ڪيون ويس وتان ٿو ڪارا وڏي ڏينھن خدا جي پيارا منھنجي عيد وڃائي ڇڏي تو مون تي ماڻھو کلن ٿا سارا نه آئين تون ڪري مان ريھون رنم وڪوڙي ويو آھي وھم سڀ اوري پري جا ماڻھو پنھنجي پيارن وٽ پھچي ويا گڏجي خوشيون ملھائڻ پنھنجي پيارن وٽ پھچي ويا ھن ڏينھن ڀلاري تي به توکي ياد نه منھنجي آئي ڇا ھٿ آيو توکي سنگدل تو منھنجي عيد وڃائي گڏ شھر ۾ گھمندي ڏٺا مون ڏئي ھٿڙا ھٿن ۾ جوڙا ھڪ مان ئي ھيس اڪيلو وھي آيا اکين مان گوڙھا جي مونسان گڏ تون ھجين ھا مان ھار سينگار ڪيان ھا توسان عيد جو ڀاڪر پائي خوش ڪيڏو يار ٿيان ھا روئي ڏينھن گزاريو پنھور دلدار نه عيد ملھائي توکان سوا او پيارا پئي ساھ ڪڍي تنھائي سڀ عيد نماز پڙھڻ ويا مون وسايو وڃي مئي خانو غم ڪاٿي ڀلائي ڀلا ھي وڃي آخر تنھنجو ديوانو گلوڪار: استاد منظور سخيراڻي. شاعر: دلدار پنھنور