• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٻول : ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان : عابدہ پروين

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان
ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

يا ٿيان مومن پاڪ نمازي
جنھن ۾ جانب تون ٿئين راضي!
جامع جوڙايان ڪِ نہ سِرڙو نِمايان؟
ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

يا ٿيان ھِندُو پوڄان بُتخاني
ڪاشِي، دُئارِي، گنگا اِشناني
جَڻِيُون پايان ڪِ نہ تِلڪُ لڳايان
ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

يا ٿيان ناچُو پايان پيشوازي
ڌُڪَر، ڌمچَر ساز آوازِي
ڦيرڙِي پايان ڪِ نہ ڇير ڇِمڪايان
ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

اچ تہ پيارَل پرچاءُ
ساڻ سليمان ڪريون سَرچاءُ
لائق ناھيان پوءِ بہ تنھنجي ڙِي آھيان
ڏَس ڪو ڏانءُ ڏَس ڪو ڏانءُ


ٻول : سليمان
آواز : عابدہ پروين

 
Back
Top