ڪنڊياري جي ڪاليج ۾ ڪتابي ميلو!

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏10 اپريل 2021۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    ڪنڊياري جي ڪاليج ۾ ڪتابي ميلو!
    (حبيب مرکنڊ طاهري)
    ڪتاب انسان جو سُٺو دوست ٿي سگهي ٿو، ڪتابن جي پڙهڻ سان معلومات ۾ اضافو ٿئي ٿو. ڪتاب هِن وقت سفر جا ساٿي ۽ سُونهن آهن، اينڊرائيڊ موبائيل فون اچڻ ۽ پي ڊي ايف ۾ ڪتاب اچي وڃڻ جي باوجود به ڪتاب جي اهميت ۽ قدر کي گهٽ نه سمجهيو وڃي، ڇاڪاڻ ته پي ڊي ايف وارو ڪتاب ڊليٽ ٿي سگهي ٿو، پر پرنٽ ٿيل ڪتاب ڪڏهن به ڊليٽ نٿو ٿي سگهي. فارغ وقت جو ساٿي ڪتاب، جيڪو سفر ۾ به ساٿي تصور ڪيو ويندو آهي. اڄ به ٽرين وغيره ۾ سفر ڪرڻ دوران اڪثر مرد، عورتون يا نوجوان ڪتاب، ڊائيجسٽ يا رسالو وغيره خريد ڪري پڙهڻ لڳندا آهن ته جيئن سندن جو ڊگهو سفر سُڪون سان گذري وڃي ۽ کين معلومات ۾ پڻ اضافو ٿي پوي! ٽيڪنالاجي جي اڄوڪي دور ۾ زندگيءَ جي رهڻ سهڻ جا ٻه طريقا تقريبن تبديل ٿي رهيا آهن، ڳوٺن ۾، گهرن ۾، اوطاقن ۽ ڪچهرين جي جڳهه هاڻي سوشل ميڊيا والاري چُڪي آهي. نج ۽ ٺيٺ ٻوليءَ جي جاءِ تي ماڻهو انگريزي ۽ اردو گاڏر ساڏر سنڌي ڳالهائڻ کي فخر جي ڳالهه محسوس ڪن ٿا، جتي اخبارن جي اهميت به هاڻي ڏينهون ڏينهن گهٽجندي پئي وڃي. اهڙي دور ۾ ڪتابن جي جاءِ هاڻي اڪثر پي ڊي ايف ورتي آهي، پر اڄ به ڪتابن جا عاشق ۽ پنن تي پڙهڻ جا شوقين موجود آهن، جيڪي ڪتابن جي آخري صديءَ ۾ پنهنجو عشق نڀائيندا پيا اچن. انساني تهذيب جي اوج ڪمال ۾ ڪتابن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. تاريخ گواهه آهي ته پرنٽنگ پريس جي ايجاد کانپوءِ انساني سماج ترقيءَ جا تڪڙا ڏاڪا طئه ڪيا آهن ۽ اڄ واري ٽيڪنالاجي جو عروج به ڪتابن سان محبت جو ئي نتيجو آهي، پر جيئن ته سماج ۾ تبديلي اڻٽر آهي، اُن لاءِ پنن جي ڪتابن جي جاءِ هاڻي سافٽ بڪس ورتي آهي، پر پوءِ به اڄ جي دور ۾ هزارن جي تعداد ۾ ڇپجندڙ ڪتاب اُن ڳالهه جو چٽو ثبوت آهن ته پنن جا عاشق اڃا جيئرا آهن ۽ هي صدي به ڪتابن جي عشق جي صدي ثابت ٿيندي. ڪتابن جي عاشقن جو اهڙو هڪ ميلو ڪنڊيارو جي مشهور تعليمي اداري پارس سائنس پبلڪ هائير سيڪنڊري سائنس ڪاليج ۾ 27 مارچ 2021ع تي سجايو ويو، جتي ٻارڙن طرفان ڪتابن تي لکيل تبصرا، ڪتابن جو نماءُ ۽ ڪتابن جي خريداري لاءِ لڳايل اسٽالن تي ٻارن جي رش وڏي واڪي اعلان ڪري رهي هئي ته اڃا ڪتابن جو دور زور شور سان جاري آهي ۽ اڄ به ڪتاب پڙهندڙن لاءِ رومانوي حيثيت رکن ٿا.
    پارس سائنس ڪاليج ساهتي پُرڳڻي جو هڪ بهترين تعليمي ادارو آهي، جنهن جي انتظاميا وقت بوقت ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ تعليمي شعور اُجاگر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪندي رهي ٿي. ڪڏهن تقريري مقابلا، ڪڏهن ڪوئيز ڪامپيٽيشن ته وري ڪڏهن محفلِ ميلاد يا مختلف نصابي ۽ هم نصابي سرگرميون شامل آهن، نه رڳو اُهو، پر تعليمي ميدان ۾ پڻ هي ادارو هميشه اڳڀرو رهيو آهي. ڊويزن توڙي صوبائي ليول تي تقريري مقابلا هجن يا مئٽرڪ، انٽر جي شاگردن جي رزلٽ يا وري ڪو مقابلو وغيره هجي ته هميشه پارس سائنس ڪاليج جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي نمايان پوزيشن نظر ايندي آهي، اُن سان گڏوگڏ هر سال مختلف ميڊيڪل توڙي انجنيئرنگ ادارن سميت مختلف قومي ادارن ۾ هِن اداري جا شاگرد ڪاميابيءَ سان منزلون ماڻيندا آهن. هِن اداري جي انتظاميا پاران شاگردن ۾ علم جي چاهه وڌائڻ لاءِ نوان نوان رُجحان متعارف ڪرائڻ ۾ هميشه ڪوشان رهي آهي. هي ڪتابي ميلو به اُن سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، روايتي ڪتابي ميلي جي برعڪس هِن ڪتابي ميلي ۾ صرف ٻارن کي ڪتابن سان متعارف ڪرائڻ لاءِ اسٽال نه لڳايا ويا هئا، پر ٻارن کي ڪتاب پڙهڻ سان گڏوگڏ انهن جو تجزياتي جائزو لکڻ لاءِ پڻ چيو ويو هو. ڪتابي ميلي جي سُونهن اُن وقت ٻيڻي ٿي پئي، جڏهن نائين، ڏهين، يارهين ۽ ٻارهين ڪلاس جا نوجوان شاگرد، شاگردياڻيون مهمانن ۽ ٻين ساٿين سان انهن ڪتابن جي باري ۾ ويچار ونڊي پنهنجي ۽ پنهنجي ڄاڻ ۾ اضافو ڪري رهيا هئا. مزي جي ڳالهه ته هِن ڪتابي ميلي ۾ شاگردن ۾ وڏي تعداد ۾ درسي ڪتابن کان علاوه ادبي، اُتساهي، سائنسي، تاريخي، معلوماتي، اصلاحي، غير نصابي ۽ آتم ڪتابن ۾ به دلچسپي پئي ڏيکاري. اُن موقعي تي ڳالهائيندي پارس سائنس ڪاليج جي پرنسپل سيد مظهر علي شاهه ٻڌايو ته ٻارن ۾ ڪتابن جو لڳاءَ پيدا ڪرڻ ۽ انهن ۾ درسي ڪتابن کان علاوه غير درسي ۽ هم نصابي ڪتاب پڙهڻ جو شوق پيدا ڪرڻ لاءِ هي ميلو سجايو ويو آهي. اڄ جي نوجوان لاءِ ضروري آهي ته هو هر قسم جو ڪتاب پڙهڻ لاءِ تيار هجي ته جيئن هو پنهنجي مُستقبل جي باري ۾ سُٺا فيصلا ڪري سگهي.
    ڪاليج جي استادن سيد مرسل الدين شاهه راشدي، مسلم چانڊيو ۽ سيد جنيد شاهه مهمانن سان ويچار ونڊيندي ٻڌايو ته پارس سائنس ڪاليج ۾ ٻارن جي نصابي سرگرمين سان گڏ سندن هم نصابي سرگرمين تي پڻ توجهه ڏنو وڃي ٿو، ٻارن ۾ لکڻ ۽ تخليقي صلاحيتون پيدا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت سيمينارز ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪرايا وڃن ٿا. اڄ به ٻارن طرفان لکيل ڪتابي تجزين کي فروغ ڏيڻ ۽ انهن ۾ نوان ڪتاب پڙهڻ لاءِ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ هي ڪتابي ميلو لڳايو پيو وڃي ۽ اهڙا تعليمي ميلا هر سال ۽ باقاعده جي بنياد تي لڳايا ويندا. ڪتابي ميلي ۾ ڪاليج جي شاگردن ۾ اُتساهه، جوش، جذبو ۽ ولولو پيدا ڪرڻ لاءِ والدين سان گڏ ڪنڊيارو جي نامياري تعليمدانن پڻ شرڪت ڪئي. اُن موقعي تي گورنمينٽ غلام رباني ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو جي پرنسپال، اديب، ڏاهي، پروفيسر عبدالستار ابڙو، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور انگريزي شعبي جي اسسٽنٽ پروفيسر محمد ابراهيم کوکر، اسسٽنٽ پروفيسر ڪريم بخش عباسي، سينيئر استاد شهاب الدين پيرزادو، اديبن محمد طاهر الحجازي، نامياري ليکڪ وفا شر، طاهري حبيب مرکنڊ، محقق محمد عثمان عباسي ۽ ٻين ڪتابي ميلي ۾ شرڪت ڪئي ۽ اُن موقعي تي ٻارن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن محنت ۽ ڪوششن تي کين ساراهيو ويو. انهن ڪاليج جي انتظاميا جي هِن شاندار تعليم درست قدم تي کين مبارڪباد پيش ڪئي ۽ ٻڌايو ته ڪتابن وسيلي ئي علم جي اُڃ اجهائي سگهجي ٿي، ڪتاب ئي زندگيءَ ۾ سُٺا دوست، سچا استاد ۽ بهترين رهنما بڻجي سگهن ٿا. اُن موقعي تي ٻارن پڻ هِنن تعليمي ماهرن کان پنهنجي تعليمي ڪيريئر ۽ مُستقبل جي منصوبابندي بابت سوال پُڇيا! اُن موقعي تي پروفيسر محمد ابراهيم کوکر ٻڌايو ته دنيا بهترين موقعن سان ڀري پئي آهي ۽ اسان جي نوجوانن کي انهن شاندار موقعن مان فائدو وٺڻ لاءِ ڪوششون ڪرڻ گهرجي.
    ڪتابي ميلي ۾ عثمانيه لائبريري ڪنڊيارو، الاصلاح پبليڪيشن دادو، ادارة المعرفة الهه آباد شريف، پارس پبليڪيشن ۽ ٻين ڪتاب گهرن پاران وڪري لاءِ ڪتابن جا اسٽال لڳايا ويا هئا، جن ۾ روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، سنڌيڪا پبليڪيشن ڪراچي، پوپٽ پبليڪيشن هائوس خيرپور، ڊوگرز سنر، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس، جهانگير ورلڊ ٽائيمز ۽ مائيڪه اڪيڊمي خيرپور جا ڪتاب رعايتي اگهن تي وڪرو ڪيا ويا. ٻارن جي وڏي تعداد هِن ڪتابي ميلي مان ڀرپور طرح سان لطف ورتو، جڏهن ته مولانا حبيب الرحمان گبول پاران تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ شايع ڪرايل تعليمات امام رباني جا چار جُلد به ڪتابي ميلي ۾ رکيا ويا، جن ۾ شاگردن توڙي ميلي ۾ شرڪت ڪندڙن دلچسپي جو اظهار ڪيو. هندستان جي مشهور بزرگ امام رباني پاران لکيل خطن کي دنيا جي مختلف ٻولين ۾ ڪيترائي دفعا ترجما ڪري شايع ڪيو ويو آهي، تصوف تي مُشتمل هِنن خطن کي سنڌي زبان ۾ شايع ڪري اعزاز ماڻيو ويو آهي. 408 ورهين ۾ پهريون ڀيرو سنڌي زبان ۾ شايع ڪرڻ جو اعزاز الاصلاح پبليڪيشن دادو ۽ مولانا حبيب الرحمان گبول طاهري نقشبندي حاصل ڪيو آهي. ڪتابي ميلي جي تشهير لاءِ اديب صحافي دوستن ابراهيم جوکيو، غفار عباسي، مسعود ڀٽي ۽ ٻين دوستن پڻ خصوصي طور تي شرڪت ڪئي. ڪرونا جي موجوده صورتحال جي پيش نظر حڪومت پاران اعلانيل ايس او پيز تي مڪمل طور تي عمل ڪرايو ويو. ڪتابي ميلي جي ڪاميابي اُن ڳالهه کي ثابت ڪيو ته ڪنڊيارو جي عوام ۽ هتان جا شاگرد ڪتابن سان پيار ڪن ٿا ۽ نصابي ۽ درسي ڪتابن سان گڏوگڏ هم نصابي ۽ غير نصابي ڪتاب پڻ وڏي شوق ۽ چاهه سان پڙهن ٿا. اسان اُميد ٿا ڪريون ته سَموري سنڌ جا تعليمي ادارا اهڙا شاندار پروگرام منعقد ڪرائي علم دوستي ۽ ڪتاب دوستي جو ثبوت ڏيندا.
    (روزاني ڪوشش اخبار، 9 اپريل 2021ع)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو