سنڌ ۾ گند ڪچري جو مسئلو ۽ ان جو جديد حل

'سنڌ سلامت زراعت' فورم ۾ رضا ٻرڙو طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2021۔

  1. رضا ٻرڙو

    رضا ٻرڙو
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 جولائي 2017
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    سنڌ ۾ گند ڪچري جو مسئلو ۽ ان جو جديد حل

    رضا ٻرڙو


    صبح سان اخبار ٿا پڙهئون، هرروز اها رپورٽ ته هوندي ئي هوندي آهي ته سنڌ جي ڦلاڻي شهر ۾ گند ڪچري جا ڍير ۽ جڏهن پاڻ اسان سموري سنڌ گهمئون ٿا ته واقعي هر شهر ۾ روڊن ۽ رستن سميت عوامي جڳهن تي گند ڪچري جا ڍير پيل هوندا آهن. صفائي جو نظام اڻپورو آهي يا کڻي ائين چئجي ته حد کان وڌيڪ ڪمزور آهي، پر جڏهن ڪنهن اهڙي ماڻهون سان ملجي ٿو جيڪو ڪنهن سڌريل ملڪ مان گهمي اچي ٿو ته اهو پهرين ڳاله اها ٿو ڪري "سائين ملڪ ته اِهي، ڇ ا ڏسندي صفائي صفا شيشو!. گند ڪچري کي ائين رستن تي ڦٽي ڪرڻ سان اسان جو ماحول آلوده ٿي ويندو آهي پوءِ ڪالرا ۽ ڊائريا جهڙين بيمارين سان گڏوگڏ اهو گند ڪچرو پکڙجي وڃي نيڪالي نالن ۾ ڦاسندو آهي جنهن سان سموري شهر جا روڊ ۽ رستا پاڻي ۾ ٻڏي ويندا آهن. پهرين ته دنيا ۾ اهو وڏو مسئلو سمجهيو ويندو هو ته گند ڪچري کي ڪاڏي ڪجي ڇو ته سڌريل ملڪن جا ماڻهو اسان وانگر گند کي شهر ٻاهران تيلي ڏئي ناهن ساڙيندا انهن کي اهو الڪو به هوندو آهي ته گند جي سڙڻ سان ان مان پيدا ٿيندڙ دونهون اسان جي فضا کي خراب ڪندو. اهي پنهنجي شهرن، فطرت ۽ ماحول سان پيار ڪندا آهن.

    دنيا جي ڪافي ملڪن ۾ هاڻي اهو ڏٺو ويو آهي ته گند ۾ گهڻي ڀاڱي، ڪاغذ، ڀاڄيون، ڪپڙو، پلاسٽڪ، ڌاتو ۽ رٻڙآهي. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ هن وقت گهرن ۽ عوامي جڳهن تي هڪ گند جي ٽوڪري رکڻ بجاءِ چار گند جون ٽوڪريون رکيون ٿيون وڃن، انهن ٽوڪرين مٿان لکيل هوندو آهي يا رنگن سان ماڻهن کي اهو سمجهايل هوندو آهي ته مثال بِلو ۾ ڪاغذ وجهو، سائي ۾ گلاس، ڦِڪي ۾ پلاسٽڪ ۽ ڳاڙهي ۾ ڌاتو جهڙوڪ لوھ، پتل وغيره. اسان ڏسئون ٿا ته اسان پاڻ به ڪافي ڳالهين ۾ کٽل آهيون گند جون چار ٽوڪريون ته پري جي ڳالھ پر اسان وٽ هڪ ٽوڪري به رکي وڃي ته به ٿورا ماڻهو ان ۾ گند اڇلائيند آهن. دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ گند جي مڪمل پاليسي تيار ٿيندي آهي، مثال جيڪڏهن ڪو گند اڇليندو ته ان تي ڏنڊ وڌو ويندو ۽ ٻئي پاسي انهن پيسن مان گند کڻڻ وارين ڪمپنين سان ڏيتي ليتي ڪئي ويندي ۽ اهي گند جون ڪمپنيون وري ان گند ڪچري کي شهر جي ٻاهران ڦٽي ناهن ڪنديون پر ان گند ڪچري کي الڳ ڪري ٻين ڪٻاڙي ڪمپنين کي کپائي ڏينديون آهن جنهن سان انهن ڪمپنين کي وڌيڪ پيسا بچندا آهن. ان کان پوءِ وري انهي گند ڪچري منجهان ٻيهر ڪجھ شيون ٺاهي انهي کي استعمال جي قابل بڻايو ويندو آهي. دبئي سميت دنيا جا الائي ڪيترا ٻيا ملڪ به آهن جيڪي ڪافي وقت کان وٺي شهر جي نيڪال واري گندي پاڻي کي جديد طريقن سان صاف ڪري ان کي زراعت لاءِ استعمال ڪن ٿا. ڪل ملائي اهڙين پاليسين منجهان ملين رپيا سرڪار کي روينيو پڻ ٺهندو آهي.

    اسان وٽ هرلوڪل گورنمينٽ جي هر هڪ يونين ڪائونسل وٽ بجيٽ پڻ آهي پر خبر ناهي ڇو پوءِ به اسان جا شهر گند ڪچري جو ڍير بڻيل آهن پر جيڪڏهن شهرن جا چيئرمين ۽ ميئر چاهن ته، نه صرف شهر صاف ٿين پر پيسا به ڪمائي سگهن ٿا. مثال سڪرنڊ شهر جو ئي هر روز ڪچرو 25 ٽن ٿيندو آهي جنهن کي اتان جا ساڃاھ وند کڻي ڪري پگهاردارن وسيلي انهي گند جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪاغذ، شيشو ۽ لوھ وغيره الڳ ڪيو ويندو آهي. انهن جي چوڻ موجب ائين ڪرڻ سان سڀني ملازمن جا خرچ به اتان نڪري ويندا آهن ۽ اڃا ڪافي بچت به ٿيندي آهي.

    شهرن جي سبزي مارڪيٽ ۽ مڇي مارڪيٽ منجهان نڪرندڙ گند جنهن ۾ خراب ٿيل ڀاڄيون، ميوا ۽ مڇي جا ڇلر وغيره روڊن تي نه صرف بدبوءِ ڦهلائيندا آهن پر ان سان گڏوگڏ گدلاڻ به ٿيندي آهي جنهن ڪري انيڪ بيماريون جنم وٺنديون آهن پر جي اسان جي سرڪاري ادارن ۾ ٿوري به ڪم ڪرڻ جي جي جستجو هجي ته ان قسم جو گند ڪچرو ٿوري محنت سان باقائده ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو. سبزي منڊين ۽ گهر مان نڪرندڙ سبزين جي گند کي الڳ ڪري ان مان سڙيل ڳريل ڀاڻ (Compost) ٺاهي سگهجي ٿو. ڪچري ۾ اڌ کان وڌيڪ سبزين، ٻوٽن، ۽ جانورن جي جسم جا حصا هوندا آهن جنهن کي نامياتي مادو چئبو آهي ان کي جڏهن عام طريقي سان هڪ کڏ ۾ دفن ڪري، جتي هن کي گهربل گرمائش مهيا ڪبي آهي ته مائڪرو آرگنزم ان نامياتي مادي کي سڙيل ڳريل ( نامياتي ڀاڻ) ۾ تبديل ڪري ڇڏيندا آهن. اهو سڙيل ڳريل ڀاڻ دنيا جي گهڻن ملڪن ۾ وڏي پيماني تي ٺهي ۽ استعمال ٿئي ٿو. سنڌ زرعي خطي هجڻ ڪري هتان جا ستر سيڪڙو ماڻهو سڌي ۽ اڻ سڌي طرح زراعت سان لاڳاپيل آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌ جي زمينن جو اڳ ۾ ئي سراسري نامياتي مادو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي پر انهي سڙيل ڳريل ڀاڻ جي استعمال سان زمين جو نامياتي مادو به وڌي سگهي ٿو. انهي ڀاڻ جي استعمال سان زمينن جي هڪ اهم خاصيت وڌندي جنهن سان زمين ۾ نمي گهڻي دير تائين برقرار رهندي جنهن ڪري پاڻي جي کپت گهٽ ٿي سگهي ٿي. هن ڀاڻ جو استعمال ڪلراٺين زمينن لاءِ وڌيڪ ڪارائتو آهي انهن ڪلراٺين زمينن کي سنوارڻ سان گڏو گڏ انهن جي پيداواري سگھ به وڌائي سگهي ٿو. سراسري جي بنياد تي ڏسجي ته سنڌ جي زمينن جي زرخيزي به ايڏي خاص سٺي ناهي جنهن ڪري هر سال وڏي مقدار ۾ ڪيميائي ڀاڻن جو استعمال ڪرڻو ٿو پوي. جيڪڏهن آبادگار گند ڪچري مان ٺاهيل سڙيل ڳريل ڀاڻ پنهنجي زمينن ۾ وجهندا رهن ته زمينون زرخيز ٿي سگهن ٿيون نه صرف ايترو پر انهن ڪيميائي ڀاڻن جي ناڪاري اثرن کان به بچي سگهجي ٿو. سنڌ جون زمينون جيڪي سخت ٿي چڪيون آهن ۽ زمين جڏهن سخت هوندي ته ان ۾ ٻوٽي جي پاڙ آساني سان وڌي نه سگهندي آهي پر جيڪڏهن سڙيل ڳريل ڀاڻ جو لاڳيتو زمينن ۾ استعمال ٿيندو رهيو ته يقينن زمينون نرم ٿي پونديون جنهن سان آبادگار کي بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا. اسان جي زمينن ۾ جيڪي سالن کان وٺي ڪيميائي زهر استعمال ٿيندا پيا اچن ۽ اهي زمين ۾ موجود آهن جنهن جا زمين ۽ فصل تي به انتهائي ناڪاري اثر پوندا آهن جيڪڏهن سڙيل ڳريل ڀاڻ جواستعمال ڪبو ته اهي زرعي زهرن جا ڪيميائي مرڪب پڻ پنهنجا اثر وڃائي گدلي ٿيل زمين کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. انهي ڀاڻ جي استعمال سان فصلن ۾ بيماريون پيدا ڪندڙ جراثيم به ڪنهن حدتائين مري ويندا جنهن سان ٻوٽن کي لڳندڙ بيماريون به گهٽجي سگهن ٿيون. جيڪڏهن ان کي ننڍي پيماني تي پنهنجي گهر ۾ ئي ٺاهي پنهنجي گهر اڳيان باغيچي ۾ ڏجي تڏهن به بهتر نتيجا ملي سگهن ٿا. جيڪڏهن سڙيل ڳريل ڀاڻ ٺاهڻ واري عمل کي وڌيڪ ماحول دوست ۽ وڌيڪ بهتر ڪجي ته ان جي ٺهڻ دوران انهي مان گيس به حاصل ٿيندي آهي جنهن کي باھ ٻارڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو.نبي سائين جن چيو ته: صفائي اڌ ايمان آهي، پر اسان جي شهرن جي صفائي واري موجوده حالت بدتر آهي. جيڪڏهن سرڪار ۽ وس وارا سنجيده ٿين ته اهو سڙيل ڳريل ڀاڻ توڙي گند ڪچري مان حاصل ٿيندڙ شيون وڪڻي سگهن ٿا. ان سان ڪيترائي بيروزگار ماڻهو روزگار سان به لڳي ويندا، لوڪل سرڪار جا چونڊيل نمائندن کي ڪمائي به ٿيندي ۽ شهر به صاف سٿرا ٿي پوندا.

    razaburiro1990@gmail.com
     
    عرس پريو هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو