عابده پروين

'تعارف' فورم ۾ عباس رضا سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏22 فيبروري 2021۔

  1. عباس رضا سولنگي

    عباس رضا سولنگي
    جونيئر رڪن

    شموليت:
    ‏26 ڊسمبر 2020
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    1
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    43
    ڌنڌو:
    شاگرد
    *“روح کي ڇُھندڙ سُرن جي راڻي ..... عابده پروين“*
    *تحرير :- عباس رضا سولنگي*
    راڳ انسان جي ويراڳ جي آبياري ڪندڙ اهڙي املھ ايجاد آهي جنهن کي ڪڏھن عبادت جو درجو به رهيو آهي ڇاڪاڻ جو اهو رُوح جي اُنهن تارن کي ڇيڙي ٿو جن مان انسان جو اصلي روپ نروار ٿئي ٿو ۽ ماڻھوءَ کي ماڻهو نج صورت ۾ نظر اچي ٿو,اسان راڳ کي پنهجي گهر ۾ ٻُڌو ،هنڊايو سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته اهڙو ڪن رسي هجي جو ماڻهو ڪنهن سريلي ساز جي آواز جي راز ۽ رمز جي ڪنهن پائي پئسي کي سمجهي سگهي ،راڳ جي اها رغبت اسان کي به ننڍپڻ کان ئي ريڊيو تي هلندڙ پراڻن هندستاني گانن کان وٺي سنڌي ڪلامن .ڪافين کي ٻڌڻ جي سعادت نصيب ٿيندي رهي آھي جيڪا اڳتي ھلي فنڪارن کي روبرو محفلن محفلن ۾ ٻڌوسين . ننڊپڻ جي هڪڙي يادگيري آهي ته اسين پنهنجي چاچي جي دڪان تي هئاسين ته ريڊيو تي ھڪڙو ڪلام هليو *“ محبوب ڪئي مون تي اڄ عنايت آ“* ڪلام دل کي ڇهندڙ ھو آخر ۾ ڪلام کي ڳائيندڙ جو نالو ۽ شاعر جو ٻڌايو ويو ته هي آواز هو عابده پروين جو ۽ شاعري هئي منصور ويراڳي جي اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن اهو ڇهندڙ آواز ڪنن ۾ ايئن ٻُري پيو ڄڻ ھاڻي ٻڌو هجي جيئن گهر آيس ته بابا کان پڇيم بابا عابده پروين بابت ڪجھ ٻڌايو بابا وراڻيو عابده پروين دنيا جي مهان ناليواري ڳائڻي آهي جنهن جي آواز جو جادو هر دل پنهنجي سحر ۾ وڪوڙي ٿو ۽ اسان بابا سان گڏجي عابده پروين ٻڌندا رهندا هئاسين جڏهن به ڪو نئون ڪلام ايندو هو ته ان کي پوري يڪسوئي ۽ سانت ۾ ٻڌي وري تبصرو ڪندا هئاسين اهڙي طرح عابده پروين جو راڳ اسان جي لاء ڀاڳ ۾ آيو.عابده پروين جو جنم لاڙڪاڻي شهر جي علي گوهر پاڙي جي هڪ راڳي گھراڻي ۾، 20 اپريل 1956ع تي ٿيو. سندس والد ماسٽر غلام حيدر لاڙڪاڻي ۾ ئي موسيقيءَ جي تربيت جو هڪ اسڪول هلائيندو هو ۽ پاڻ به هڪ سُريلو راڳي هو، سندس والده ممتاز بيگم به ڳائيندي هُئي. سندس مائٽ لاڙڪاڻي کان لڏپلاڻ ڪري مختلف شهرن ۾ رهائش اختيار ڪندا رهيا ۽ هو خيرپور، سکر، مٽياري ۽ آخر ۾ حيدرآباد ۾ اچي رهيا. جتي 1972ع ۾ هڪ ميوزڪ پروگرام ۾ حيدرآباد ريڊيو جي ميوزڪ پروڊيوسر غلام حسين شيخ کيس ٻڌو ۽ ريڊيو تي ڳائڻ جي دعوت ڏني. هن موسيقيءَ جي ابتدائي سکيا ته پنهنجي والد کان ورتي، پر پوءِ لاڙڪاڻي ۾ استاد ميهر علي خان کان موسيقيءَ جي سکيا ورتائين. موسيقيء ۾ سندس رهبري اُن وقت جي ميوزڪ استادن: استاد محمد جُمن، استاد نياز حُسين، استاد سلامت علي خان ۽ ماسٽر محمد ابراهيم ڪئي ۽ ناميارو براڊڪاسٽر الله بخش بُخاري به مٿس ڏاڍو مهربان هو. ٽنهي گڏجي سندس هر لحاظ کان تربيت ڪئي ۽ ان تربيت ۾ وڏي ۾ وڏو هٿ شيخ غلام حُسين جو هو، جنهن سندس اُچار ۽ ادائگي سنوارڻ ۾ جتن ڪيا. سڀ کان پهرين 1972 ع ۾ هن ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جي پروگرام ‘شوقيه ڳائيندڙ’ ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ريڊيو تي پاڻ جيڪو پهريون ڪلام رڪارڊ ڪرايو هُئائين، اُن جا ٻول هئا: “تنهنجي زلف جي بند ڪمند وِڌا، زندان هزارين مان نه رڳو” جنهن جو شاعر عبدالغفور مفتون همايوني هو، ان کان سواءِ هن صاحبڏني فاروقيءَ جو ڪلام پڻ رڪارڊ ڪيو، جنهن جا ٻول هُئا “من گھرئي مشتاق سان، جيئري جُدايون ڪيمَ ڪر”. هُوءَ ريڊيو وسيلي ٿورڙي ئي وقت ۾ تمام گھڻي مشهور ٿي وئي ۽ هُن جي پختگيءَ ۾ شيخ صاحب اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ عابده کي ان جي منزل تائين رسايو. شيخ صاحب اڳتي هلي 1975ع ۾ عابده سان شادي ڪئي، جيڪا سندس ٻي گھرواري هُئي. بقول شيخ صاحب: “عابده اها پهرين سنڌي ڳائڻي آهي، جنهن ڳائڻ ۾ مرداڻو انداز رکيو آهي. عابده پهرين عورت ڳائڻي آهي، جنهن ۾ فني پُختگي آهي. هُن غزل ۽ ڪافيءَ جي گائڪيءَ جي فارميٽ کي ملايو آهي، اهو فارميٽ اڃا تائين ڪنهن به سنڌي ڳائڻي يا ڳائڻيءَ وٽ ناهي. تنهن کان سوا هُن کي اسٽيج ڪرافٽ يعني کيس اسٽيج تي ڳائڻ جو وڏو ڍنگ اچي ٿو. هوءَ جڏنهن ڳائيندي آهي ته هر ٻُڌندڙ ائين محسوس ڪندو آهي ته ڄڻ ته عابده سندس لاءِ پئي ڳائي.”عابده جڏهن اسٽيج تي ڳائيندي هئي ته شيخ غلام حسين کيس اشارن وسيلي هدايتون ڏيندو هو ۽ ڳائڻ کان پوءِ کيس خوبين ۽ خامين جو ٻڌائيندو هو ۽ سندس بهتريءَ لاءِ محنت ڪندو هو ۽ اڄ عابده وٽ جيڪو ڪجهه آهي، اهو شيخ غلام حسين جو ڏنل آهي. عابده، ريڊيو تي گيت، غزل ۽ ڪافي ڳائڻ سان اڳتي هلي صوفي بزرگن جي ڪلام ڳائڻ تي ڌيان ڏنو ۽ درگاهن تي ڳائجندڙ ڪلامن کي ڳائڻ شروع ڪيائين. عابده پروين هن وقت اسلام آباد ۾ رهي ٿي. هوءَ 1996ع ۾ پنهنجي مُڙس شيخ غلام حسين جي لاڏاڻي کان پوءِ ڪراچي ڇڏي ٻارن سميت اسلام آباد هلي وئي. هن کي هڪ پُٽ سارنگ لطيف ۽ ٻه نياڻيون سِنڌُو ۽ پرهه آهن. سندس اولاد کي به فن سان دلچسپي آهي، سارنگ لطيف کي ڳائڻ ۽ نچڻ سان دلچسپي آهي ۽ هُن پنجن سالن جي ڄُمار ۾ هڪ تقريب ۾ نچي انعام حاصل ڪيو هو، جڏهن ته سندس هڪ نياڻيءَ کي وري پينٽنگ ٺاهڻ سان دلچسپي آهي. عابده پروين اُها ڳائڻي آهي، جنهن جيڪو به نغمو ڳايو، اُهو مقبول ٿي ويو. سندس شاعريءَ جي چونڊ عُمدي ۽ ڌُنَ سُريلي هوندي آهي. عابده پروين گھڻي ڀاڱي صوفي بُزرگن کي ڳايو آهي انهن مان شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ کي سڀني کان وڌيڪ ڳايو اٿس. ان کان سواءِ سچل سرمست، بلها شاهه، بابا فريد، تاجل بيوس، شيخ اياز، استاد بخاري، مخدوم طالب الموليٰ ۽ ڪيترن ئي صوفي ۽ نيم صوفي شاعرن کي به ڳايو اٿس. حيدرآباد ريڊيو تان شاهه جي ڪجھه واين کي اُردو ترجمي سان به رڪارڊ ڪيو ويو. سنڌيءَ ۾ استاد مُحمد جُمن ۽ عابده پروين اردوءَ ۾، ثريا حيدرآباديءَ ترجمو ڪري ڳايو. سندس آواز ۾ حيدرآباد ريڊيو تي سنڌي ۽ سرائڪيءَ سان گڏ ڪيترا اُردو نغما به رڪارڊ ڪيا ويا هُئا. سندس اُردو نغمو، اُستاد نياز حُسين جي مُوسيقيءَ ۽ آرزو لکنَويءَ جي شاعريءَ ۾ ‘گُھنگُھرو باجي ڇنن ڇنن’ ڏاڍو مقبول ٿيو هو. عابده پروين کي مُلڪي سطح تي مڃرائڻ ۾ ٽيليويزن جو وڏو هٿ آهي. 1979ع ۾ پي ٽي وي تي ممتاز مرزا پروگرام ‘سنڌ سينگار’ ۾ کيس متعارف ڪرايو. پي ٽي وي تي سندس آواز ۾ 1986ع ۾ سُلطانه صديقي، سندس گھڙولي اُردو پروگرام ‘آواز و انداز’ لاءِ رڪارڊ ڪئي، ته اُها مُلڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پُهچي وئي ۽ ٻيا جيڪي سندس آواز ۾ اُردو غزل نشر ٿيا، اُنهن مان خاص ڪري ناصر ڪاظميءَ جو سندس هي غزل سُڃاڻپ بڻجي ويو “جب سي توني مُجھي ديوانا بنا رکا هي”. هوءَ ڪيسٽن جي دنيا ۾ به مهان ڳائڻي بڻجي وئي، سرڪاري توڙي عوامي محفلن ۾ کيس گھُرائڻ اعزاز سمجھيو ويندو آهي. صوفي بُزرگن جي ميلن تي ڳائڻ کان سواءِ پاڻ حُڪومت جي ثقافت کاتي جي محفلن جو هڪ لازمي حصو بڻجي وئي. هن سنڌي فلم ‘ڌرتي لاهِ ڪُنوار’ جا اٺ نعما ڳايا. هن محمد يوسف سان گڏ دوگانا به ڳايا. سندس ڳايل نغمن جي شاعري امداد حسيني، عبدالڪريم گدائي ۽ شيخ اياز جي هئي. هن جڳ مشهور صوفي شاعر مولانا روميءَ بابت لنڊن ۾ ٺهندڙ فلم لاءِ به ڳايو هو. هوءَ سنڌيءَ کان سواءِ اردو، سرائڪي ۽ پنجابيءَ ۾ به بهترين اُچارن سان ڳائي ٿي. سندس لفظن جي ادائگي چِٽي هُئڻ سان ٻڌندڙن ۽ ڏسندڙن کي جھومائي ۽ مست ڪري ڇڏيندي آهي. 2000ع ۾ آمريڪا جي شهر نيويارڪ جي هڪ پارڪ ۾ لڳ ڀڳ هڪ لک ماڻهو جڏهن عابده کي ٻُڌي رهيا هُئا ته اتي ٻڌندي ٻڌندي انگريز اُٿي نچڻ لڳا ۽ مٿن وجداني ڪيفيت طاري ٿيڻ سبب اهي نچندي نچندي بيهوش ٿيڻ لڳا هئا. عابده دنيا جي ڪيترن ئي مُلڪن ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو، جن ۾ آمريڪا، انگلستان، فرانس، مراڪش، هالينڊ، جاپان، جرمني، ڪئناڊا، هندستان، تنزانيا سر فهرست آهن. کيس ڪيترائي مڃتا ايوارڊ به مليا آهن. ايستائين جو پاڻ فراخدليءَ جو مظاهرو ڪري اعلان ڪيائين ته، هاڻي ‘شاهه لطيف اوارڊ’ مون کي ڏيڻ بدران ٻين فنڪارن کي ڏنو وڃي ته جيئن اُنهن جي به مڃتا ٿئي. کيس ٻين اوارڊن ۾ 1980ع ۾ ‘سچل سرمت اوارڊ’، 1980ع ۾ سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران ‘سُهڻي اوارڊ’، 1982ع ۾ پاڪستان سرڪار پاران ‘پرائيڊ آف پرفارمنس اوارڊ’ ۽ 2005ع ۾ ‘ستاره امتياز’ شامل آهن. کيس ‘راڳ جي راڻي ’ ، ‘اُم ڪلثوم’ ۽ ‘مارئي’ جا لقب به مليا آهن. عابده پروين جا ڳايل ڪجهه مشهور ڪلام هي آهن:
    1.تنهنجو مشتاق ديد ساري ٿو (وفا پلي)
    2.پرچن شال پنهوار (شاهه لطيف)
    3.گهنڊ کول ديدار وکائو (سچل سرمست)
    4.يار دي گهڙولي (سچل سرمست)
    5.روئندي عمر نڀائي (خواجه غلام فريد)
    6.ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان (سليمان فقير)
    7.گهوم چرخڙا سائيان دا (ماڌو لال حسين)
    8.مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ (امداد حسيني)
    9.دامن لڳيان مولا (سينگار علي سليم)
    10.هِن جنم هُن جنم (اسحاق تُنيو)
    11.سُڻ بات برهه دي ڪيهي (ڪافي)
    12.سنڌ منهنجي امان (تاجل بيوس)
    13.ڪٿي مهر علي، ڪٿي تيري ثنا (مهر علي شاهه)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو