ٻول : ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان : عابدہ پروين

'ٻول' فورم ۾ عبيد ٿھيم طرفان آندل موضوعَ ‏7 اپريل 2021۔

  1. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪيئن ريجهايان توکي ڪيئن پرچايان
    ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

    يا ٿيان مومن پاڪ نمازي
    جنھن ۾ جانب تون ٿئين راضي!
    جامع جوڙايان ڪِ نہ سِرڙو نِمايان؟
    ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

    يا ٿيان ھِندُو پوڄان بُتخاني
    ڪاشِي، دُئارِي، گنگا اِشناني
    جَڻِيُون پايان ڪِ نہ تِلڪُ لڳايان
    ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

    يا ٿيان ناچُو پايان پيشوازي
    ڌُڪَر، ڌمچَر ساز آوازِي
    ڦيرڙِي پايان ڪِ نہ ڇير ڇِمڪايان
    ڏس ڪو ڏانءُ، ڏَس ڪو ڏانءُ

    اچ تہ پيارَل پرچاءُ
    ساڻ سليمان ڪريون سَرچاءُ
    لائق ناھيان پوءِ بہ تنھنجي ڙِي آھيان
    ڏَس ڪو ڏانءُ ڏَس ڪو ڏانءُ


    ٻول : سليمان
    آواز : عابدہ پروين

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو