خاڪ_ ڪي بي چانڊيو

'ڪهاڻيون' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    267
    ورتل پسنديدگيون:
    20
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    منهنجن خيالن جي ڪائنات جي ڄار مان تنهنجو روپ تاريڪيءَ ۾ چمڪندڙتاري وانگر جرڪي رهيو آهي۔ تنهنجي وجود جا ڪرڻا الائي ڇو اڄ منهنجي نگاهن ۾ چڀن ٿا ۽ جن کان مونکي بيزاري ٿيڻ لڳي ٿي، پر پوءِ به هي پاڳل منڙو ٻيجل جي ڀانء وانگي تنهنجي اچڻ جي تانگ ۾ سارو سارو ڏينهن توسان گهاريل حسين لمحن کي ساري ٿو۔
    يونيورسٽيء جي پهرين ڏينهن ۾ جڏهن تون مون لاء اجنبي هئينء، تنهن وقت خبر ناهي ته ڇو تنهنجو وجود مون کي پنهنجو پنهنجو لڳي رهيو هيو۔ تون جڏهن کلندي هئينء ته ايئن لڳندو هئو ڄڻ تنهنجا اهي ٽهڪ مون اڳ به ڪٿي ٻڌا آهن، ۽ تنهنجن ڀورن وارن جي ول ۾ منهنجو جيء اڙي پيو هيو۔
    توکي پسي اهو احساس اڀري ايندو هيو ته گذريل وقت جڏهن پاڻ ٻالڪ هياسين، ۽ جڏهن پاڻ ٻنهي کي ڪينجهر تي ترندڙ چاندني رات ۾ چنڊ جو عڪس اڃا مائل نه ڪندو هيو، تڏهن به توساڻ ڪو ته ناتو هيو ڪا ته اڙي هئي جو تو سوا اڄ پڻ جيء ڪٿي لڳي ئي نٿو۔
    ارشاد جا هٿ ڏڪڻ لڳا ۽ هن قلم کي ڪاڳرن جي وچ ۾ رکي ڪرسي تي ٽيڪ ڏئي دريء مان وڻ مٿان جهاتيون پائيندڙ چنڊ جي حسين روپ کي ڏسي رهيو هيو۔
    سندس هٿ جو سگريٽ ڳري چڪو هيو ۽ جنهن جو ڦلو اڃا به هن جي ٻن آڱرن جي وچ ۾ ڦاٿل هيو۔
    هن ڪاڳر اٿلايو ۽ ان تي سائره نالو لکي گمڀيرتا ۾ ٻڏي ويو۔
    ڪجھ پلن کان پوءِ هن هڪ ٻيو سگريٽ دکايو ۽ لکڻ لڳو۔۔
    تون نه ٿي ڄاڻين ته هر شيءَ پنهنجي هر ان حصي سان خوبصورت نظر ايندي آهي جيڪو ان کي عطا ڪيل يا ان جي وجود جو حصو ھوندو آهي۔
    منهنجي به وجود ۽ روح جو هڪ اهڙو ٽڪڙو يا حصو وڃائيل آهي جنهن سواءِ نه روح سڪون ۾ آهي ۽ نه ئي هي وجود ماٺيڻو ٿئي ٿو۔ ها اهو احساس ئي آهي جنهن سواءِ مان اڌورو اڌورو ٿي پيو آهيان۔
    تون ئي ته منهنجي تڪميل آهي، تون ئي منهنجو پورائو۔
    تنهائي ۾ هوندو آهيان ته اکيون پوري تو سان ڳالهيون ڪندو آهيان، ڪڏهن تون رسي ويندي آهين ته ڪڏهن مرڪي منهنجن ٻانهن ۾ شرمائي لڪي ويندي آهين۔ تون منهنجي ٻانهن ۾ هوندي آهين ته لڳندو آهي ڄڻ هي ڪائنات منهنجي آهي۔
    تون منهنجي آهين ته سڀ ڪجھ منهنجو آهي، سڀ ڪجھ۔
    ۽ پوءِ خيالن جي ڪهڪشائن جا ڄار ٽٽي پوندا آهن. تون مون کان الاهي پري هلي ويندي آهين۔
    ۽ منهنجي تڪميل اڌوري رهجي ويندي آهي۔
    ارشاد هڪ ٻئي سگريٽ جو وجود پاڻ ۾ سمائي ڇڏيو ۽ وات مان دونهين جي لاٽ جا ڪڇڪڍندي ميز تي پيل ڪاڳر مٿان لکيل سائره جي نالي تي هٿ ڦيري رهيو هيو، ان جي دهشت سبب هن جي آڱرين ۾ پيل سگريٽ پٽ تي ڪري پيو۔
    هن جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي ڪاڳر تي پيا ۽ سائره جو ناءُ ڌنڌلو بڻجي ويو۔
    هو هڪ واري ڪاڳر تي لکيل نالي کي ڏسي رهيو هيو ته ٻئي واري هٿ ۾ پيل پين/قلم کي ڏسي خوفزده ٿي پيو۔
    هن همٿ ڪري وري ڪجھ لکڻ چاهيو ۽ لکيائين ته۔۔
    زندگي مون کي کوڙ ساريون موٽون ڏنيون آهن۔ ڪٿي واٽ تي ويندي ويندي رستو کٽي پوندو آهي ته ڪٿي کلي کلي روئي ويهندو آهيان سبب پڇڻ تي چوندو آهيان ته، اهي ڳوڙها خوشي جا آهن۔
    ڀلا تو ٻڌاء خوشي جا به نير هوندا آهن ڇا ؟
    ماڻهن جي سوالن کان بچڻ خاطر کلندو آهيان پر اها منهنجي ناممڪن ڪوشش هوندي آهي۔
    يونيورسٽي کان ان ڏينهن تي خفا ٿي پيو هيس جڏهن تنهنجو اهو پيغام پڙهيو هيم،
    جنهن ۾ تو لکيو هيو، توکي مون سان ڪا محبت ناهي ۽ ڏک ٿيو هيو جو تو مونکي پنهنجي لائق نه سمجهيو۔
    ڇا مان ايترو بدصورت يا خراب آهيان؟ جو تنهنجي لائق نه بڻجي سگهيس۔ تون يقين ڪرين ته ان ڏينهن بعد مون کي پاڻ کان نفرت ٿي پئي آهي ته، مان تنهنجي لائق نه بڻجي سگهيس، حيرت آهي۔
    حيرت آهي ت اسان جي هجڻ يا نه هجڻ سان ڪنهن کي ڪو فرق نه ٿو پوي ۽ تون ، مون ڪون ڄاتو هيو ته تون به ايئن ڪندينء، مون کي پرايو ڪري ڇڏيندين۔
    مون کي حيرت آهي پنهنجي اڻائپ تي۔
    ارشاد ڪرسي کي جهٽڪي سان پوئتي ڪيو ۽ اٿي وڃي دريءَ جي ڀر ۾ بيهي رهيو. هن جي هڪ هٿ ۾ اهو لکيل ڪاڳر هيو ۽ ٻئي هٿ ۾ اڌ سڙيل سگريٽ جنهن سان هو ڪاڳر کي ساڙي رهيو هيو ۽ جنهن جي خاڪ هن جي وجود تي چنبڙي پئي هئي، هو به ڪاغذ وانگي خاڪ ٿي پيو ۽ دريءَ مان واءُ هن ک اڏاري وئي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو