• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پرنٽ پبليڪيشن جو دئور تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ دُنيا جو مُڪمل لاڙو ڊجيٽل پبليڪيشن طرف رفتار سان

Sindhi Media

سينيئر رڪن
دوستئو! جيئن ته هاڻ پرنٽ پبليڪيشن جو دئور تيزيءَ سان ختم ٿي رهيو آهي ۽ دُنيا جو مُڪمل لاڙو ڊجيٽل پبليڪيشن طرف رفتار سان وڌندو وڃي ۽ اهڙيءَ طرح پرنٽ پبليڪيشن جا ڪتاب اسٽالن تي زينت بڻيا رکيا ويا آهن يا ڪتاب گهرن ۽ لائبررين ۾ اُڏوهيءَ جي خوراڪ پيا بڻجن يا گهڻي ڪميشن ڏيڻ باوجود نه پياکپن ۽ ڪي پبلشر ۽ نئين نسل جا چالاڪ ڦورو محض ڪمپنين يا دُڪاندارن کان ڪمرشيل ۽ ايڊورٽائيزمينٽ حاصل ڪري چند مهنن لا پنهنجون ان رجسٽرڊ ميگزينون ۽ اخبارون ڇاپين پيا ۽ روزگار پيا ڪن ۽ پو سگهوئي بند به! ته توهان به پنهنجو مُڪمل سرمايو جيڪو ڪتابن جي صورت ۾ آهي ڊجيٽائيز ڪري محفوظ ڪريو. سلائيڊ شيئر ڊاٽ نيٽ تي به توهان اهڙا ڪتاب ڊجيٽائيز ڪري رکي سکو ٿا ۽ گوگل، ياهو ۽ هاٽ ميل (لائيو ميل) وارن ته ان ڪم لاءِ اسپيس به ڏنو آهي (ڊرائيو اسپيس) ته دير نه ڪريو ۽ ايندڙ وقت جي ماڻهن کي سُپرد ڪرڻ لاءِ پنهنجون ڪتابي امانتون هاڻ ڊجيٽائيز ڪري محفوظ ڪريو. اسان جا به سڀ ڪتاب، پي ڊي، ايف فائل ورجن ۾ ڊجيٽائيز ٿيل ۽ محفوظ رکيل
آهن جتان توهان هي لنڪ لڳائي پڙهي سگهو ٿا.
http://www.slideshare.net/SindhiMedia/tenses-course-in-sindhi-language
هتي توهان کي قرآن ڪريم، تحقيَق ڪيل حديثن جا حوالا، سيرت نبي ۽ اصحابن تي تواريخي تفصيل، سائنس، آرٽس، ڪمپيوٽر هارڊ ويئر، ڪمپيوٽر سافٽ ويئر، ڪمپيوٽر ٽيسٽ ،سوشل ۽ سماجي جدوجهد، انگريزي، ٻولي، سنڌي ٻولي، سنڌي پٽي(اورجنل) ، ٽي وي ڊراما ۽ گهڻو ڪُجهه ملي ويندو. ته پوءِ دير ڇا جي پاڻ کي هڪدم سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ انٽرنيٽ سان مُڪمل وابسطا ڪريو! ۽ هن جديد دُنيا جو حصو بڻجو ۽ ماڊرن دُنيا وانگر علم سان لبريز ٿي وڃو.
 
Back
Top