سنڌي ڪمپيوٽنگ کي سونھن بخشيندڙ ثناءُاللہ منڱڻيجو صارِم

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ ايس ايم صارم طرفان آندل موضوعَ ‏28 جنوري 2021۔

  1. ايس ايم صارم

    ايس ايم صارم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    93
    ورتل پسنديدگيون:
    376
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    403
    ڌنڌو:
    ملازم
    ماڳ:
    محله ڪوٽ دينل شاھ پيرجوڳوٺ (ڪنگري
    سنڌي ڪمپيوٽنگ کي سونھن بخشيندڙ، صارِم
    تحرير: صفيءُ الله منڱڻيجو


    ڏسجي تہ ڪنھن سان محبت ڪرڻ ۽ ان جي اظھار جا بہ کوڙ سارا طريقا آهن. جيئن انسان جي انسان سان محبت ۽ ان جي اظھار جا انيڪ مثالي نمونا تاريخ جي ورقن جو حصو بڻيل آهن ۽ ائين ئي وري ڪيترائي ڪردار پنھنجي ماتر ڀومي سان محبتن جا لازوال نقش ڇڏي هميشه لاءِ امر ٿي ويا. يقينًا پنھنجي مٽي ۽ ان سان سلهاڙيل هر شيءِ سان روح ۽ دل جو هڪ بي مثال ۽ اڻ ٽٽ ڳانڍاپو هوندو آهي. مطلب ته محبوب ته جان کان پيارو اک جو تارو هوندو ئي آهي پر ساڻس وابسته هر شيءِ سان عقيدت جي حد تائين محبت هوندي آهي.

    اهڙي طرح جڏهن ڳالھ سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان پُر خلوص محبت جي اظھار جي ڇِڙندي تہ ڪيترن ئي امر ڪردارن سان گڏ سنڌي ڪمپيوٽنگ ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ نوجوان #ثناءُاللہ_منڱڻيجو_صارِم جو نانءُ ڪڏهن به فراموش نہ ڪري سگهبو. ڇاڪاڻ ته صارِم سنڌي ڪمپيوٽنگ جو هڪ اهڙو متحرڪ فرد آهي جنھن سنڌي ٻوليءَ سان پنھنجي چاهت جي اظھار طور ان جي لکت يعني صورتخطيءَ کي سوين وڻندڙ صورتون ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. پاڻ #سنڌي_فونٽس (جديد لکت جا نمونا) جو هڪ زبردست تعداد پيش ڪري چڪو آهي. ائين چئجي ته وڌاءُ نہ ٿيندو تہ صارِم دنيا جو سڀ کان وڏو سنڌي فونٽ ڊزائينر آهي جنھن اڪيلي سر سنڌي ٻوليءَ لاءِ 200 کان مٿي معياري فونٽس ٺاهي بنان ڪنھن معاوضي جي پيش ڪيا آهن. صارِم جي هيترن فونٽس ۽ باقي نوجوانن جي محنتن سان سنڌي ٻولي فونٽن جي لحاظ سان ڏکڻ ايشيا جي شاهوڪار ٻولي بڻجي ويئي آهي.

    صارِم پنھنجن فونٽس تائين سنڌين جي رسائي آسان بڻائڻ لاءِ #منڱڻيجو_ڊاٽڪام نالي هڪ ويبسائيٽ بہ 2008ع ۾ لانچ ڪئي. جتي هن پنھنجا سمورا فونٽ مفت ۾ ڊائلوڊ ڪرڻ لاءِ رکيا. ان کانسواءِ هن پنھنجي ويبسائيٽ تي سڀ کان پھرين گهمندڙ، تبديل ٿيندڙ تصويري بينر يا gif images لڳائڻ بجاءِ تبديل ٿيندڙ رنگ برنگي "#ٽيڪسٽ_بيسڊ" #سنڌي_بينر لڳايا ۽ پھريون ڀيرو ڪنھن سنڌي ويب سائيٽ جي موبائل ويو لاءِ موبائل ويب ٽيمپليٽ پڻ استعمال ڪيائين. جيڪي انٽرنيٽ جي دنيا جو سڀ کان وڏو ذخيرو رکندڙ ويبسائيٽ آرڪائيو ڊاٽ آرگ جي محفوظات ۾ موجود آهن.

    ثناءُاللہ منڱڻيجو صارِم جي ٺاهيل فونٽس مان ڪيترائي فونٽ گهڻ ٻوليائتي/ملٽي لنگيوئل سپورٽ پڻ رکن ٿا يعني اهي فونٽ ساڳي مھل سنڌي، اردو، #سرائڪي، عربي، فارسي ۽ پنجابي وغيرہ ٻوليون لکڻ لاءِ ڪم آڻي سگهجن ٿا ۽ يونيڪود جي معيار جي مطابق پڻ آهن.

    اهو ئي نہ پر صارِم اهو واحد فونٽ ڊزائينر آهي جنھن پھريون ڀيرو عربيءَ لپي ۾ #مڪمل_بليڊنگ_فونٽ (رَتُ ڦُڙن تي مشتمل) سنڌي ٻوليءَ لاءِ ٺاهيو جيڪو هن کان پھرين عربي، فارسي يا اردو ٻوليءَ ۾ ڪنھن بہ نہ ٺاهيو هو. #خوشخطي سيکارڻ لاءِ پھريون #ڊاٽڊ_سنڌي_فونٽ (ٽٻڪن تي مشتمل) بہ سندس ئي محنت جو ثمر آهي. گڏوگڏ هو سنڌي فونٽ ڊزائينرن ۾ پڻ پھريون شخص آهي جنھن پنھنجن سمورن فونٽس ۾ سرائڪي ٻوليءَ جي سپورٽ شامل ڪئي آهي ۽ مستقبل ۾ پنھنجن پراڻن فونٽس جي نئين ورينس ۾ بہ ملٽي لنگيوئل سپورٽ شامل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو.

    گڏوگڏ هو #پھريون_سنڌي_فونٽ_ڊزائينر آهي جنھن سڀ کان اول سنڌي ٻوليءَ جي ڪنھن فونٽ ۾ ريگيولر ۽ #ڪشيدہ جي سھولت هڪ ئي وقت رکي آهي. مطلب ته فونٽ تبديل ڪرڻ جي جهنجهٽ کانسواءِ ئي رڳو ڪيبورڊ تي گهربل بٽڻ پريس ڪرڻ سان ريگيولر ۽ ڪشيدہ صورتون ڪم آڻي سگهجن ٿيون.

    ان کانسواءِ هلندڙ سالِ رمضان شريف ۾ هُن ملٽي لنگيوئل سپورٽ رکندڙ خاص فونٽ جاري ڪيو آهي جنھن سان نہ صرف قرآن پاڪ لکڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿي پئي آهي پر ٽيڪسٽ بڪس ۾ سبقن جي هِجي لاءِ #حرڪتن (زير، زبر، پيش) جي مقرر جڳھن تي نہ هجڻ واري مسئلي جو پڻ مڪمل حل پيش ڪيو آهي. #سنڌ_ٽيڪسٽ_بڪ_بورڊ کي اِن ڏانھن ضرور توجہ ڏيڻ کپي.

    صارِم جا فونٽس 2008ع کان وٺي هيل تائين لکين ڀيرا ڊائونلوڊ ٿي چڪا آهن ۽ #سنڌي_پرنٽ
    ۽ #اليڪٽرانڪ_ميڊيا تي
    #ڊرامن،
    #پروگرامن_جي_ٽائيٽلز،
    #اخبارن،
    #رسالن،
    #مئگزينس،
    #ڪتابن،
    #ويبسائيٽن سميت
    #اينڊرائيڊ
    ۽ #ڊيسڪ_ٽاپ_اپليڪيشنز جي سونھن بڻيل آهن. جنھن ۾ #ڪرشن_ڪمار_لوهاڻا پاران "#شاھ_جو_رسالو" جي سڀ کان پھرين ٺاهيل الفابيٽيڪل ڊيسڪٽاپ اپليڪيشن پڻ شامل آهي.

    هينئر به صارِم جا فونٽس سنڌي ڪمپيوٽنگ جي بانيڪار #عبدالماجد_ڀرڳڙي جي ويبسائيٽ ۽ #سنڌ_سلامت_ڊاٽڪام جي فونٽ سرور تان آسانيءَ سان ڊائونلوڊ ڪري سگهجن ٿا.

    ضرورت ان ڳالهہ جي آهي تہ صارِم جھڙن نوجوانن جي پذيرائي يا حوصلا افزائي ۾ جيڪڏهن ٻيو ڪجھ نہ ٿا به ڪري سگهون ته گهٽ ۾ گهٽ سندن ڪم مان فائدو وٺڻ کانپوءِ ٿوري شڪريي ادائي تہ سندن حق بڻجي ٿي.
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سدا سلامت ھجو ... اسان سڀ اوھان سان بي انتھا محبت ڪيون ٿا ... سبب ھڪ ئي آھي، سنڌي ٻوليءَ لاءِ اوھان جي بي لوث خدمت
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو