ڪتاب نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون تي تبصرو

'سنڌي ادب' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏17 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    267
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    تبصرو؛ ڊاڪٽر شير مهراڻي
    صحافتي ادب به ادب جي ٻين صنفن ۽ شعبن وانگر تمام گهڻو اهم آهي. هن ادب جي خاص ڳالهه اها هوندي آهي ته هيءُ ادب حاضر وقت کي تاريخ جي تناظر ۽ آئيني ۾ ڏسي ٿو ۽ ان بنياد تي ايندڙ وقت جي امڪانن کان آگاهه ڪندو آهي. نتيجي طور وقت گذرڻ سان اهڙو ادب تاريخ جو حصو بلڪه تاريخ ٿي وڃي ٿو.
    هڪ نظر صحافتي ادب جي تاريخ تي وجهڻ سان اسان کي خبر پوندي ته يونان جي قديم دور ۾ به خبرن ۽ ڄاڻو ماڻهن جي تجزين کي غور سان ٻڌو ويندو هو. سرڪاري سطح تي عام ماڻهن تائين ڪا ضروري ڳالهه پهچائڻي هوندي هئي ته گهڻو ڪري پڙها ڏيڻ وارن ماڻهن کان مدد ورتي ويندي هئي. مئوتي فوتي جون خبرون به “ڏاهي” ڏئي ايندا هئا. 202ق م دوران چين ۾ باقاعده خبرن پهچائڻ لاءِ سرڪاري سطح تي انتظام ڪيا ويندا هئا.
    1440ع ڌاري ڇاپخانو ايجاد ٿيو ته خبرون ۽ تجزيا عام ڪرڻ ۾ گهڻي سولائي ٿي ۽ ڪجهه سالن کان پوءِ باقاعده اخبارون اچڻ شروع ٿيون. ‘دي رليشن’ کي باقاعده شايع ٿيندڙ پهرين اخبار سمجهيو وڃي ٿو. 1866ع ۾ شايع ٿيندڙ “سنڌ سڌار” اخبار کي پهرين روزاني اخبار سڏيو ويو آهي. ان کان اڳ 1844ع ڌاري “ڪراچي ايڊورٽائيزر” نالي اخبار هفتي ۾ ٻه ڏينهن نڪرندي هئي. عام طور اخبارن ۾ ٽن طرحن جو مواد هوندو آهي. هڪ خبرون، ٻيو ايڊيٽوريل ۽ ٽيون ڪالم. ڪالم نويسي جي تاريخ به اخبار نويسي جيتري ئي پراڻي آهي. ڪالم جي عام ۽ ننڍڙي وصف اها ٿي سگهي ٿي ته، ڪنهن به واقعي، حادثي، خبر، لاڙي، نظريي، تاريخي سچائي يا اهڙي ڪنهن به موضوع تي نثري انداز ۾ لکيل ليک؛ جنهن ۾ ڪالم نگار نه رڳو واقعي، حادثي، خبر يا تاريخي سچائي جي حقيقت ٻڌائيندو آهي، بلڪه ان بابت ايندڙ وقت جي امڪانن ڏانهن به اشارو ڪندو آهي. سنڌ ۾ ڪالم نگاري وسيلي هڪ تمام وڏو ادب تخليق ٿيو آهي. مير نصرت حسين ابڙي جي سنڌ جا ڪالم نگار کان امر جليل جي ڪالمن تائين، انور پيرزادي جي “متان وساريو” سميت سراج جي “رتيءَ جي رهاڻ”، “ملان جي ڊوڙ” وغيره کان ويندي زرار پيرزادي جي “نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون” تائين سلسليوار ڪالمن جي به هڪ هڪ الڳ تاريخ آهي. جن ۾ علم ۽ ڏاهپ جي هڪ الڳ دنيا سمايل آهي. پر اها به حقيقت تمام گهٽ ڪالم نگارن جي ڪالمن جا ڪتاب ڇپايا ويا آهن. سلسليوار ڪالمن جي ڇپيل ڪتابن جي فهرست ۾ تازو هڪ اهم اضافو زرار پيرزادي جو “نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون” آهي. زرار پيرزادو سائين انور پيرزادي جو لائق فرزند آهي، جنهن انور صاحب جي ڇڏيل علمي ۽ قلمي ورثي کي سنڀاليو آهي. انور صاحب هڪ بهترين صحافي، مهم جو، اديب، دانشور، لطيفيات جو ڄاڻو، شاعر ۽ ڪهاڻيڪار هو. سندس شاعري واري پاسي جا وارث امر پيرزادو ۽ ڊاڪٽر زيد پيرزادو آهن، سندس صحافتي ادب واري ورثي کي زرار پيرزادو سنڀاليون پيو اچي، باقي لطيفيات ۽ ڪهاڻين واري پاسي تي به ضرور ڪو سندن خاندان مان قلم جو علم هٿ ۾ کنندو ۽ انور صاحب جي سڀني پاسن جا وارث سندس خاندان ۾ ئي ملي ويندا. زرار پيرزادي صاحب جي هن ڪتاب يعني“نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون” ۾ ڪل 141 ڪالم شامل آهن. جن ۾ زرار صاحب هڪ ڏاهي صحافيءَ جي نگاهه سان ٻرندڙ اشوز کي الڳ انداز سان ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب نه صرف سماجيات جي شاگردن لاءِ اهم آهي بلڪه مقابلي جي امتحانن جي تياري ڪندڙ شاگردن لاءِ پڻ لاڀائتو آهي، ڇاڪاڻ ته هن ۾ ڪرنٽ اشوز تي دانشوراڻي انداز ۾ خيال آرائي ڪئي وئي آهي. هنن ڪالمن جي خاص ڳالهه اها آهي ته هر ڪالم ‘بُليٽ’ يا پوائنٽن جي صورت ۾ ڏنل آهي، جنهن جي آخري پوائنٽ جي ابتدا “سو/پر نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته. . .” هر ڪالم جو اڳتي وارو هيءُ جملو زرار جي علميت ۽ ڏاهپ جو ثبوت آهي. مثال طور 21 جون 2011ع جي عوامي آواز ۾ڇپيل زرار پيرزادي سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد پاران فيمينزم تي ڪرايل يادگار جي حوالي سان ڪالم لکيو آهي؛ جنهن جي پڄاڻي هنن لفظن سان آهي ته: “سو نوٽ ڪرڻ جهڙي ڳالهه اها آهي ته سنڌي ادبي سنگت شاخ گلشن حديد پاران ڪيل هن سيمينار ۾ خاص طور تي عورتن جيڪي مقالا پڙهيا ۽ ڳالهايو تنهن مان اهو به محسوس ٿيو ته فيمينسٽ عورتن کي ان جدوجهد کان روڪڻ ۾ حيرت انگيز طور تي اديبن، صحافين ۽ دانشورن وغيره جو سڌو يا اڻسڌو وڏو ڪردار آهي؛ جن فيمينسٽ عورتن تي بزدلاڻا الزام لڳائي بدنام ڪندي، ڪردار ڪشي ڪندي کين ڪمزور ڪرڻ ۽ جدوجهد مان هٿ ڪڍائڻ جي پئي ڪوشش ڪئي آهي.” هن ڪالم ۾ زرار پيرزادي هڪ حقيقت پسند ۽ حقيقت نگار نظر اچي ٿو، جيڪو سوڪالڊ روشن خيال طبقي تي سخت چٿر ڪري ٿو. توڙي جو اهو طبقو سندس ئي قلم قبيلي سان تعلق رکي ٿو. پر هن هٿ ۾ قلم کڻي ڄڻ ته سچ جي عصا هٿ ۾ کنئي آهي، ۽ “سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي” واري مقولي جي چٽي تصوير بڻجي نظر اچي ٿو. هن ڪتاب ۾ شامل سندس سڀيئي ڪالم آهن، هر ڪالم ۾ ڪو نه ڪو علمي نُڪتو شامل آهي. خاص طور نوجوانن کي هيءُ ڪتاب ضرور پڙهڻ گهرجي. ڇاڪاڻ ته هن ڪتاب جي پڙهڻ سان سندن سوچڻ جي صلاحيت به وڌندي ته کين ڄاڻ جو نئون منظرنامو پڻ سندن پلئه پوندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو