غلامي جا نشان 2

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏22 جنوري 2021۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    عرض ڪيو هو ته ڪائنات مين جيڪو ڪجه ٿي رهيو آهي اهو الله جي قانون جي مطابق ٿي رهيو آهي. ليڪن ائين نه ته خود ڪار بنيادن تي بلڪه انساني ردعمل جي بنيادن مطابق نه ڪه نظريه جبر جي تحت ان مين انسان جو عمل دخل به شامل آهي. انسان جهڙي طرز عمل اختيار ڪندو ان جو اهڙو نتيجو نڪرندو.
    منهنجو موضوع غلامي جا نشان؟
    سوال اهو آهي ته ڇا اهي نشان قرآن مين موجد آهن ڇا الاهي رهبرن انهن نشانن ڪي ظاهر ناهي ڪيو.؟ جي بلڪل اها خبر ڏني وئي آهي ليڪن دستور حيات (قرآن پاڪ( کي صرف بوسن ڏيڻ تائين محدود آهي نتيجو اهو آهي جو الله تي ايمان رکندڙ مسلمان جنهن جي زريعي سان الله جو دستور قائم ٿيڻو آهي سوئي مسلمان اڄ دنيا جو محڪوم ترين انسان آهي.
    جاري .........
     
    آخري ترميم: ‏24 جنوري 2021
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    قرآن پاڪ جي سوره اخلاص ضرف فاتحه سان گڏ پڙهي ويندي آهي مگر اهو ان ذهن جو رد پڻ آهي ته بني اسرائيل جي ذهنيت هئي ته هو ئي الله جا دادلا آهن ليڪن الله اهو واضع ڪيو ته نه هو يعني الله ڪنهنجو پي آهي نه ڪوئي سندس پٽ آهي. مطلب الله جا قوانين ئي ڪائنات تي اثر انداز رهندا نه ڪي رشتيداري. اگر بني اسرائيل رشتيدار ناهن ته يقينن مسلمان به انهي قانون تحت رشتيدار آهن. اسان جنهن تهذيب جي زير اثر زندگي گزاري رهيا آهيون ان تهزيب کي جي دلدلي تهزيب چئجي ته غلط ناهي. دلدل جنهن زمين تي پيدا ٿيندي آهي اها زمين يقينن ۡخلقت مين دلدلي ناهي بلڪي حالات ان زمين جي حالت ۾ اهم ڪردار هوندا آهن. جنهن مان هڪ حالت اها آهي ته اها زمين بي بامالڪي هوندي آهي جنهن لاء اوهان مشاهدو ڪندو تو ائين ئي آهي. اها زمين جنهن مين ڪا حرڪت نه هجي جنهن تي پاڻي اچي بيهي رهي ان پاڻي ڪي وهڪرو نه ملي ايستائين جو اتي پاڻ ايندو رهي ليڪن ان کي نيڪالي نه ملي ته زمين جي اندر اها صلاحيت جنهن ۾ زمين پاڻي پنهنجي اندر جزب ڪندي آهي اها ختم ٿيندي ويندي آهي ء آهسته زمين مرڻ شروع ڪندي آهي ء اها زمين ڌٻڻ جي شڪل اختيار ڪندي آهي جنهن کي دلدل به چيو ٿو ونڃي. پوء ان ڌٻڻ ۾ ڪئي بلاؤن پيدا ٿي پونديون آهن ڪئي بيمارين جا مهلڪ جراسيم ء جيوڙا پيدا ٿي پوندا آهن ان ۾ ڪئي بلاؤن پيدا ٿي پونديون آهن جيئن نانگ مڇر واڳون وغيره. جهڙي ريت زمين مرڻ سان زمين ڌٻڻ يا دلدل ۾ بدلجي ويندي آهي اهڙي طرح جڏهن انساني معاشره معيار وڃائي ويهن ته اهي سماج به مري ويندا آهن اتي ڪئي انساني بلاؤن پيدا ٿي پونديون آهن جيڪي انسانيت ڳهي وينديون آهن جتان انساني سماج ۾ واڳون، ڳورپٽ، مانگر مڇ پيدا ٿي پوندا آهن. پس جهن سماج ۾ انساني ميعارات قائم هجن بيشڪ اهي بيدين سماج ئي ڇو نه هجن اهي زمينون آباد رهنديون جن ۾ پاڻي کي وهڪرو ملندو آهي ته اهو پاڻي زمينون آباد ڪندو آهي پر جي ان ۾ حرڪت نه رهي ته اهو پاڻي مري پوندو آهي اتي صرف پاڻي مرندو ناهي بلڪه جنهن زمين تي بيهجي ويندو آهي اها زمين به مري ويندي آهي اهڙي طرح جنهن سماج ۾ انسان اقدار متحرڪ نه هجن اهي معاشرو قانون خدا جي مطابق مري پوندا آهن. ان لاء حضرت علي عليهم السلام فرمائين ٿا ته حڪومت ڪفر سان ته باقي رهي سگهي ٿي مگر ظلم سان نٿي هلي سگهي اهو بلڪل قانون خدا جي تحت ئي آهي. اهي اقدار انساني سماج جي هر شعبي ۾ هوندا آهن، سياست، تعليم، تعلم، معيشيت، معاشرت، دوستي دشمني الغرض هر شعبه زندگي اقدار سان رشد پائين ٿا پر جي اهي اقدار يعني ويليوز مري وڃن تو زندگي جي تمام شعبن مان زنددي جي رمق ختم ٿيندي ويندي آهي پس جتي اقدار مرندا وڃن ته اهي ئي غلامي جا نشان آهن.
    جاري...................................
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو