شاعري روح جو راڳ آهي

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    شاعري روح جو راڳ آهي​

    امر رائيسنگهه راجپوت
    ادب جي اوٽ ۾ جيون جا پل گهاريندڙ کي ”اديب“ چئبو آهي ۽ ڪويتا ديوي جي قرب ۾ قابو ٿيل کي ”ڪوي“ يا ”شاعر“ چيو ويندو آهي! اِهي ٻئي تمام حساس دل هوندا آهن! چوندا آهن ته شاعر جي دل، مور جي دل وانگر نازڪ و نفيسه هوندي آهي! ان کي ٿورڙو ڪنهن ايذاءُ پهچايو ته ان جي اندر مان آهه نڪري ويندي ۽ اُها آهه ڀيڄ ڀنيءَ جي خوشبو جهڙن خيالن جي روپ ۾ روپجي ويندي آهي، جيڪا ڪاغذ جي ڪينواس کانسواءِ دل جي ڊائري تي به درج ٿي ويندي آهي! جيڪا سنگيت جي سُرن کان به سرس مٺي هوندي آهي! اُها هوندي آهي امر ڪويتا جنهن جي رس جو چس امرت جهڙو مٺو ۽ آب حيات جهڙو عظيم هوندو آهي!

    اهڙي امر شاعري انسان جي اندر مان تڏهن اُتپن ٿيندي آهي جڏهن ان جي دل کي درد رسندو آهي! پوءِ اُهو درد ڀلي کڻي ڪهڙي روپ ۾ هُجي! عشق جي چوٽ هُجي يا سيڻن جا ويڻ هُجن! سرتي جي جُدائي هُجي يا ڌرتي جو وڇوڙو هُجي! ظالم جو ظُلم هُجي يا پنهنجي جا پهچايل ڏک هُجن، اِهي سڀئي سور جڏهن سيني جي سيج کي بغاوت جي باهه ڏيندا آهن! تڏهن اندر مان اُن ڀنڀٽ باهه جا اُلا شاعري جي شعلن جي روپ ۾ سنسار ۾ نروار ٿيندا آهن! اُنهن جي تپش جو تيج سورج جي ڪرڻن کان به ڪربناڪ هوندو آهي! شاعري جي سروپ ۾ ڏنل بد دعائون بندوق ۽ ڀالي جي گهاءَ کان به ڳريون هونديون آهن! شاعري ۾ بغاوت جا گيت، دشمن جي ڀاري بُرجن کي به لوڏي ڇڏيندا آهن! ڏات جو ڏمر، ڏُڪار جي ڏيل کان به وڌ ڏکائيندڙ هوندو آهي! ڏات وڏي بات هوندي آهي پر اُها ڪنهن ڪنهن خوشنصيب جي پلئه پوندي آهي! شاعري هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي!

    چوندا آهن ته شاعري ڪبي ناهي پر ٿي ويندي آهي!​


    اِهو فلسفو پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي پر اسين جيڪڏهن اتهاس جو جائزو وٺنداسين ته اسان کي اِها چڱي ريت پروڙ پوندي ته شاعري ڪبي به آهي! شاعري ڪئي ويندي به آهي! ماضيءَ جي جيءُ ۾ جهاتي پائي ڏسنداسين ته اسان کي اهڙا انيڪ ڪردار نظر ايندا جن شاعري ڪئي! جن کان جبري شاعري ڪرائي ويئي، اُنهن شاعرن کي درٻاري يا خانداني شاعر ڪوٺيندا آهن! مرزا غالب هڪ عظيم شاعر هُيو پر قصيده نويسي هُن جي مهانتا کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو!

    شاعري جيڪا ”ڪئي ويندي“ آهي اُن ۾ ايترو دم ناهي هوندو جيترو ”ٿي ويندي“ ۾ هوندو آهي! ڪنهن به ڪارڻ جي سرير مان پاڻهي پرواز ڪري نڪتل شٻد شٻد، ماکي جي لار برابر هوندو آهي! شاعري جيڪا قدرت کان مليل ڏات جي روپ ۾ سرير ۽ روح جي راڻي هوندي آهي، اُها شوقيا ڪيل شاعري کان سوَ ڀيرا سرس سرُهاڻ واري هوندي آهي! شوقيا ۽ جبري ڪيل شاعري، روح کي ايترو سڪون ناهي ڏيندي جيترو دل جي دُوار مان نڪتل ڪُنوار جي روپ جهڙي ڪويتا ڏيندي آهي! ۽ ها اُن شاعري جي ساراهه هر وجود ڪندو آهي ڇاڪاڻ ته اُن شاعري جي سِٽن جا هٿڙا. ماڻهو جي من جي سُرندي جي تارن کي ڇيڙيندا آهن! اُن شاعري جي سِٽ سِٽ ۾ سُوز هوندو آهي! اُن شاعري کي هر دل جا چَپ چُمندا آهن! اُها شاعري پکين جهڙي پويتر ۽ اکين جهڙي اُجالي هوندي آهي! عشق جي چوٽ ۽ جاني جي جُدائي سبب اندر مان اُٿيل شاعري جي طوفان ۾ رُڳو درد جو واءُ هوندو آهي! جنهن جو ساءُ اُهي وجود ئي پرکي سگهن ٿا، جن جي جيون جهول ۾ اهڙي آنڌي آئي هوندي! جن ساجن جي جُدائي جو جهيل جهاڳيو هوندو!

    جن راتين جون راتيون، سرتي لاءِ روئي گُذاريون هونديون! جن جي اکين اَسوماس جي ميگهه جيان لڙڪ لاڙيا هوندا! جن پرين جي پار لاءِ دل جي نگري مان قرب جا ڪبوتر اُڏاريندي ائين چيو هوندو ته:

    سڄڻ تنهنجي سڪ ۾ جيئن تران تيئن تار​


    تون ئي رهين روح ۾ تون ئي اکين ٺار​


    پرين تنهنجي پار مون کي واجهائيندي ورهيه ٿيا (شاهه)​


    پنهنجي ڏاڏاڻي ڏيهه کان ڏور رهندڙ جلاوطن جندڙي جي جيءُ مان نڪتل شاعري جي سارس جي ٻولي ۾ جيڪا مٺاس هوندي آهي، اُها شايد ئي ڪنهن ٻي ڪويتا ۾ هُجي! وطن جي پٽن، رُڇن ۽ ريٽن لاءِ سرجيل شاعري کي وقت جي رفتار ڀلي کڻي ڪهڙي به رُخ ۾ وٺي، پر مُنهنجي لاءِ اُها ايتري عظيم آهي، جيتري مُنهنجي ماتا جننيءَ!! ڇاڪاڻ ته آئون جنهن ديس ۾ رهان ٿو اُن ديس جي مريادا ۾ سرتيءَ کان وڌ ڌرتيءَ ماءُ جو مانُ رکيو ويندو آهي! تڏهن ئي ته اسان جي عظيم انقلابي شاعر، سنڌ جي سارس پکيئڙي شيخ اياز سرتيءَ کان وڌ ڌرتيءَ لاءِ شاعري ڪئي آهي! دُنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ ڌرتيءَ جي شاعري شيخ اياز ڪئي آهي! جنهن جو اتهاس گواهه آهي!!

    سڄڻ ۽ ساڻيهه کانسواءِ جيڪا شاعري سرجيل آهي، اُها مظلومن جي جيون چريتر تي چٽيل چتر ليکا آهي! اُن ۾ به درد جي دانهن جا پڙاڏا گونجن ٿا! سورن جون صدائون سُوز ڀريا آلاپ آلاپين ٿيون!

    پر الميو اِهو آهي ته اڄڪلهه سرجي ويندڙ شاعري ۾ نه مظلوم جي ميار سمايل لڳي ٿي، نه ديس جي مٽيءَ جي مهڪ اچي ٿي! شاهه رح جي هن ديس جي ثقافت جا رکوالا سنڌي شاعر به شايد ڌرتي جي ڌُوڙ جي عظمت وساري ويٺا آهن! ڪڏهن ته رُڳو پرين جي پِياجيءَ چپن ۽ بَخمَلِي بدن جي پس منظر ۾ شاعري سرجي وڃي پيئي! مڃون ٿا ته اڃا به ڪٿي اهڙا شاعر آهن جيڪي محبوب جي مرڪن کان وڌ مظلومن جي دانهن تي لکن ٿا پر اهڙن ڪردارن جي گهڻائي ختم ٿي ويئي آهي!! اي جيجل سنڌ جا رهواسيو! توهان ڀلي کڻي محبوب جي ملوڪ مُهانڊي جي سُندرتا تي به ڪو شعر لکو پر سڀني کان اول مٽيءَ ماءُ جي مَحور بابت به سوچيو ته اڄ ڪلهه اسان جي سنڌ ڪيترا سِتم سهي رهي آهي!! صوفين ۽ سنتن جي سنڌ جي مَحُور ۾ اڄ ڪلهه رَڳو بي رُخين ۽ بي رحمين جون باهيون ٻري رهيون آهن! جن ۾ ٻاگهي ٻائيءَ جي جوش جهڙيون جوانيون جلي رهيون آهن! ڪُجهه اُنهن جلندڙ جُواڻين تي به لکو!

    ساجن جي سُرخ چپڙن جا پيا سيئو! ڌرتي جي دڳن کي دل جي نگري مان ديس نيڪالي نه ڏيو! متان وساريو اُنهن مائرن کي جن جي ڪُک مان پيدا ٿيل سَپوٽ پُٽن سنڌڙي لاءِ سر ڏنا ۽ ها اُنهن عظيم سُهاڳڻين کي به ياد رکو جن سُهاڳ رات جو سيج تي سُمهڻ کان اڳ ۾ پنهنجن پتين (ورن) کي الوداعي چُمي ارپي وطن خاطر مَحاذ تي موڪليو! اهڙن تاريخي ڪردارن کي پنهنجي شاعري جي مالها ۾ پويو ته توهان به امر اتهاس بڻجي وڃو!

    باقي رڳو محبوب جي رُخسارن جو اَسير بڻجي، ساجن جي ساراهه ۾ شاعري سرجڻ سان ڪڏهن به اسين امر ڪونه بڻجي سگهنداسين، هِن ديس جي هر شاعر جو فرض آهي ته هُو پنهنجي ڪوتا ڪاڪ جي ڪنول مالها ۾ مظلوم جي ميار کان وٺي ساڻيهه جي سڪ جا موتي پوئي! سورهيه ويرن، سپوٽن، جوڌن، جان نثارن ۽ سورمين جي سورهيائي تي سٽون سرجي ته شاعري اصلي روپ ۾ جهلڪندي نظر اچي ۽ ڏات ڏمرجڻ بدران، ڪاسٻي جي ڪنوار جيان ڇم ڇم ڪندي جيون جي اڱڻ تي اچي ۽ روز نئين ڏانءَ جون سوکڙيون سونپي! ۽ اوهان سُٺا شاعر بڻجي سگهو!

    شاعري جون حُسناڪيون....!!

    شاعري وڇوڙي جو ورلاپ آهي! محبت جو آلاپ آهي! پيار جو پويتر احساس آهي! شاعري آتما جو آواز آهي! شاعري روح جو راڳ آهي! ڌرتي جي سونهن آهي! وُٺي جو واءُ آهي! ساجن جي سڪ ۽ وطن جي ڇڪ آهي! شاعري ڪوي جي دل درياءِ مان نروار ٿيل سچ جو آب آهي! شاعري مظلوم جو لڙڪ ۽ بندياڻي جو ٻُڙڪ آهي! شاعري مور جي اکڙين مان ڪريل آنسو برابر آهي، جيڪو ڊيل جي پيٽان وري وجود وٺي ڌرتيءَ تي ٽهوڪا ڪري ٿو! شاعري شاعر جي احساساتي حُسن جو پوپٽ آهي! شاعري سِتمن هٿان ستايل سريرن جو سڏ آهي! شاعري ساجن جي سِنهيرڙن هٿڙن جي اُها ريکا آهي جنهن ۾ عاشقي جي الستي لکيل آهي! ش%


    امر سنڌو امجد ڪيريو

    الطاف شيخ

    ڊائرين ۾ شاعري لکڻ واري عمر کان به گهڻو اڳ، جڏهن اڃان ڪاڙهي تتي ۾ بلور چٽبا هئا، ڏاٽ چُمائيو کيڏندي کن پل ۾ وڻن جي چوٽيءَ تي چڙهي وڃبو هو، نٽهڻ اُس ۾ سرد شامن ۾ ساڳ پٽڻ لاء ٻنين ڏانهن پنڌ ڪاهبو هو يا اڃان به وري ٻاراڻي رونشي خاطر ڪنهن پرائي ٻڪري کي ڌڻ کان چنل ڏسي، اواٽي تي چوري چوري کير ڏهي پيئڻ جهڙيون حرڪتون به وڏو ائڊونچر پيون لڳنديون هيون، ته اس ڪاڙهي نه ئي سياري پاري جي پرواه نه مٿي ۾ وارن کي ڦڻي نه پيرن ۾ جتي جو هوش. انهن ئي ڏينهن ۾ ان ئي ڇڙواڳ ۽ بيپرواه ٻاراڻي وهي ۾ منهنجو روح اهڙيءَ دنيا سان اٽڪيو جا اکرن جي ئي اڍائي اکري دنيا هئي. اڍائي اکري ان ڪري جو پنهنجي عمر ڀيچي نه ملي سگهڻ ڪري گڏين راند کيڏي نه سگهيس ۽ ائين روايتي ٻارڙن واري لڏي کان ڪي پل ٻاهراچي هڪ ٽڪاء هٿ ڪيم، سو هو ناني بابي جو ڪتابن سان ڀريل ڪٻٽ، جو منهنجي اندر جي سموري راند جو مرڪز ۽ محور بڻيو. ٻاراڻو ادب ته ممڪن آهي ته ان دؤر ۾ به تخليق ٿيندو هجي پر اتي جتي ڪورس جي ڪتابن کانسواء وري ٻي ڪابه پڙهائي ٻارن لاء ممنوع هجي، اتي پنهنجي عمر جي حساب وارن ڪتابن تي پهچ يقيناً ناممڪن هئي، نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪتابن کان هلندڙ سفر ۾ جن ڪتابن سڀ کان پهرين پنهنجي ساحري ۾ جڪڙيو سي هئا سفرناما، سي به سنڌ جي پهرين سيلاني الطاف شيخ جا-ها ان وقت جڏهن سنڌ جا ڳوٺ بجلين ۽ ٽي-وي وارين سهلتن کان به ناآشنا، تڏهن اهي سفرناما ”سنڌباد سيلاني“ جي سفر کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هئا. سنڌي ادب ۾ پڙهندڙ لاء پهرين ڏاڪي طور ڪم ايندڙ الطاف شيخ جا اهي سفرناما رڳو مون کي ئي نه پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن ئيم پڙهندڙ لاء بلڪل ڪرزما رهيا. الطاف شيخ لفظن وسيلي انهن سڀني اڻ ڄاتل، اڻ ڏٺل ۽ ڪڏهن ڪڏهن اڻ ٻڌل دنيائن جي ديس ۾ وٺي ويندڙ، عجيب گائيڊ، عجيب سونهون بنيو، ڏسندڙ اک سان نه پر محسوس ڪندڙ Imaging Eye سان هڪ نئين دنيا پڙهندڙ جي اندر ۾ تخليق ڪندو ان جي سير ڪرائيندو ويندو. ائين رڳو ليکڪ پاڻ ئي نه پر سندس پڙهندڙ به انهن ڏور ڏسائن جي دنيائن جي آگاهي حاصل ڪندو، ان جي Fantasy ۾ گم ٿيندو ويندو. ان ڳالهه ۾ ته وڌيڪ بحث جي ڪا گنجائش ئي ناهي ته الطاف شيخ جو پڙهندڙ ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين ان ئي Fantasy ۾ جيئندو رهيو. ايستائين، جيستائين ٽيڪنالاجي وسيلي انفارميشن عام ٿي گهر گهر تائين نه پهتي. تڏهن اخبارن جو مُنهن به ڪو پنجين اٺين ڏينهن پيو نصيب ٿيندو هو، تڏهن الطاف شيخ جا سفرناما اها واحد دري هئي، جتان سنڌ کان ٻاهر، سمنڊ اپسمنڊ جي مفاصلن تي ڪوهين ڏور، ست سمنڊ پار وارين ڌرتين، سماجن ۽ اڻ ڏٺل دنيائن ۾ جهاتي پائي ٻاهر جو سڌ سماء وٺي سگهبو هو. رڳو ايترو ئي نه پر انهن سفرنامن ”پرديس وڃڻ واري“ سنڌ سان وابسته ان Myth کي ٽوڙن لاء پهريئن پٿر طور ڪم ڪيو، جيڪو سنڌين جي کاتي ۾ ائين ٿي ليکيو ويو ته ”سنڌي ڳوٺاڻا ٻاهر ڪيئن نڪرندا، انهن ته ساڳي نالي جو ٻيو شهر به ڄڻ پرديس آهي“ ۽ اها به وقت ۽ حالتن جي ستم ظريفي چئبي ته ڪڏهن ڪڏهن ڪي قومون پنهنجي طبعي سياسي، اخلاقي ۽ تهذيبي اهڃاڻن بدران انهن سان وابسته ڏند ڪٿائي حوالن سان وڌيڪ سڃاتيون وڃن ٿيون.

    ائين ئي گهر کان ٻاهر جي دنيا کي پرديس سمجهڻ Mythکي الطاف شيخ جي سفرنامن نه رڳو ڀڃي غلط ثابت ڪيو، پر ٻئي پاسي سندس قلمڪاري واري پورهئي ۽ سندس سفرنامن لکڻ واري ڪرت سنڌي نوجوانن ۾ سمنڊ، اپسمنڊ، ڏور ولايت جي رنگين دنيا ۽ پرفريب منظرن ڏانهن ڇڪ ۽ ديس ديس جي صحرا جهاڳڻ جو اتساهه پڻ پيدا ڪيو

    . سفرنامن واري ادب جي تاريخ کڻي ڦلهوربي ته ابن بطوطه کان ويندي هاڻوڪي پنهنجي هن سنڌي سيلانين تائين ڪيترائي نانءُ، ڪيترائي اسلوب ۽ ڪيترائي نمونا انهن مان ڳولهي، جدا جدا درجه بندي، ڪري سگهجي ٿي پر الطاف شيخ کي انهن سڀني سفرنامن ۽ سندس لکيل سفرنامن ۾ جدا ڪري الڳ طريقي سان پرکي سگهجي ٿو .

    هئ سنڌ جو يگانو ليکڪ آهي جو جسماني طو ر تي ڏور ديس جون دنيائون جهاڳيندڙ سيلاني آهي پر ذهني طور هو محقق يا جاکوڙي آهي ۽ دلي طور تي رائٽر آهي . الطاف شيخ جي سفرنامن ۾ جتي رنگين راتين نيون سائين سان ٻرندڙ وسامندڙ گهٽين همسفر ساٿين جا چرچا گهٻا ۽ ٻيا دلچسپي جا سامان وڌيڪ هوندا هئا سندس اڄوڪن سفرنامن ۾ جاء جاء تي تجزياتي تبصرا شخصي ڪمينٽس وڌيڪ شامل آهن منهنجي نظر “ ان جو بنيادي سبب به سندس عمر ۽ سندس تجربوآهي شروعاتي سفرنامن۾الطاف اهڙو بود ۾ ڀريل اک حيرت ۾ ٻڏل ۽ پير سفر جي پنڌ ۾ جواني جو رنگ زندگي جا پهريان تجربا ۽ قلم جي رواني هئي هاڻوڪا سفرناما هڪ ذميدار ۽ زندگي جي تجربن ما ن پچي راس ٿيل سيلاني جا آهن هاڻوڪي اک حيراني مان نڪري هڪ جهانديده نظر جو ڏيک ڏئي ٿي ۽ مشاهدن سان گڏ تجزيو ۽ تبصرو هڪ ئي بيان ۾ نظر اچن ٿا.

    http://altafshaikh.atwiki.com/page/علي احمد بروهي

    http://altafshaikh.atwiki.com/page/تعارف الطاف شيخ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو