بيريسٽر عبدالجبار ميمن المعروف جاويد جبار "JJ" ميمن جو آخري آواز. اهو به "آواز ٽيليويزن نيٽورڪ" ۽, مڙني "سنڌي ميڊيا (سوليووڊ) جي سڀني "انٽرٽينمينٽ, ميوزڪ ۽ نيوز چئنلس" جي "ڪلاس ون اينڪر پرسن" ۽ هوسٽ "شازيه ڪريم جيلانيء" جي مارننگ شوز ۾, آخري پروگرام, جنهن ۾, کليء طرح "سنڌ جي هر اشوء" کي ٽچ ڪيو ويو. اچو ته پاڻ به ٻڌون. https://m.facebook.com/story.php?story_fbid=4020794427945289&id=100000443149205 جڏنهن کان "ايوبي آمريت خلاف", پهرين تحريڪ اسٽوڊنٽس پولٽڪس سان شروع ٿي ته اسان ٻنهين,ڀائرن به گڏجي "اسٽوڊنٽس پولٽڪس" جو آغاز ڪيو هو, جنهن کي مون پوء PAF جوائن ڪرڻ (1974-1976) جي ڪري ڊسڪنٽينيو ڪيو ۽ عبدالجبار اسان جي ان مشن کي کڻي اڳتي وڌيو جنهنجو مڪمل اظهار هن پروگرام ۾ چٽو آهي. Pir Muhmmed Rashid Rashdi نه ائين ڪونهين, پارٽي جي اعلي قيادت کان وٺي هڪ ننڍي ڪارڪن تائين سڀ شروع کان ئي سهڪاري ۽ رابطن ۾ آهن. بلاشبه اسان ٻئي ڀائر ۽ ماسڙ ميان رحمت الله قريشي, جڏنهن اڃان پيپلز پارٽيء جو وجود به ڪونه هو , جڏنهن نيوسعيد آباد شهر تائين مخدومن جي رسائي به ڪانه هئي, شهر مڪمل سائين غوث علي شاه جي ڪنٽروم ۾ ۽ پير صاحب پاڳاري جي اثر رسوخ هيٺ هو, اسان هن شهر مان ٽئي ڀٽو جا ذاتي شيدائي ذاتيت سان ايوبي آمريت خلاف ميدان تي لٿاهئاسون, گڏو گڏ صندل تي ويٺل منهنجا ٻئي بزرگ ڏاڏا, حاجي,محمد جمن ۽گهڻي ۾ گهڻو, مهنجو ڏاڏو حاجي محمد بڇل ميمڻ , والد عبدالستار ۽ ڇاڇو حاجي ابراهيم اسان کان وڌيڪ شيدائي ۽ منٽ منٽ جي خبر وٺندڙ ۽ ڀٽو سان عقيدت رکندڙ هئا. اذان نماز تائين اهي, سڀ سنڌي اخبارون وٺي, شهر جي وچ ۾ پنهنجي ڪپڙي جي دڪان سامهون رکيل صندل تي شهر ۽ ماڻهن سان ميل جول سميعت, ڀٽو صاحب طرف ايوبي آمريت خلاف اٿاريل جدوجهد جون خبرون پڙهندا, اسان کان پيرن تي زور ڏياري, اسٽوڊنٽس پاليٽڪس جي آغاز جي پلبپل جي خبر چار وٺندا هئا. ياد رهي ته ڀٽو خاندان اسان لاء گهر برابر هو تصويرون ڏسي اندازو ڪري سگهو ٿا, پوء اها ٻي ڳاله هئي جڏنهن ڀٽي صاحب نيشنلائيزيشن ڪئي ۽ منهنجي جاگيردار, ڪارخانيدار چاچن جون دال ملون, ڪپهن جا ڪارخانه, زمينون, باغ ۽ ٻيون جائدادون نيشنلائيز ٿيون ته اسان ڀائرن ۽ هنن جي وچ ۾ چڙ چڙان پيدا ٿيندي رهندي هئي, ۽ ڀٽو صاحب جي سپورٽ تي چاچن کان دڙڪا به کائيندا هئاسون. جڏنهن ضياء آمريت جي خوف کان نه صرف ڀٽي صاحب جا دوست " مصطفي کر, جتوئي صاحب, ممتاز ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پير زاده" اسلام آباد جنرل چشتيء جي پناه ۾ هليا ويا, ايستائن جو ڀٽو خاندان خود به پاسيرو ٿي ويو, "بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو",اڪيليون رهجي ويون, ۽ ضياء آمريت جو عذاب برداشت ڪندي واشنگٽن ڊي سي هلي,ويون ته جيئن دنيا کي ضياه آمريت ۽نوڪرشاهي طرفان PP تي ٿيندڙ ظلمن جي آگاهي ڏجي, اسان اڳيان آياسون. تڏنهن کان نصرت ڀٽو,لاء ٻچن برابر, ايستائين جو بيگم نصرت ڀٽو اسان جي ماء بڻجي منهنجي ڀاء عبدالجبار ۽ ڀيڻ جون نواب شاه اچي شاديون ڪرايائون. ته نه اسان ڪڏنهن PPP جا بينيفشري ڪارڪن رهياسون نه اقتدار ملڻ سان فائدا حاصل ڪيا, پر ڀٽو صاحب جي گهر جا فرد ضرور ٿي وياسون, 70 ڪلفٽن کي پنهنجو گهر سمجهي آسانيء سان ايندڙ ويندڙ, ڀٽوصاحب سان ملندڙ, پوء جڏنهن آڪسفورڊ مان بينظير پڙهي آئي ته ڀٽو جي حڪم ۽ هدايتن تحت ساڻن ويهي پاڪستان جي اسٽوڊنٽ پولٽڪس تي ڊسڪشن ڪنداهواسون, مون PAF جوائن ڪئي ته اهو,مشن ننڍو ڀاء عبدالجبار کڻي اڳيان وڌيو. بلڪه اڄ به ڪڏنهن به رواجن ۽ روايتن به PPP سان ڪنهن يا لالچ سفارش تي فائدا نه ورتا هئاسون نه نوڪرين دوران ادارن ۾ شوبازي ڪري CBA کي,پنهنجي اها اهميت جتائيسون, جو ميرٽ تي هئاسون جيئن پوء ٻيا ساٿي بينيفشري رهيا, بس ڀٽي صاحب ۽ نصرت جي گهر مان ۽ عزت ملي.