سياستدان ۽ ليکڪا، ڊاڪٽر حميده کهڙو جي ياد.....!

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ فقير محمد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏11 فيبروري 2021۔

  1. فقير محمد سنڌي

    فقير محمد سنڌي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    181
    ورتل پسنديدگيون:
    15
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    308
    سياستدان۽ ليکڪه :
    ڊاڪٽر حميده کھڙو جي ياد !
    فقير محمد سنڌي
    سنڌ جي مايه ناز شخصيت ڊاڪٽر حميده کھڙو مشھور سياستدان ۽ اڳوڻي وزيراعلى خانبھادر محمد ايوب کھڙي جي نياڻي 13-آگسٽ 1936ع تي ڳوٺ عاقل ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ڄمڻ کان هر انسان جو تعلق تعليم سان ئي رهي ٿو. اهڙي طرح ڊاڪٽر حميده کھڙو پرائمري تعليم پنھنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي. سيڪنڊري تعليم سينٽ جوزف ڪنوينٽ اسڪول ڪراچيءَ مان ۽ انٽرميڊئيٽ سينٽر جوزف ڪاليج ڪراچيءَ مان ڪيائين. وڌيڪ تعليم لاءِ ڪئمبرج يونيورسٽي انگلينڊ مان 1961ع ڌاري تاريخ جي مضمون ۾ گريجوئيشن ڪئي. اڃا تعليم جي سفر کي جاري رکندي آڪسفورڊ يونيورسٽيءَ مان ايم.اي به ڪئي پر گڏوگڏ اسڪول اف اورينٽئل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز، لنڊن يونيورسٽيءَ مان پي ايڇ.ڊي جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر حميده کھڙو کي اهو اعزاز حاصل ٿيو جو هيءَ پھرين مسلم عورت هئي جنھن اتان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. تعليم پوري ڪري پنھنجي وطن واپس وري، انهيءَ اميد سان ته پنھنجي پٺتي پيل سماج کي تعليم جو شعور ڏيڻ تمام ضروري آهي. اچڻ سان ئي ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ 1965ع کان 1969ع تائين تعليم جو ئي درس ڏنائين، ان کان پوءِ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ملازمت اختيار ڪري اُتي ڪوششون وٺندي پاڪستان اسٽڊي سينٽر قائم ڪرايائين. 1983ع ۾ يونيورسٽي گرانٽس ڪميشن جي ميمبر به ٿي پر ٻن مھينن بعد تعليمي شعبي کي خيرآباد چئي سياست ۾ حصو ورتائين.
    انسان جي زندگيءَ ۾ شريڪ حيات جو هجڻ به لازمي آهي. ان عمل تي رهي ڪري ڊاڪٽر حميده کھڙو، ڊاڪٽر عبدالعليم قاضيءَ سان 1969ع ڌاري شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويئي، جنھن مان هڪ نياڻي ”نوحى مارئي“ جو جنم ٿيو.
    ڊاڪٽر حميده کھڙو سياسي سفر ۾ سنڌ جي حقن ۽ خودمختياريءَ واري موقف سان سياست جي وايومنڊل ۾ پنھنجو آغاز ڪيو، سياست ۾ پيغامِ سنڌ جي خالق جي.ايم.سيد جي رهنمائي ۾ سٺي نموني سان جدوجھد جو آغاز ڪيو. ٿوري عرصي دوران قومپرست سياست کي به خيرآباد چئي. 1971ع ۾ ڀٽو حڪومت ۽ انهن حالتن تي تنقيد ۽ شيخ مجيب الرحمان جي هلچل جي حمايت ڪئي. اهڙي طرح ڊاڪٽر حميده کھڙو 1973ع واري آئين تي به تنقيد ڪندي ان کي صوبن جو مخالف قرار ڏنو. 1988ع ۾ ڊاڪٽر حميده کھڙو، سنڌ نيشنل الائنس جي چيئرپرسن چونڊجي آئي ۽ انهيءَ پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي 1988ع وارين چونڊن ۾ بيگم نصرت ڀٽو جي مقابلي ۾ چونڊ وڙهڻ جو اعلان ڪيو پر ڪامياب نه ٿي سگهي. وقت پنھنجون منزلون طئي ڪندو هليو، نيٺ ٻن ورهين جي وٿيءَ کانپوءِ 1990ع ۾ ڄام صادق علي جي قيادت ۾ نگراني حڪومت جُڙي ته ڊاڪٽر صاحبه کي ڪجهه مھينن لاءِ تعليم کاتي جو قلمدان ڏنو ويو. ڊاڪٽر حميده کھڙو پنھنجي طبيعت ۾ هڪ مثالي عورت هئي، جنھن ڪڏهن به خاموشي اختيار نه ڪئي، 1993ع ۾ سياست جي ميدان ۾ هڪ ڀيرو ٻيھر سرگرم ٿي ڪري پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت ڪئي. پارٽيءَ جي سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جي ميمبر ۽ پاليسي پلاننگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن به ٿي. پر وقت چوي آءٌ بادشاه ”نيٺ پنھنجي ملڪ ۾ 1999ع تي مارشل لا جو راڄ قائم ٿيو، مسلم ليگ (ن) لاءِ ملڪ جي سرزمين بلڪل تنگ ڪئي وئي جنھن جي ڪري ڊاڪٽر صاحبه کي ڪجهه عرصو ملڪ کان ٻاهر رهڻو پيو.
    جيئن ته 2002ع تي ڊاڪٽر صاحبه نئين نموني سان سياست ۾ پير رکيو ۽ ڏيهه واپسي ڪيائين، ق ليگ جي ٽڪيٽ تي عورتن واري مخصوص سيٽ تي فارم ڀريو ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر منتخب ٿي. زندگيءَ جي پل پل ۾ ساهه وجهندڙ ڊاڪٽر صاحبه ”ق ليگ جي حڪومت ۾ 2004ع ڌاري کيس سنڌ جي تعليم کاتي جو وزير بڻايو ويو“ جيڪو قلمندان وٽس ٽي سال رهيو. انهيءَ دوران ڊاڪٽر صاحبه سنڌي قوم جي سٺي نموني سان خدمت ڪئي ۽ پاڻ ملهايو.
    ڊاڪٽر حميده کھڙو جو اندر جو انسان هر وقت متحرڪ رهيو پئي، ڪيترن ئي ادارن ۽ تنظيمن جي ميمبر، سينڊيڪيٽ ميمبر ۽ عھديدا رهي. ”آڊيو جنھن ۾ يونيورسٽيون، تحقيقي ۽ ادبي ادارا به شامل آهن“. 1999ع کان ٽرسٽ فار والنٽيئر آرگنائزيشن (TVO) جي ميمبر ۽ پوءِ وائيس چيئرپرسن به رهي ۽ ان دوران ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا. سياسي سرگرمين کانسواءِ علم ادب ۽ لکڻ سان به چاهه رکيائين، سندس ڪيترائي سنڌي، اردو ۽ انگريزي ۾ لکيل ڪالم شايع ٿيس، سندس ڪيترائي تحقيقي مضمون دنيا جي مشھور مخزنن ۽ اخبارن ۾ ڇپيا
    ڊاڪٽر حميده کھڙو شخصي سڀاءُ رکندڙ عورت هئي، جنھن پنھنجي ۽ پرائي کي هر وقت پئي مانُ ڏنو. تعليم ۽ سياست ۾ ڪڏهن به پنھنجو وڏيرڪو ذهن نه رکيو، توڻي جو هوءَ وڏيرڪي سماج ۾ پيدا ٿي هئي پر پنھنجي علمي شعور سان زندگي گذاريندي رهي. ڊاڪٽر حميده کھڙو زندگيءَ جا سڀ پَلَ پاڻ سان گڏ سھيڙي اڄ 12-فيبروري 2017ع تي سنڌي قوم کان موڪلائي وئي جنھن سان سنڌ جي تاريخ ۾ هڪ پڙهيل لکيل سياسي خاتون جو خال پيدا ٿي ويو آهي، جيڪو خال صدين پڄاڻان ڀرجڻ مشڪل پيو ڀاسجي.
    **
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو