ڪجھ به نه صرف درد ۔ Nothing

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ساجد سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2021۔

  1. ساجد سنڌي

    ساجد سنڌي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏7 فيبروري 2018
    تحريرون:
    9
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    63
    ڌنڌو:
    شاگرد
    هڪ تنهنجي وڇوڙي درد ڏنا۔
    ٻيو مونکان دنيا ٽهڪ ڇنا,

    رب پاڪ هي دنيا به تمام عجيب ٺاهي آهي ۽ ان ۾ اسانکي ڏنل زندگي کي به عجيب ۽ پُرلُطُف بڻايو اٿس, جنهن ۾ سُکن ۽ دردن (ڏُکن) جون رنگ رنگينيون تُحفن طور اسانجي حياتي ۾ بخشيون اٿس, جنهن ۾ سُکن کي سلڻ لاء هرڪو هر وقت تيار هوندو آهي , پر دردن کي منهن ڏيڻ ڪنهن جي به منصوبه بندي ء حيات ۾ شامل ناهي هوندو , ان ڪري انهي کي انهن کي منهن ڏيڻ هڪ پرتڪلُف ڪم هوندو آهي,
    ايئن مان پڻ دردن جي هڪ نه کُٽندڙ سلسلي کي ڪمري ۾ اڪيلي آواره طريقي سان منهن پيو ڏيان, ۽ رات جو ڪمري جي چئني ڪنڊن کان ويراڳ هر پل , بنا ڪنهن ساعت جي وقفي وسندو رهيو, اڪيلو , آوارگي سان رات جو مان ڪمري ۾ تُنهنجين يادُن سان جنگ ڪري رهيو هُئس, روز اهو سلسلو هلندو پئي رهيو آ ۽ مان تنهنجي يادن اڳيان جنگ پيو هارائيندو رهيو آهيان, پوء به منهنجو من درد ڏُک کي برداشت نه ڪندي به وصل جي آس ۽ تمنا من ۾ سانڍي ڌيرج اختيار ڪندو آهي, هي نه ختم ٿيڻ وارو سلسلو مسلسل پيو هلندو رهندو آهي, درد ڏُک,اڪيلائي ۽ آوارگي منهنجا هم نصب بڻجي چڪا آهن, جيڪي مونکي هن دنيا کان طلاق يافته ڪرائي نئين دنيا ۾ وٺي ويندا آهن ۽ ان دنيا ۾ جيڪا تڙپ آهي, جيڪا رمز آهي, انهي رمز جو قتل ٿيل منهنجو ذهن جنهن کي زندگي ۾ ڪڏهن به سُڪون ميسر ٿيندي نظر نه پيو اچي, زندگي جي باب ۾ ڪٿي به عشرت ميسر ٿيڻ جي ڪا امڪانيت ناهي, هنن دردن جي ريگستان ۾ ڪوبه سڪون عشرت ڪونهي ۽ ان ۾ موت به ڪونهي جيڪڏهن موت آهي ته موت جو اهڙو قسم آهي جيڪو ماري نٿو بس رڳو ايزاءُ پهچائي ٿو, جهڙوڪ آواره ماڻهو ٿر , ٺل جهڙي ريگستان ۾ اونهاري جي ٽاڪ منجهند ۾ رلندو پيو وتندو هجي يا ڪو اجنبي رستو ڀلجي ويو هجي ۽ سڄو ڏينهن گرم ريت تي ڦيرا ڏيڻ ۽ ان کان بعد به پاڻي يا ڪا ٻي واهر نه ملڻ تي هوءُ موت جو مُتلاشي هجي, هي ويراڳ جون راتيون به اڪيلائي جي رڻ ڀري رات آهن, ٿر جي ريگستان جو ظالم ٽاڪ منجهندون ، وجود جون عذاب ڀريون راتيون آهن, ڪاريهر نانگ جهڙو زهر ڀريل راتيون دردن ڀريون راتيون آهي, هنن رنجشن مان پاڻ کي آجو ڪرڻ تمام ڪٺن ڪم آهي ايترو ڪٺن جهڙوڪ سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ ختم ڪرڻ , بهرحال سنڌ مان لوڊشيڊنگ ختم ڪري سگهجي ٿي ليڪن دردن کان ڪناره ڪشي نه ٿي ڪري سگهجي,
    ويراڳ جيڪا تنهائي جي علت آهي ۽ اڪيلائي وري اداسي, پيڙا, ڏک ۽ ڪَرب کي جنم ٿي ڏئي,
    هي هڪڙو مسلسل عذاب, هڪڙي نه اجهامندڙ آڳ آهي جنهن ۾ مون جهڙا هزارين حسينن جي مُک جي پنهنجي جان قربان ڪندڙ مجنون جنهن کي ڪڏهن نه حسين دوشيزه جو پيار نصيب ناهي ٿيو ۽ نه ئي انهن کي پنهنجي عشق جي ملڻ جي ڪا آس اميد باقي بچي آهي, اُهي ويچارا سادڙي قسم جا رانجها , ميهار, مجنون ماڻهو آهن جنهن پنهنجي عمر کي اڪيلائي جي انهي آڳ ۾ جلڻ لاء وقف ڪري ڇڏيو آهي ۽ جيڪي بهار جي مُند ۾ به سرءُ جي لڳندڙ هوا وانگر دردن جي لڳندڙ حيانو ڏاريندڙ هوا سان پنهنجي وجود جي پتن کي ڪيرائڻ ۾ اهيو سوچي به مگن رهن پيا ته سندن وجود ويراڳ جي نظر ٿيندو پيو وڃي , سدائين تڙپندا رهن ٿا هي ويراڳ جي آڳ اهڙي آڳ آهي جيڪا اُجهامي نه ٿي اجهامي.
    بس اجهامي ڪري به وري ٻري ٿي مان به انهي آڳ ۾ سسڪيون کائي ستڪي رهيو آهيان, ڦٿڪي رهيو آهيان, ان حسين دوشيزه جون يادون بار بار مونکي ائين تڙپائي رهيون آهن جيئن اسانجي سُهڻي سنڌ جي پوليس ڪنهن معصوم يا شريف شهري تي داخل ڪيل ڪوڙي چرس جي ڪيس ۾ ان تي وڏا وڏا ڪيس ۽ حيلا هلائيندا آهن ته کائنس ڏوه مڃرائي سندس کي سالها سال اذيتن جو نشان بڻائيندي آهي صرف و صرف پنهنجي اذيتناڪ مثال قائم ڪرڻ لاء ڪيس و ستم پيا ڪندا هن, ڪنهن جيل ۾ بند قيدي کي جيئن پوليس ماري ماري ٿڪائي ڇڏيندي آهي, هن جي يادن به منهنجي جيءُ کي جنجهوڙي ٿڪائي ماري ڇڏيو آهي,
    وڏي جتن ڪرڻ ۽ جاکوڙ ڪرڻ کان پوء انهي ڳالھ تي ته قلم جواب ڏنو ته درد , درد ئي رهندو چاهي اُبتو لکينس توڙي سُبتو...
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو