريرون:
    73
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    288
    ڏکيو عشق اکرن جو آ استاد

    بخاري جون سٽون مون کي پهريان سمجھ ۾ نه اينديون هيون ته هنن جو جو مطلب ڇا آهي جڏهن ادب دوست مليا انهن جي علم عقل سوچ فڪر جو جڏھن عالم ڏٺو ته مون کي به ادب لکڻ ٻڌڻ ۽ پڙهڻ جو شوق جاڳيو تان جو آئون اڄ سنڌ ادبي سنگت ڪاروباري ڪاميٽي جو ميمبر آهيان ان سفر ۾ سائين رجب آزاد ۽ مرحوم مشتاق ڀرڳڙي جو ساٿ ڀر پور رهيو نوٽ ڪرائيندا هلان ته پي ڪي فلم جي ڪهاڻي مرحوم مشتاق ڀرڳڙي جي ڪتاب پاڇي مان ورتل آهي انهن جي صحبت سنگت ۾ رهي مون ادب جي طرف پير پاتو جڏو ڦڪو جيڪو ڪجھ اڄ لکان ٿو انهن جو ئي ثمر آهي ان وچ ۾ ڪيترن ئي ادب دوستن سان تعلق رهيو ڪئي خرا هئا ڳالهائڻ جا ته ڪئي چيڙاڪ ته ڪئي محبتون ارپيندڙ به مليا ڪن ۾ وڏائي هٺ ته ڪن اديبن ۾ ليکڪن ۾ انا ۽ تمام ٿوري تعداد ۾ عاجزي ڪندڙ سرها انسان به مليا مگر انهن سڀني جي بنا ڪنهن پرواهه جي هلندا رهياسين ها ڳالھ پئي هلي اکرن جي عشق جي ته 2018 کان سائين محترم ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو جا آرٽيڪل پڙهڻ شروع ڪيم جن مان به گهڻو ڪجھ سکي ورتم خيالن ئي خيالن ۾ سائين ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو کي پنهنجو استاد سمجهڻ لڳم فيس بڪ تي میسنجر تي سائين سان رابطو هلندو رهيو ڪچهريون ٿينديون رهيون لاهوتين جو لاهوتين سان عقيدت محبت عزت جو گيڙو فقيري رنگ رنگجڻ لڳو دل ۾ دور درد ملاقات جو وڌڻ لڳو شوق ذوق هلندو رهيو تان جو خبر پيم سائين ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ انسٽيٽيوٽ هير ٽيچ جا ڊائريڪٽر ٿي ويا آهن سوچيم هاڻ ملاقات زيارت جو موقعو سٺو آهي مگر آئون پرائيويٽ ملازم جڏهن موڪل ملي ۽ پوءِ موڪل جون ڪوششون وٺڻ لڳم 17-01-2021 آچر جي ڏينهن اکرن جي عشق محراب پور تائين ان کان پوءِ کاهي راهو تائين جو موٽر سائيڪل تي ٿڌ ۾ سفر ڪرايو خاص سائين کي مبارڪ ڏيڻ لاءِ ۽ کاهي راھو ۾ هڪ دلچسپ ملاقات ٿي ٿورڙي ٽائيم ۾ سائين سان بهترين گفتگو ٿي گهڻو ڪجھ ٻڌڻ سکڻ لاءِ مليو مگر وقت تمام تيزيءَ سان وڌندڙ هو سنجها جا آثار ٿئي بکيا پاڻ موڪلائڻ مھل سائين ڊاڪٽر الطاف محبوب جوکيو کي شاه عبداللطيف ڀٽائي جو رسالو ۽ اجرڪ پيش ڪيم
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو