• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اعجاز شاه راشدي

معشوق جمالي

فعال رڪن
سَلِيان سُور توسان، سَڄَڻَ ڪَهِڙا ڪَهِڙا،
خَبر وار آهين، پُڇڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

اِها آ اجائي، ڏاڍائي وڏائي،
ڪِٿي آ جُدائي، جِهڄڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

تُون حاضر تُون ناظرُ، ذَري پُرزي ظاهر،
اَندر توڙي ٻاهر، لِڪڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

مِٺا مَن جا مُهڻا، ڏئي طَعنا مِهڻا،
ساڙي ساھه سُهڻا، ٺَهڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

ڪَڍي ڪَجُ ڪمانا، بَتَر ڪَشِ پيڪانا،
هَڻي نِت نِشانا، هَسَڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.

چَوي اَعجاز بيوس، ڏِسڻ سان تون ڏِسُ، مُونکي ماٺِ آ بَسُ، ڇُلڻ ڪَهِڙا ڪَهِڙا.
 
Back
Top