ڪارونجهرجو منهنجو ڀاءُ آهي

'سنڌي ادب' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    25
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تحرير؛ نور احمد جنجهي صاحب

    شيخ اياز جيتروبه سيرسفرڪيو.ان سموري سيرسفر جو اظهار هن پنهنجي شاعريءَ توڙي نثر ۾ به ڪيو آهي. شيخ ايازجتي دنيا گهمي ، ملڪ جا مختلف حصا گهميا . هندستان گهميو اتي هن ٿربه گهميو۽ ٿرجي سموري مشاهدي کي هن وڏي معنا داريءَ سان پنهنجي مڻيادار شاعريءَ ۾ پلٽيوآهي. هن لاءِ ٿرسندس ٻئي جنم جي چونڊ هئي. مطلب ته هن ٿرکي تمام گهڻي اهميت ڏني ۽ ٿر هن کي ايترووڻيو جو ٿرهنجي شاعريءَ جو اجهل استعارو بنجي اڀريو. هنجي انهي محبت واري موٽ کي ڏسي ، مون سندس شاعري ۽ نثر جي انهي حصي بابت ڪتاب لکيو آهي جيڪو حصو ٿر بابت آهي. ان ڪتاب ۾ شيخ صاحب جي ڪتاب ”اڪن نيراڦُليا“ جي لفظن جي معنى به ڏني اٿم. اهو ڪتاب شيخ اياز جي انهي موٽ جي مٽ ته ناهي پرمڙئي دلي سوکڙي آهي جيڪا سندس گهڻگهرن، سنڌي شاعري ۽ تهذيب جي گهڻگهرن ، ٿرپارڪر جي گهڻگهرن، ڪارونجهر جي گهڻگهرن، مارئي جي گهڻگهرن ۽ صادق فقير جي گهڻگهرن کي اميد ته پسند ايندي. ان ڪتاب جو نالو آهي ”ڪارونجهر تي باهڙي“ جيڪو به شيخ اياز جي هن بيت تان کنيو ويو آهي؛
    ڪارونجهرتي باهڙي، هوءَ جا ڪنهن دُکائي
    آڌيءَ جو آئي، جنهن مان ڄاڻ ڄراٽ جيان
    ان بيت ۾ به ڪارونجهر جو حوالو آهي ته ان تي ٻرندڙ باهڙي جو حوالو آهي ۽ انهن کي جوڙيندڙ حوالو ڄاڻ جو آهي. اها ڄاڻ جيڪا چراٽ جيان آهي جنهن جو چمڪاٽ روشن مستقبل جي نويد ڏي ٿو. باهه انساني ذهني اوسر۽ ارتقا جو اهڙواوائلي اهڃاڻ آهي جنهن کي ڏسي ۽ پسي ماڻهوءَ جي ذهن ۾ پهريون دفعو عقل جي جهلڪ جهلڪو کاڌو . اهائي ماڻهوءَ جي پهرين سائنسي وک به هئي جنهن ماڻهوءَ کي حيوان مان حضرت انسان ٺاهي ڇڏيو ۽ هاڻي هو پنهنجي پاڻ دريافت جا ارتقائي ڏاڪا چڙهندو اڳتي وڃي رهيو آهي ۽ اڳتي اهو سفر جاري رهندو. اياز کي جيئن اها ڄاڻ جي ڄراٽ ڪارونجهر۾ نظرآئي هئي تيئن ڪارونجهرجي وسعت کيس زندگيءَ جي روشن مستقبل بابت سوچڻ ڏانهن به وڌايو.سندس شاعريءَ ۾ ڪيئي لاها چاڙها اڇڻ جي باوجود هو انسان جي آجپي ، آسودگي ۽ خوشحالي جو ذڪرڪندو رهي ٿو. سندس شاعريءَ جو محورانسان ئي آهي ۽ انساني رويو ۽ انسان جي ٻنهي لاڙن يعني شيطاني روپ توڙي رحماني روپ جي هو ڳالهه ڪندو هلي ٿو. سندس پيغام جتي آس اميد ملي ٿي اتي پشيماني ۽ اداسي به آهي. شاعرانسان به آهي ته ان سان گڏوگڏ حساس به آهي ته عاشق به . انهي ڪري مٿس هرڪيفيت جو اثرجلدي ٿئي ٿو. شيخ اياز جڏهن پنهنجي من جي مايوسي ڏسي ٿو ته ان کي به هو ڪارونجهرسان ڀيٽ ڏئي ٿو ۽ ان ڀيٽ کي هو ”واٽون ڦلن ڇانئيون“ ۾ هڪڙي نظم جي صورت ۾ پيش ڪري ٿو. پنهنجي اداسي کي هو ڪارونجهر جي اداسيءَ سان ڀيٽي ٿو .اهڙي طرح هو اداسيءَ کي ڪارونجهر سان ارپي اداسيءَ کي نئين معنى ڏيئي ڇڏي ٿو جيڪا زمان ۽ مڪان جي ترجيحات کان مٿاهين تصورکي ڇهي ٿي. اهو نظم هن ريت شروع ٿئي ٿو؛
    ويهه سال ٿيا آهن ،
    مان ۽ ڪارونجهر هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياآهيون،
    نه هو اتان چُريو آهي،
    نه مان ئي چُريو آهيان
    شاعرکي ڪارونجهر ڏسڻ ته ويهن سالن کان ٿيوآهي پراهي هڪٻئي کي ڏسندا رهيا آهن. ڪارونجهربه پنهنجي پيرتي پڪو بيٺل آهي تيئن شاعربه پختگي سان اڏول ٿي بيٺل آهي. ڏونگرهونئن به ثابت قدميءَ ۽ بيهڻ جو وڏوقدتي لقاءَ آهن. اهي ڌرتيءَ تي ڪيرن يا ڪلن يعني ميخن وانگرلڳل آهن جيئن اها نه چُري. ڀٽائي ان بابت هن ريت فرمايوآهي؛
    ڏونگرڀونين ڪير، تيئن مون ميخون سڄڻين
    اهڙاسيڻ سُڌير، ڪڏهن ملندا ڪينڪي
    ڏونگرن جي اها اڏولتاهئڻ جي باوجود اهي ارضياتي ڀڃ ڊاهه جي عمل مان گذرن ٿا ته اداس ٿي پون ٿا ۽ ايئن شاعربه اداس ٿي پوي ٿو. ڪارونجهر ڪيئن اداس ٿئي ٿو؟ شاعر يا فنڪارڪيئن اداس ٿئي ٿو؟ اهو خود هڪڙو اهم نقطوآهي. شاعربه سماج جو حساس ترين فرد آهي جنهن جي سوچڻ جو انداز باقي خلق کان مختلف هوندو آهي. زمانو جڏهن کيس ستائي ٿو ۽ ڏات ڌڻيءَ جي آزادي کسي ٿو ته پوءِ هو اتاولوٿي پوي ٿو ۽ ماڻهن کي سمجهائيندي چوي ٿو؛
    هي سين نه ڏيندي چين، اُٿي ڏس ڪو آيو آ پيارا
    هي شايد ساڳيو رمتو آ، جو اڳ جيئن اڃايو آ پيارا
    هيراته ڏسو، ڪنڪر نه هڻو، ايندو نه وري هي وڻجارو
    ڪجهه ڏات ڏسو پوءِ بات ڪيو، هي شوراجايوآ پيارا
    زماني جي اجائي شور کان، شاعرتنگ ٿي پاڻ کي ڪارونجهر سان ڀيٽي، پنهنجي اداسي ۽ ڪارونجهر جي اداسي هڪ سمجهندي ، انهي اونهي اداسيءَ جي پاتال کي ڪڇڻ جي ڳالهه ڪندي ، ڪارونجهر۾ مورن پڪارڻ جي الستي صداجي ڳالهه ڪري ٿو . مورن جي پڪارڻ جو اهو فطري روپ سڄي مانڊاڻ کي مچائي منورڪري ڇڏي ٿو ڄڻ ڪا ديوداسي مندر۾ ڏيئا ٻاري ، ڪنهن جي انتظار ۾ واجهائڻ جا واجهه وجهي ، راه تڪي رهي آهي. سانوڻيءَ جي مند ۾ به ڪارونجهراداس ٿي پوي ٿو ڇاڪاڻ ته سانوڻ به محبت جو فطرتي مانڊاڻ آهي. اها اداسي ان حد تائين پهچي ٿي جو ان جا لڙڪ ارڙاٽاڪندڙ ندين جي روپ ۾ وهڻ شروع ڪن ٿا. اهي سڀئي ڳجهه اندرجا ڳوڙها آهن جيڪي صدين کان ڪارونجهر سانڍيو ويٺو هو ۽ سوين سالن جي اها اداسي اٻڙڪا کائي، اٿلي پوي.وري ٽيون اداس روپ طوفان جي صورت ۾ نروار ٿئي ٿو. طوفان لڳي ٿو ڪارونجهر تي بيٺل ڪونڀٽن جا وڻ هوا ۾ جهولڻ لڳن ٿا ۽ وڻن جو ايئن جهولڻ شاعرکي محسوس ٿو ٿئي ته ڪارونجهر پنهنجي اداسيءَ جي بيوسيءَ ۾ وار پٽي رهيو هجي. بيچينيءَ ۽ بيوسيءَ جي اظهارجي اها انتها آهي ۽ اداسيءَ جي ان پد تي پهتل ڪارونجهر شاعر کي پنهنجو ڀاءُ لڳي ٿو جيڪو شاعرجيئن اڏول آهي. شاعرجيان اداس به آهي. نظم هن ريت آهي؛
    ويهه سال ٿيا آهن ،
    مان ۽ ڪارونجهر هڪ ٻئي کي ڏسندا رهياآهيون،
    نه هو اتان چُريو آهي،
    نه مان ئي چُريو آهيان
    هرچُرندڙ ڀُرندڙ جيءَ وانگر،
    هو به اُداس ٿي سگهندو آهي؛
    ڪنهن وقت مور پڪاريندا آهن
    ته ايئن لڳندو آهي
    ڄڻ ڪا ديوداسي
    ڪنهن سوني مندر ۾ ڏيئا ٻاري
    واجهائي رهي آهي ڪنهن لاءِ،
    ڪنهن وقت سانوڻ جي موسلاڌارمينهن ۾
    هو زارزار روئيندوآهي،
    ۽ ان جي ڀرسان وهندڙ نيون،
    ان جا ڳوڙها پنهنجي سيني ۾ سانڍي
    سُڏڪا ڀرينديون وينديون آهن،
    ڪنهن وقت طوفان ۾
    ان تي اُڀريل ڪونڀٽ جهولنداآهن،
    ته ايئن لڳندو آهي
    ته هو پنهنجا وارپٽي رهيو آهي،
    هي ڪارونجهرجو منهنجو ڀاءُ آهي،
    جو مون جيئن اڏول آهي،
    ۽ مون جيئن اداس آهي.
    شاعر جيئن اداس ٿئي ٿو تيئن واقعي ڪارونجهر به اداس ٿئي ٿو. فطرت جي تخليق فطرت جي ڦٽجڻ تي تڙپي اٿي ٿي. ڪارونجهر تڏهن اداس ٿي پوي ٿو جڏهن ڪارونجهرجي ڪر جي سامهون آباد حسين شهرپاري نگراجڙي ويران ٿي وڃي ٿو ۽ ڪجلاسرجهڙاوهنجڻ تلاو ويران ٿي وڃن ٿا. بندرگاهه تي بيٺل ٻيڙاموٽي وڃن ٿا ۽ وَرسيل بندرگاهه به وِرسجي وڃي ٿو.ڪارونجهرتڏهن اداس ٿئي جڏهن هتي ڌاريان حاڪم يا انهن جا ايلچي اچن ٿا ۽ هن سداملوڪ سهڻي ڏونگرجي ڏيا ۾ اکيون وجهي، هٻڇي نگاهن سان ان کي تاڪو بنجي تڪين ٿا.ڪارونجهرتڏهن اداس ٿي پوي ٿو جڏهن سڏيونت ۽ سارنگا کي ملڻ ۾ مشڪلاتون درپيش اچن ٿيون. پاراڻي جي پار تي پوکيل ناريل جا وڻ اُڌڙي وڃن ٿا. ڪارونجهر تڏهن اداس ٿي پوي ٿوجڏهن سوين سال پوڄا ۾ پچندڙ پاراسررشي پنهنجي من جي مڇ گنڌا واري موه کي جهلي نٿو سگهي ۽ اڪيلي اٻلاکي پنهنجي حوس جو نشانو بنائي ٿو. جيڪڏهن اهڙين اٻلائن سان اتياچار ٿيندو ته ڪارونجهر اداس ٿي سڄي آسپاس کي سراپي ڇڏيندو. ڪارونجهر تڏهن اداس ٿئي ٿو جڏهن ڀريوگاروڙي لالچ ۾ اچي پنهنجي وديا ۽ گيان کي نانگ جي مڻ پويان رولي رڻ واهي ٿي وڃي ٿو. ڪارونجهر تڏهن اداس ٿئي ٿو جڏهن ڄام اُڍي جا پٽ به پنهنجي پيءُ کان ماءُ جو حسب نسب پڇن ٿا ۽ سندن ماءُ هوٿل پنهنجي هٿ سان چارچٺيون لڳي الوپ ٿي وڃي ٿي ته اڍااسان جو اچڻ ايترو هو جتي ذات پات جو پڇاڻو آهي اتي ڪير ڪيترو رهي رهندو. ڪارونجهرتڏهن اداس ٿي پوي ٿو جڏهن مقامي بااثر ماڻهن جي ستائڻ تي امن جا امين جيني رات پيٽ ۾ لڏي هليا وڃن ٿا نتيجي ۾ سندن وسنديون ته ويران ٿي وڃن ٿيون پراهي موتين جهڙا ”ڏهرا“ به ڏهاڳجي وڃن ٿا جن کي سوين سالن جا موسمي هاڃا به هيڻو ڪري نه سگهياآهن پر اهي پنهنجن جي جدائيءَ ۾ ڪارونجهر جيان اداس آهن . ڪارونجهر تڏهن اداس ٿي پوي جڏهن ننڍي کنڊ جي وڏي آزاديءَ جي جنگ ۾ راڻو ڪرڻ جي پنهنجي ساٿ سان روپلي جهڙي سالارجي سگهه سان گوري فوج جي چئين ڇانوڻين مان آيل ڪٽڪن سان سامهون ٿئي ٿو پر پنهنجا ئي ويريءَ جي قطار۾ بيهي ساڻس دوکوڪن ٿا. اهڙي ماجراڏسي ڪارونجهراداس نه ٿئي ته ڇا ڪري. ڪارونجهر اداس ٿي پوي ٿو جڏهن پالن جي جوڙايل بازارويرن ٿئي ٿي ۽ وري آباد ٿيڻ سان انهي جي اداسي گهٽجي ٿي.ڪارونجهراداس ٿي پوي ٿوجڏهن پارڪرجا سموراسخي ۽ ساٿ ڌڻي هليا وڃن ۽ اتي ڪڏهن ڪيراچي ٿو سندن اڳواڻ ٿئي ته ڪڏهن ڪيرٿو سرواڻيءَ جي دعوى ڪري ۽ ڪارونجهرجي ڌرتيءَ تي ڪيئي هائوس ٺهڻ لڳن ٿا. ڪارونجهر تڏهن ٿو اداس ٿئي جڏهن مسڪين جهان خان جي ڪرت جا پيروڪارپنهنجي پنهنجي ادارن ۾ ويهي ، مسڪين جي رضاڪاراڻي روش کي ڇڏي ، چند ڏوڪڙن تي هرکجي، غريب مسڪين ماڻهن جي مقصدن کان ڪن لاٽار ڪري ، داني ادارن جي حڪمن تي رٿائون جوڙين ٿا ڇوته اها به ڪارونجهر سان ويساه گهاتي آهي.ڪارونجهر تڏهن به اداس ٿي پوي ٿو جڏهن ڪنهن مسڪين پارڪريءَ تي ڪو ڏاڍو يا بندوق ڌڻي ظلم ڪري ٿو . ڪارونجهرتڏهن به اداس ٿي پوي ٿو جڏهن ڪارونجهرجي سونهن روجهه ۽ هرڻ ماريا وڃن ٿا ۽ چتراسرجي چيخ ڪارونجهرجي ڪينواس تي پيڙاجو پڙاڏو بنجي گونجڻ لڳي ٿي. ڪارونجهرجي سونهن مورجهلي ڪنهن کي سوکڙي طور ڏنو وڇي ٿو يا وري جبل ۾ بيٺل گگرال جي وڻن کي ٽڪي ان ۾ ڪيميڪل وجهي، سوني مرغيءَ کي هڪ ڏينهن پنهنجي منافعي خوريءَ جي ورچاڙهيووڃي ته ڪارونجهر اداس ٿي پوي ٿو. ڪارونجهر تڏهن اداس ٿي پوي جڏهن پارڪرجي اربين ورهيه جهوني جبل مان گرينائيٽ ڪڍڻ لاءِ ڊائنا مائيٽ جا ڌماڪا ڪيا وياهئا ۽ مور ريهون ڪري ڀڃي ويا هئا. پارڪر۽ ٿر جي معدنيات جڏهن سستي ليز تي ڏني وڃي ته ڪارونجهر اداس ٿي پوي ٿو . ڪارونجهر تڏهن به اداس ٿي پوي ٿو جڏهن ٿرجي پرامن ڌرتيءَ تي ڪمپنيون ڳجهن وانگي لهڻ شروع ڪن ٿيون. اهڙي طرح ڪارونجهر جي اداسي جي گهرائي جو وڏو وستارآهي جنهن کي ڪاڪو علي نواز کوسو هران فرد کي زير کان زبرتائين پيرائتو ٻُڌائيندو هو جيڪو ڪارونجهر جي ڪورڏسڻ ايندو هو ۽ ڪاڪوعلي نواز به لڏي ڏور هليوويو ته به ڪارونجهر اداس ٿئي ٿو پر ڪارونجهر پنهنجي اداسي کڻي ڪيڏانهن وڃي ڇوته قدرت کيس اڏول ڪري ڀونءِ تي ڪيرجيان بيهاريو آهي جيئن هو پنهنجي سموريءَ اداسيءَ کي ساه ۾ سانڍي، هرادس من جي اداسيءَ کي پاڻ ۾ جذب ڪري ۽ اداس ۽ مايوس دلين جي ڌڙڪن ۾ اهڙو ولولو پيداڪري جنهن سان ڪارونجهرتي روشن ٿيل باهڙي جي ڄراٽ مان ڄاڻ نروارٿئي ۽ اها ٿربرجهرجهنگ ۽ ولايتون واسي ڇڏي ۽ سموري عالم جي اداسي ختم ٿي وڃي. ساري انسانيت به ڪارونجهر جي ڪر جيان ڪوڙجي منهن مقابل اڏول ٿي بيهي رهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو