ڀٽائي رحه کي متاثر ڪندڙ ڪردار مائي اوڍياڻي شڪارڻ

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڀٽائي رحه کي متاثر ڪندڙ ڪردار مائي اوڍياڻي شڪارڻ​

    نواز ڪنڀر

    سينه به سينه هلندڙ روايتن مطابق مائي اوڍياڻي شڪارڻ کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي متاثر ٿيو هو، باقي اها مائي اڃا تائين ڪنهن تاريخدان جي تحقيق جو مرڪز بڻجي نه سگهي آهي. سانگهڙ شهر کان ڇهه ست ڪلوميٽر پري گهاٽن کٻڙن ۾پراڻن ڪنڊن جي وچ ۾ رنگ برنگي پڙن سان ڍڪيل هڪ قبر ٺهيل آهي، اها ئي مائي اوڍياڻي جي اڪيلي قبر يا ان جو تڪيو آهي، جنهن تي اڄ مرد ۽ عورتون باسون باسين ٿا. علائقي ۾ ملندڙ روايتن مطابق هي علائقو گهاٽو جهنگ هو، جنهن ۾ ڪنڊي ۽ ڇانگري ٻيرن جي وڻن جي وڏي ڪثرت هئي، ته رونجها ذات جا ڀاڳيا به وڏي تعداد ۾ آباد هئا. بنيادي طور هي علائقو هندن جي اثر ۾ هو، جن ۾ هتان کان ڏيڍ ڪلوميٽر اولهه ۾ ريلو مل جي زمين، باغ ۽ دڪان، ان کان ڏيڍ ڪلوميٽر کن اولهه ۾ ميٺا رام جون ٻنيون ۽ باغ، ڀرسان اتر ۾ کوڄي جو دڪان ۽ زمينون هيون، جتي پوءِ خان صاحب جو پهلوان ڳوٺ آباد ٿيا. ميٺا رام جو ڳوٺ ڪرنل ايم اي لطيف جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، پر مائي اوڍياڻي اڄ به ساڳئي نالي ۽ عزت و احترام سان ابدي آرامي آهي.

    مائي اوڍياڻي متعلق مختلف روايتون ملن ٿيون، جن مطابق مائي شڪاري قبيلي سان تعلق رکندڙ هئي. شڪاري جيئن ته مختلف جانورن کي مختلف طريقن سان شڪار ڪري گذر سفر ڪندا هئا، ان ڪري هي علائقو سندن لاءِ ڏاڍو زرخيز علائقو هو. هڪ ڀيري اوڍياڻي گرمي ۾ ڪٿان خير خيرات وٺيو واپس ديري تي پئي آئي ته ننڍن گلرن کي رڙيون ڪندي ڏٺائين، مائي کي ڏاڍو قياس آيو، هن گلرن کي پاڻي پيارڻ چاهيو پر ڪو ٿانوءَ نه هيس، مائي جهنگ ۾ هيڏانهن هوڏانهن نهاري، ٻڪ ۾ پاڻي گلرن کي پياريو. قدرت اهو سڄو عمل دلچسپيءَ سان پئي ڏٺو. مائيءَ جي اها ادا ايتري ته پسند ڪئي وئي، جو هوءَ رنگيءَ جي رنگ ۾ رڱجي وئي. هاڻ اوڍياڻي شڪارڻ، اڳوڻي اوڍياڻي نه رهي هئي، بلڪه دعا پٽ واري مائي اوڍياڻي بئجي چڪي هئي. چون ٿا ته هڪ ڀيري ڀٽائي صاحب جو اتان گذر ٿيو. ڀٽائي صاحب کي جهنگ ۾ هلندي هڪ ڪنڊي جي بنڊي پير ۾ لڳي، کانئن بي اختيار نڪري ويو ته، ”باهه لڳيئي!“ کت کي باهه لڳي وئي، پاڻ اڳتي وڌيا، اڳتي هڪ ڪتي ڀونڪي. ڪن روايتن ۾ ته پاڻ ڪتي کي گهوري ڏٺو ۽ ڪن مطابق پاڻ ڪتي کي چيو ته، ”هل ڙي نڌڻڪي.“ مائي اهو لقاءُ پئي ڏٺو ۽ ٻڌو. هن ڀٽائيءَ صاحب کي چيو ته، ڪتي ڌڻيڪي آهي، بنڊي، کت ڪونهي جو ان کي باهه لڳي. ڀٽائي صاحب ڏٺو ته مار! ڳالهه ڳري آهي، ماڻهو پيا آهن!! چون ٿا ته، مائيڙ ڀٽائي صاحب کي ماني کائڻ جي دعوت ڏني، جيڪا پاڻ قبول ڪيائون. مائي هئي شڪارڻ، سو هن ڀٽائي صاحب جي سامهون ”گلويون“ کڻي ديڳڙي ۾ وجهي، رڌي اڳيان رکيون. ڀٽائي صاحب سڄو لقاءُ اکين پئي ڏٺو، سو دل جهلي نه سگهيو ۽ مائيءَ کي چيائين ته هينئر بک ڪانهي، ماني ٻڌي ڏيو، اڳتي وڃي کائيندس. مائيءَ ماني ڪپڙي ۾ ٻڌي ڏني، ڀٽائي صاحب اٿي روانا ٿيا، ٿورو اڳتي وڃي پاڻ اها ماني ڪنهن سڪل وڻ جي پاڙ ۾ هاري، ڪپڙو ڇنڊي اڳتي وڌي ويا، گهر پهچي پاڻ اهو ڪپڙو، ڪن روايتن مطابق، هڪ نوڪر کي ۽ وڌيڪ روايتن مطابق ڪنهن نوڪرياڻي يا ٻانهيءَ کي ڌوئڻ لاءِ ڏنائون. ڪپڙو ڌوپجڻ جو ته ڌوپجي ويو پر ڀاڄي جي سڻڀ وارو داغ نه لٿو، سو نوڪر/ ٻانهي داغ کي ختم ڪرڻ لاءِ ٻيو ڪو چارو نه ڏسي کڻي چوسيو. جڏهن نوڪر ڪپڙو ڌوئي واپس پئي آيو ته زمين تي پير نٿي لڳس ۽ هو زمين کان مٿان مٿان هلندي پئي آيو. ڪن روايتن ۾ نوڪرياڻي ڪپڙو ڌوئي پاڻي جا دلا مٿي تي ۽ ڪڇ ۾ کنيو پئي آئي ته اهي مٿي کان مٿي ۽ ڪن روايتن ۾ ٻانهي پاڻ زمين کان رڙهندي پئي آئي. ڀٽائي صاحب اها ماجرا ڏٺي، سبب پڇيو . جواب مليو، ٻيو ته ڪو اهڙو عمل ڪو نه ڪيو اٿئون، ها باقي ڪپڙو چوسي صاف ڪرڻ جي ڪوشش ضرور ڪئي هئي سون. ڀٽائي صاحب ڳالهه جي تهه تائين پهچي ويا. واپس ساڳي رستي تان ٿيندا مائي اوڍياڻي جا وڃي مهمان ٿيا. رستي ۾ ان سڪل وڻ کي ڏٺائون، جنهن تي ماني هاري هئائون ته اهو سائو ستابو ٿيو بيٺو هو. اڃا به وڌيڪ پڪ ٿي. مائيءَ کي ماني لاءِ چيائون ته مائي وراڻيو هاڻ دير ٿي وئي آهي. اها ڳالهه ثابت آهي ته هڪ رنگي جي رنگ ۾ رنڱيل شڪارڻ عورت ڏانهن ٻين ڪيترن ئي الله لوڪن سان گڏ ڀٽائي صاحب به پنڌ پئي ڪيا ۽ هزارن کي متاثر ڪندڙ به هن غريب مسڪين مائيءَ کان متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو هو، پر هڪ ڳالهه جيڪا تاريخ جي طالب علمن کان طلب ٿي ڪجي، سا اها آهي ته ڀٽائي صاحب گهڻو ڪري جتي به ويا آهن، يا جنهن ڳالهه ماڻهو يا واقعي کان متاثر ٿيا آهن، ان جو ذڪر پنهنجي شاعري ۾ ضرور ڪيو اٿن، پر هن مائيءَ جي حوالي سان پيسو ڳوٺ ۾ رهندڙ سئو سالن کان مٿي عمر جو حر تحريڪ جو غازي چاچو بلاول خاصخيلي، گل شير وساڻ ۾ رهندڙ استاد رمضان وساڻ ۽ اسان جو ڪاليج جو موجوده ورڪر ساٿي احمد وساڻ، توڙي ڪاليج جو اڳوڻو بزرگ دوست ۽ علائقي جو نالي وارو خطيب سائين سيد محمد شاهه توڙي ٻيا ڪيترائي ڄاڻو خاموش آهن. جيڪڏهن ڪنهن لطيف جي پارکو کي هن سلسلي ۾ ڪو شعر ذهن ۾ هجي ۽ اهو ظاهر ڪري ته ڳالهه اڃا به وڌيڪ سولي ٿي پوندي.

    پهرين حر تحريڪ دوران مکي ۾ 12 ماڻهن جي ڪابينا ٺاهي پنهنجو حڪم هلائيندڙ بچو بادشاهه خاصخيلي جو وزير پيرو وساڻ جي مرشد جي حڪم تي انگريزن سان مهاڏو اٽڪائي سر ڏيڻ واري هنڌ جهوڙي واري لئي کان اتر اولهه فرلانگ کن تي ڪجهه ماڻهو موجوده جهوڙي واسي لئي جي يادگار واري هنڌ کي اهو هنڌ مڃڻ کان دليلن سان انڪاري آهن. اتر ۾ سڏ پنڌ تي راڄ شينهن واري قبرستان، اوڀر ۾ ٻن ٽن ايڪڙن سوهري جي ڪنڊن (اهو به ڪنهن بزرگ جو تڪيو آهي، جيڪو هاڻ آباد زمين جي وچ ۾ هڪ ٻن کٻڙن ۽ ڪريل ڪنڊن سان ويران پيل آهي. هي رونجهن جي حوالي سان مشهور آهي، هتي رونجها وڏي تعداد ۾ آباد هئا، جن وٽ مشهور حر ڪردار ميرو فقير نظاماڻي به اچي رهندو هو. اها زمين به اڳ ۾ هندن جي هئي، پوءِ سانگهڙ ۾ آباد ڪجهه ماڻهن کي ڪليم ۾ ملي ۽ پوءِ انهن کان وساڻن خريد ڪئي ۽ اولهه ۾ آلي جي ڪنڊن (اتي چانڊين ڏاتار جي نالي جا ڪي ڪنڊا ڪيا هئا، پوءِ اهو سڄو علائقو ۽ اتي رهندڙ آلي جي ڪنڊي وارا سڏجڻ لڳا،) جي وچ ۾ ابدي آرامي ٿيل مائي اوڍياڻي شڪارڻ اڄ به ڪنهن تاريخدان ۽ لطيف جي پارکو جي نظر جي متلاشي آهي، جيڪو هن امر عورتاڻي ڪردار کي تاريخ جي ڪتابن ۾ جائز حيثيت ڏياري سگهي. ساڳئي نموني جتي جي زمين ڪنهن اهڙي جاکوڙي جي به منتظر آهي، جيڪو هتي اچي رهندڙ هن جي ٿاڪن، انهن تي ٿيندڙ حملن ۽ انهن پٺيان هٿن، پيسو جي ڀاءُ توڙي مکي ميٺا رام جي قتل تان به پردو کڻي سگهي ته گڏوگڏ مائيءَ جي ستن تڪين جي باري ۾ به ٻڌائي سگهي. ڪن ماڻهن جو چوڻ آهي ته مائيءَ جا ستن تڪين مان ڪي نئون آباد، هالا، ڄام ڏاتار، ڪن لاڏائو ڇڄ وڪڻندڙ قبيلن جي فردن مطابق، ٽنڊي باگي واري پاسي به آهن. ڪن ماڻهن مطابق، هتي مائيءَ جو تڪيو آهي، خبر ناهي هوءَ پاڻ ڀٽ شاهه تي رکيل آهي. ڪجهه به هجي هن اڪيلي آرامي ٿيل عورت، جيڪا ٻئي ڪنهن کي نه ته هتي پورجڻ ٿي ڏئي ۽ نه ئي ڪنهن کي ڪو مزار اڏڻ ٿي ڏي (جيتوڻيڪ يارهن چڪ ڀرسان رهندڙ سندراڻين قبو اڏائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اڏائي نه سگهيا) ۽ نه ئي ڪنهن کي مزار ڀرسان ڪا ڪاٺي کڻڻ ٿي ڏئي، تي وڌيڪ تحقيق جي ضرورت آهي.
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀٽائي رحه کي متاثر ڪندڙ ڪردار مائي اوڍياڻي شڪارڻ

    اهڙي بزرگ هستي بابت معلومات ونڊ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني ادا

    سدائين گڏ
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڀٽائي رحه کي متاثر ڪندڙ ڪردار مائي اوڍياڻي شڪارڻ

    ادا ڦلپوٽه صاحب توهان جا اهي وڏا وڙ ۽ مهربانيون چئبيون، ڀاء توهان ڪهڙي حال ۾ آهيو، ڇا توهان اڃان به ناراض آهيوڇا؟
    منهنجي خيال ۾ توهان جي ناراضگي هاڻ ته ختم ٿئي وئي هوندي، ۽ اسلام به اسان کي اهيو سبق ڏئي ٿو ته هڪ مسلمان کي ٻئي مسلمان سان ٽن ڏينهن کان وڌيڪ ناراضگي هئڻ نه گهرجي۔
    اميد ته خوش باش ۽ خيريت سان هوندا،
     
  4. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڀٽائي رحه کي متاثر ڪندڙ ڪردار مائي اوڍياڻي شڪارڻ

    :)):)):)):)):)):))
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو