ڪجهه سچ، ڪجهه ڪوڙ.... سنڌي ٻولي، قومي ٻولي...زندهه باد!

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏14 جولائي 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪجهه سچ، ڪجهه ڪوڙ.... سنڌي ٻولي، قومي ٻولي...زندهه باد!​

    مقصود گل

    ڪوئي چوي يا نه چوي، ڪوئي مڃي يا نه مڃي، پر سنڌي ٻولي، قومي ٻولي آهي ۽ ضرور آهي. ڪنهن ٻولي کي قومي ٻولي هجڻ وارو تاريخي پسمنظر اسان جي ٻوليءَ کي حاصل آهي. انهيءَ ڪري اسان جي ٻولي قومي ٻولي آهي، قومي ٻولي هئي ۽ مستقبل ۾ به قومي ٻولي ضرور رهندي.

    اها قوم جنهن کي پنهنجي ڌرتي هجي، درياهه هجي، پنهنجي تمدن هجي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجو ڪلچر هجي، پنهنجون ريتيون، رسمون ۽ پنهنجو لوڪ ادب ۽ پنهنجي ٻولي هجي ماڻهن جي انهيءَ وڏي تعداد کي جنهن کي پنهنجو هڪ الڳ سماج ۽ معاشرو هجي ”قوم“ چئجي ٿو.

    گهڻيون ذاتيون گڏجي قوم ٺاهينديون آهن، سڀني جو هڪ سماج هڪ معاشرو ۽ هڪ ئي ٻولي هوندي آهي ۽ هڪ قوم جي ماڻهن ۾ ڳالهائي ۽ سمجهي ويندڙ ٻوليءَ کي ئي قومي ٻولي چئجي ٿو. ٻولي ۽ قومي ٻوليءَ جي لاءِ اهو به ضروري آهي ته اها لکي ۽ پڙهي وڃي ان کي پنهنجي سڃاڻپ، پنهنجا اکر ”الفابيٽ“ پنهنجي الف-ب هجي ۽ پنهنجو گرامر به هجي.

    جيڪڏهن انهن نشانين، اهڃاڻن ۽ پسمنظر ۾ سنڌي ٻوليءَ کي پرکي ڏسبو ته اهي سڀئي ضروري ۽ گهربل شيون اسان جي سنڌي ٻوليءَ کي آهن، تنهن ڪري اسان سنڌي ٻولي قومي ٻولي آهي هئي ۽ رهندي.

    هڪڙا قانون تاريخي هوندا آهن، ٻيا قانون فطري ۽ قدرتي هوندا آهن. تاريخي ۽ فطري قانونن موجب اسان جي ٻولي قومي ٻولي آهي. تاريخي حوالي سان سنڌي ٻولي هڪ وڏي سماج ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي آهي، هڪ ملڪ جي سماج جي ٻولي آهي. ڇاڪاڻ ته تاريخي پسمنظر ۾ سنڌ ڪنهن صوبي يا علائقي جو نالو نه هو، سنڌ هڪ ملڪ جو نالو هو. باقاعدي سنڌ، حڪومت ۽ سلطنت جو نالو هو، ان کي پنهنجون راڄ ڌانيون ۽ پنهنجي حڪومت هئي، پنهنجي فوج ۽ پنهنجي ڪرنسي، پنهنجو سِڪو، پنهنجي عدليه ۽ پنهنجو نظام حڪومت هو ۽ سنڌ ملڪ جي سڄي معاشري ۾ سنڌي قوم ۾ ڳالهائي ويندڙ ٻولي سنڌي هئي. ان ڪري تاريخي ۽ تمدني قانون موجب سنڌي ٻولي قومي ٻولي هئي ۽ هاڻي به تاريخي قانون موجب، سنڌي ٻولي قومي ٻولي برقرار آهي.

    فطري ۽ قدرتي قانون موجب ڌرتيءَ جي وڏي حصي تي آباد ماڻهن جو وڏو تعداد جن کي پنهنجو درياهه هجي، ڌرتي هجي جياپي جا وسيلا هجن جتي اُهي پنهنجو سماج جوڙي رهن. ماڻهن جي انهيءَ وڏي تعداد کي قوم چئجي ٿو ۽ انهن جي باهمي ٻولي جيڪا جنمن کان مادري ٻولي بڻجي هلي اها انهن جي مادري ۽ قومي ٻولي آهي. انهيءَ حوالي سان فطري ۽ قدرتي طور به سنڌي ٻولي اسان جي قومي ٻولي آهي، هئي ۽ رهندي.

    باقي هڪڙو قانون بچي ٿو اهو آهي ماڻهن جو هٿ جو ٺاهيل قانون جيڪو پني تي لکيو ۽ پني تي پڙهيو وڃي ڪنهن ملڪ جي حڪمرانن طرفان ڪو آرڊر پاس ڪري ان تي صحيح ڪري سرڪار طرفان ڪنهن ڳالهه کي تسليم ڪري حڪم نامو جاري ڪرڻ. انهيءَ ڪاغذي قانون ۾ اڃا اسان جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ وارو حڪم نامو ڪو نه جاري ڪيو آهي. انهيءَ جا به ڪيئي سبب آهن. انهن مان وڏو سبب اهو آهي جو اسان جي ملڪ تي شروع واري ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين آمراڻي حڪومتن جو تسلط گهڻو رهيو آهي. پاڪستان جي سموري عمر جا تقريبن ٽي حصا هن ملڪ تي آمريت مسلط رهي آهي ۽ سا به گهڻي تڻي مارشل لائي آمريت جيڪا هميشه ٻولي ۽ لسانيت جي حوالي سان سازشي ۽ تعصبي حڪمراني رهي آهي.

    اهڙن آمر دورن ۾ هميشه سرڪاري، درٻاري ۽ لشڪري ٻولين جي حمايت ۽ سرپرستي ٿيندي رهي آهي، مرڪز جي نالي ۾ هميشه صوبن جا حق محدود ۽ غضب ڪيا ويا آهن. انهيءَ ڪري صوبن ۾ ڳالهايون پڙهيون ۽ لکيون ويندڙ ٻولين کي علائقائي ٻولين جي زمري ۾ آڻي انهن جا حق، حق سمجهي نه پر صرف خيرات ۽ زڪوات سمجهي ڏنا ويا آهن.

    اهوئي سبب آهي جو اسان جي ٻولي سرڪاري طرح قومي ٻوليءَ جو درجو حاصل نه ڪري سگهي آهي. سنڌي ٻوليءَ جو سرڪاري طرح قومي ٻولي نه ٿيڻ جو هڪ ٻيو اهم سبب هي به آهي جو اسان جي قومپرست دوستن هميشه اتحاد جي اهميت کي نظرانداز پئي ڪيو آهي. ڌڙابنديءَ جو شڪار هجڻ سبب اسان ڪا به موثر يا سنجيده تحريڪ هلائي نه سگهيا آهيون جنهن سان اسان پنهنجي قوم، ٻولي، وطن ۽ ڌرتيءَ جي حقن جي حاصلات يا حفاظت ڪري سگهيا هجون. اتحاد ته کوڙ ٺهيا، جڙيا پر اهي جٽادار اتحاد ثابت ڪو نه ٿي سگهيا. بس ڪجهه وقت جي لاءِ نشستن ۽ پوءِ جلد ئي برخواستن جو شڪار بڻجي ويا. اسان جا دوست پنهنجي پنهنجي مورچي تي بيٺا سنڌ جي حقن لاءِ صدائون ته ڏيندا رهن ٿا، گهوڙا گهوڙا به گهڻي ڪندا رهن ٿا، پر ڇڙوڇڙ هجڻ جي ڪري وڃي ٿي ڌرتي پيرن مان کسڪندي.

    بهرحال ڪوئي مڃي يا نه مڃي اها سندس مرضي پر حقيقت هيءَ آهي ته سنڌ کي سلامت رکڻ جي لاءِ اسان جي قومپرست ڌرين کي پنهنجون ڏيڍ سر واريون مسيتيون هڪ پاسي ڪري پنهنجو قبلو درست ڪري سن جي سائينءَ طرف ڪرڻو پوندو ۽ انائن جا بت ڀڃي ڀورا ڪرڻا پوندا نه ته پوءِ ”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪاڏي ويا“.

    بهرحال هاڻي دور سٺو آهي، حڪومت به سنڌي جي آهي، سنڌي ماڻهن جي آهي، سنڌ راڻيءَ جي خون جي تمام مهانگي قيمت ادا ڪري وجود ۾ آئي آهي. هن سنڌي حڪومت کي موقعو نه وڃائڻ گهرجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي وزيراعظميٰ واري دور ۽ ممتاز علي ڀٽي جي وزيراعليٰ واري وقت جي پيش رفت اڳتي وڌائڻ گهرجي ۽ جلد سنڌي ٻوليءَ کي بل پاس ڪري قومي ٻولي قرار ڏيڻ جو حڪم نامو جاري ڪرڻ گهرجي.

    سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن اهڙي تحريري مهم هلائي هزارين بلڪه لکين ڪارڊ ۽ دستخط ملڪ جي صدر جناب آصف علي زرداريءَ ڏي ايوان صدر جي ايڊريس تي موڪليا آهن. هاڻي صدر مملڪت جو قومي فرض ٺهي ٿو ته هو سنڌ ڌرتيءَ جو ڄائو آهي ۽ هو پنهنجي ٻوليءَ لوليءَ جو حق تسليم ڪري جيجل جي ٿڃ ملهائي بنا تاخير جي سنڌي ٻولي، قومي ٻوليءَ جو حڪم نامو جاري ڪري.

    آثار ٻڌائين ٿا ته سنڌ ڌرتيءَ ۽ ٻوليءَ جون هي سالن جون صدائون ۽ رائگان نه وينديون ۽ اجهو ڪي اجهو سنڌ ۽ سنڌيءَ ٻوليءَ جا فضائن ۾ نعرا گونجي ويندا. هي عوامي دور آهي، جمهوري دور آهي، سنڌ جو دور آهي. سنڌ راڻيءَ جو دور آهي، هن ئي دور ۾ سنڌ ۽ سنڌين کي ضرور پنهنجا حق حاصل ٿيندا ۽ خوشيون پلئه پونديون.

    سنڌي ٻولي زندهه باد

    قومي ٻولي زندهه باد.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو