ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو ترتيب ڏنل ڪتاب، لغات بيدل ۽بيڪس جو تحقيقي جائزو...!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏12 اپريل 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    231
    ورتل پسنديدگيون:
    4
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    138
    ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو ترتيب ڏنل ڪتاب،
    لغاتِ بيدل ۽ بيڪس جو تحقيقي جائزو.....!
    فقير محمد سنڌي.
    "ايرڪ فراهم فرائيڊ جي ٿيوري خاص طور لبيڊو ۽ ايڊيپس مونجهاري جي بنياد تي ٺهندڙ تي شخصيت کان انڪار ڪندي چيو ته شخصيت سماجي ساخت ۽ اخلاقيات کان انڪار ڪندي چيو ته سماجي ساخت ۽ اخلاقيات جي نظام مان ٺهندي آهي، جيڪا سماجي پابندين ۾ پاڻ کي توازن ۾ رکي ٿي پر ان وقت شخصيت بحران جو شڪار رهي ٿي جڏهن بغير ڪنهن گوڙ ڪرڻ جي ماڻهو سماجي پابندين جي پيروي ڪندا رهن ٿا ته ان صورت ۾ شخصيت بيٺل پاڻي وانگر سينوارجي وڃي ٿي. "
    تڏهن ته سچائي جي بنياد تي سنڌ جي صوفي ڪرامن نظم توڙي نثر ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو آهي. ان ۾ قادر بخش بيدل ۽ سندس فرزند محمد محسن بيڪس جو به شمار ٿئي ٿو. ڊاڪٽر بدر ڌامراهو سنڌ جو اهو تحقيق نگار آهي جنهن پنهنجي پين جي نب کي ڪٿي به سڪل هجڻ ڄڻ محسوس ئي نه ڪرايو آهي، لغاتِ جي حوالي ڊاڪٽر بدر ڌامراهو پنهنجي سوچ، ويچار، پنهنجي دوستن جي اتساهه ۽ مطالعي جي آڌار تي هي ڪتاب به سنڌي ادب کي ارپيو آهي. لغاتِ بيدل ۽بيڪس ۾ محقق شاعرن جا مختلف حوالا بيت جي سٽ حوالي طور پيش ڪري ان مان هڪ هڪ لفظ جي چونڊ ڪري لغاتِ جي سٽاءَ کي آسان بڻايو آهي. سنڌي الف ب جي لپي مان 47 الفابيت جا اکر استعمال ڪيا آهن. تقريبا 2523 لفظ هن لغت ۾ بيت ۽ بيت جي هڪ سٽ ڏئي سمجهاڻي طور ڏکي لفظ کي معني طور اجاگر ڪيو ويو آهي. جيئن پڙھندڙ آساني سان شعر جو مفهوم سمجهي سگهي. لغاتِ بيدل ۽ بيڪس ۾ سنڌي لپي جي هنن اکرن کي لعنت ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي جنهن ۾" ڊ، ڙ، ڱ، ڻ، ء، "شامل آهن. ڪتاب لغاتِ بيدل ۽بيڪس روشني پبليڪشن ڪنڊيارو 2020ع ۾ اشاعت ڪيو آهي. 392صحفن جي هن ڪتاب جي ارپنا سنڌ جي ٻن خوبصورت شاعرن نالي ٿيل آهي. اهي ٻهگڻ شاعر، ادل سومرو ۽ اياز گل آهن.
    قادر بخش بيدل جي زندگيءَ جو مختصر احوال ته؛:فقير قادر بخش بيدل جا وڏا اصل ملتان جا رهاڪو هئا ۽ سندن تعلق حضرت غوث بهاءَ الدين جي خاندان سان هو. هو ملتان جي ۾ مير جان ﷲ شاهه رضوي اول جو مريد هو ۽ ان جي خدمت ۾ رهندڙ هو. مير جان ﷲ شاهه اول جڏهن ملتان مان روهڙي ۾ وحدانيت واري رمز سمجهائڻ لاءِ آيو ته عبدالقادر قريشي پنهنجي اهل وعيال سميت مرشد سان گڏ روهڙي اچي ويو. قادر بخش بيدل جي ڄمڻ جي تاريخ سندس فرزند محمد محسن بيڪس هن شعر کي سامهون رکندي ولادت جي سال کي نروار ڪيو آهي.
    زغيب آمده روضه العارفين،
    بگفتم گلي راحت العاشقين.
    1231 ھ.
    فقير محسن جي ڪڍيل تاريخ ئي درست آهي ان حوالي سان قادر بخش بيدل جي ولادت 1231ھ،1815ع ۾ ٿي. فقير قادر بخش بيدل جو جنم هڪ اهڙي گھر ۾ ٿيو جتي اڳئي وحدانيت واري رمز سمجهائي ويندي ي، هر طرف "تون ئي تون" واري وائي گونجندي هئي، اهڙي ماحول جو بيدل سائينءَ تي اثر فطري هو. تعليم ۾ "الف" کان مٿي اصل نه پڙهيو. بيدل، سنڌي، سرائڪي، فارسي، عربي ۽ اردو تي وڏي دسترس رکندو. جنهن جو ثبوت سندس انهن ٻولين ۾ چيل ڪلام ۽ تصنيف ۽ تاليف آهي. قادر بخش بيدل، سچل سرمست جو وڏو عقيدت مند، حق سچ جو پانڌيئڙو هو. 16 ذوالقعد 1289ھ 15 جنوري 1873ع تي هن فاني جهان مان رحلت ڪئي. فقير قادر بخش بيدل جو نثري تصنيفون 9 آهن. جيڪي تقريبًا فارسي ۽ عربي ۾ آهن. نظمي تصنيفون 21آهن. جنهن ۾ فارسي، عربي، سنڌي، اردو ۽ سرائڪي ٻوليءَ جو استعمال ٿيل آهي. قادر بخش بيدل جي وفات سندس فرزند محسن بيڪس هن شعر ۾ نروار ڪئي آهي.
    سال ٻارنهن سو، اڻانوي ۾ سوز و گداز هو،
    سورهين ذوالقعد جي هاديءَ سندو پرواز هو.
    محمد محسن بيڪس کي تصوف ۽ شاعري ورثي ۾ ملي. محسن بيڪس جي شاعريءَ تي قادر بخش بيدل جو اثر هو. پنهنجي والد کي مرشد سمجهندو هو. محمد محسن بيڪس 31جنوري 1859ع 26 جمادالثاني 1275ھ روهڙيءَ ۾ جنم ورتو. شاعريءَ ۾ جمالياتي حسن رکندڙ محمد محسن بيڪس ننڊڙيءَ عمر ۾ راھ رباني ورتي، 31 آگسٽ 1881ع ڌاري هيءُ فاني جهان ڇڏيو، آخري آرام گاهه روهڙي ۾ اٿس. سنڌي ادب جي ڪجهه ڪتابن ۾ محمد محسن بيڪس جي وصال جو سال 1882ع به ڄاڻايل آهي. سنڌ جي سرزمين اهڙي ذرخيز آهي جنهن سان عالمي ۽ ملڪي شخصيتن بي انتها پيار ڪيو آهي. ان محبت ۾ انھن فردن پاڻ ارپيو آهي. جنهن کي عشق جو نالو ڏئي سگجهي ٿو. سنڌي ٻوليءَ جي ضامن ڀٽائي سرڪار فرمايو آهي ته :
    عشق نه آهي راند، جا کيڏڻ ڳڀرو،
    جيءَ جُسي ۽ جان جي، ڀڃي ٿو هيڪاند،
    سسي نيزي پاند، اڇل ته اڌ ٿئي.
    ( شاهه لطيف)
    عشق حقيقي مجازي مرحلا طئه ڪرڻ بعد شروع ٿئي ٿو. خدا جي سڃاڻپ لاءِ ميدان مجازي عشق ۾ هموار ٿئي ٿو. اهل تصوف مجازي عشق کي ٽن حصن ۾تقسيم ڪيو آهي.
    1درجو شخص، جزوي، محدود دائري واري عشق جو آهي.
    2درجو قومي، ملڪي، وسيع دائري واري عشق جو آهي.
    3درجو نوع انسان جي دائري جو عشق آهي.
    اهڙو ئي عشق سنڌي ادب ۾ نروار طور نظر اچي ٿو، ان جو چٽو ثبوت ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو هي ڪتاب به آهي.
    لغت ۾ پهريون اکر "آ" آهي، مختصر طور لغت جي لفظن تي نظر وجهنداسين - لفظ آهي.
    آڇوڙو :-( سنسڪرت مونئث ) سايو، پاڇو، ڏيکاري جو اثر.
    تنين تُرت پيو،" آڇوڙو" اَثبات جو.( بيدل :وحدت نامو - 2)
    آديسين :( سنسڪرت مذڪر، واحد، آديسي) سرجهڪائيندڙ، گروءَ جي حڪم ۽ اَمُرَ ۾ رهندڙ جوڳي فقيرن جو هڪ گروھ، اله لوڪ فقيرن، درويش جو.
    آديسين آرام، اچي ٿيو اَثبات ۾،
    (بيدل :وحدت نامو - 30)
    آزاد :( فارسي - مذڪر - صفت ) ڇُٽل، واندا، خودمختيار، آجا.
    بيراڳي بيباڪ، عنصر کئون آزاد ٿيا.( بيدل وحدت نامو - 34)
    آکي :( سرائڪي )چوي
    ڪڏان سڏاوي نام احمد، آکي احصي ثنا.( بيدل مخمس 1)
    الف اکر ۾
    اِسرار :( عربي مذڪر )سر جو جمع، ڀيد، راز، ڳجهه.
    عشق جو ڏِسُ اسرار سڀ صورت ۾ يار سمايو. بيڊ( 71-66)
    ڪربلا ۾ قتل ٿيو، ڏس عشق جو اسرار آھ.
    بيڪس( سنڌي ڪافيون - 44)
    اعظم شاني :بايزيد بسطامي وجد جي حالت ۾ بي ساخته چوندو هو.
    "سبحان مااعظم شاني" يعني ڪيڏو نه وڏو شان آهي منهنجو.
    ڪٿ آکيندائين اعظم شاني ڪٿ انالحق عياني.
    بَهر مولا :( فارسي ظرف ) ﷲ جي واسطي، خدا ڪارڻ.
    بهر مولا در دل ما اندر آ. بيڪس( مناجات 2)
    ٻوڙ:( مصدر :ٻوڙڻ )پاڻيءَ جي لوڙھ، پاڻيءَ ۾ غرق ڪر، نابود ڪر.
    نفيءَ واري نئن ۾ وڃي ٻيائي" ٻوڙ "
    پيا :( سرائڪي ) پرين، محبوب.
    آج پيا ھوري کيلن آيا، سھسين رنگي بيرنگ سمايا.
    ( بيدل 100-92)
    لغاتِ بيدل ۽بيڪس جو جو مهاڳ شاعر، محقق ۽ ڪالم نويس ساجد چانڊيي لکيو آهي، لکي ٿو ته : "عام مفهوم ۾ لغت جي معني : ٻوليءَ ۾ استعمال ٿيندڙ لفظ ۽ انھن جي معني آهي پر اصطلاحي معني موجب لغت ان ڪتاب کي چئبو آهي، جنهن ۾ ٻوليءَ جا ترتيب وار لفظ معنائن سميت ڏنل هجن.
    " برصغير ۾ لغت نويسي جي تاريخ دنيا جي سڀني تاريخن کان قديم آهي."ٻوليءَ جا اصطلاح، محاورا، ورجيسون، مخفف ۽ ٻين مکيه ڳالهين کي به ترتيب سان سميٽڻو پوندو آهي. تڏهن ئي وڃي لغت پنهنجين سڀني لوازمات تي پوري لهندي آهي. "ٻوليءَ جي لغت کي انگريزيءَ ۾" mono lingual Dictionary " چيو ويندو آهي. هن ۾ ساڳي ٻوليءَ جون مختلف معنائون ڏنيون وينديون آھن. مثال طور سنڌيءَ جي سنڌيءَ ۾ معني يا انگريزيءَ جي انگريزي ۾ معني وغيره ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي هيءُ لغت" mono lingual Dictionary "آهي البتہ هن لغت ۾ ٻين لفظن جو واهپو به اچي ٿو وڃي."
    پير طريقت :( فارسي اصطلاح ) صوفين جو پير، مرشد.
    حضرت" پير طريقت" شاھ تون.
    ( بيڪس مناجات - 2)
    جرجيس :( عربي، اسم خاص )( حضرت جرجيس عليه السلام )وقت جو نبي ٿي گذريو آهي. قرآن پاڪ ۾ ته سندس ذڪر ڪونهي پر تاريخ جي ڪتابن ۾ سندس ذڪر ملي ٿو.
    ڪرم ايوب نبي تون بَڇئان، ول جرجيس جلائي هو. بيدل( 203-255)
    "محبت پائي من ۾ رنڍا روڙيا جن" ۾ ڊاڪٽر بدر ڌامراهو، من جي سڄي اور لکي ٿو. ڪتاب ۽ ان تي تحقيق مواد جي باري ۾ تفصيلي لکيو آهي. هن ڪتاب بابت لکي ٿو ته : لغات جي فن جو لحاظ رکندي هر هڪ لفظ کي زيرين زبر سان نروار ڪيو ويو آهي. لفظن کان پوءِ بريڪٽ ۾ لفظ جي ٻوليءَ جو تعلق ظاهر ڪيو ويو آهي، تنهن کان پوءِ جنس ڏني ويئي آهي. تنهن کان پوءِ لفظ جي گرامر مطابق بيهڪ نروار ڪئي وئي آهي. جمع جي صورت ۾ ان جو واحد بيان ڪيو ويو آهي. پوءِ لفظ جي معني بيان ڪئي وئي آهي. " ساڳي مضمون ۾ ڊاڪٽر بدر 47 ڪتاب مددي حوالن طور پيش ڪيا آهن.
    مَنَ خدا :( فارسي، خواجه فريد الدين عطار )( 1119ع کان 1229ع جو هڪ قول، پورو قول هن طرح آهي." من خدايم من خدايم، من خدايم - فارغم از کيئه کسر وهوا"
    " من خدا "چيو موج، انهيءَ ۾، عاشق بي اختيار.
    بيدل - 78-24
    من خدا جو شيخ عطار تي هاءِ ڪيو هوڪارو.
    مَنُ راني فقد رايءِ الحق :-( صوفين وٽ مشهور ۽ مقبول حديث پاڪ ) جنهن مونکي ڏٺو تنهن حق( ﷲ) کي ڏٺو.
    "من راني فقد رايءِ الحق ويک جمال داجوڙ.
    ( بيدل - 153-162)
    ڊاڪٽر بدر ڌامراهو جو زندگيءَ جو مختصر خاڪو :
    ڊاڪٽر بدر الدين ڌامراهو 15هين ڊسمبر 1961ع تي ڌامراهه، تعلقي ۽ ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. تعليم :پي ايڇ ڊي( سنڌي ادب ) تعليم کاتي ۾ آفيسر طور پنهنجا فرائض ادا ڪري رهيو آهي.
    ڇپيل ڪتاب :
    سنڌي ادب( ڏھ عدد ڪتاب )
    هيرن جي کاڻ
    سنڌي ادب جو مقدمو( سي ايس ايس لاءِ )
    جعفر پنهور جو ڪلام
    لطيفي انسائيڪلوپيڊيا
    سنسڪرت - سنڌي ڊڪشنري
    لاڙڪاڻو ماضي ۽ حال( ترتيب )
    سنڌي اردو لغات
    سورنهن عدد ڪهاڻيون ڇپيل( مختلف رسالن )
    نوي مقالا( مختلف مئگزين ۽ اخبارن ۾)
    لغاتِ سچل سرمست
    لغاتِ بيدل ۽ بيڪس( شامل آهن )
    سنڌي ادب جا فرد نهايت فراخ دلي سان پنهنجي حصي جو ڪم ڪن ٿا، جيئن بلبل باغ جي سونهن ۾ پنهنجي لات جي وسيلي سرور پيدا ڪندي آهي، ائين ئي سنڌي ادب جا متوالا ڏينهن رات محنت سان ادب جي سينڌ سنواري رهيا آهن. اهو آهي پنهنجي ٻولي، ادب، زمين ۽ ثقافت سان عشق.
    ديوان حافظ جون سٽون آهن ته :
    مستي به چشم شاهد دلبند خوش است،
    زان رد سپرده اند به هستي زمامِ ما.
    ترجمو :- "اسان جي محبوب جي اکين ۾ خمار ۽ مستي ڪهڙي نه چڱي ٿي معلوم ٿئي! انهيءَ سبب اسان کي مستيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي.
    معني اسان پنهنجي واڳ ۽ تقدير انهيءَ مستيءَ ۽ خمار جي سپرد ڪري ڇڏي آهي.
    شاهد :-گواه، صوفين جي.
    زمام :واڳ اصطلاح جي معني :خدا جي صنعت گرديءَ جو شاهد". اهڙي طرح لغت جي طرف ٿا اچون.
    لوڪ :( سنسڪرت، مذڪر )خلق، مخلوقات.
    لڪي منجهان لوڪ ڪالنُو لائج اُن سين.
    ليئڙو : ليئو جي تصغير، جهاتي.
    ڪوڙ ڪمائڻ هيو جڏهن دل ۾، ڇو لالڻ ليئڙو يا تون. بيڪس( 40)
    يگانو :-( فارسي، مذڪر، صفت )واحد، اڪيلو، ڇڙهو، بي مثل، بينظير، لاثاني.
    اها حياتي اَٿئي خزانو، دمدم تنهنجو دُرُ "يگانو".
    ( بيدل 34-22)
    ڪتاب لغاتِ بيدل ۽بيڪس حقيقت جي عڪاسي ڪندڙ آهي، هر دور ۾ هي لغت رهنمائي جو سبب بڻجندي رهندي.
    متان روز عشق گر مجازي است،
    کہ آن بهر حقیقت کار سازي است.
    معني :عشق کان منهن نه موڙ، جيتوڻيڪ اهو مجازي هجي، ڇا ڪاڻ ته اهو حقيقت جي رهبري ڪري ٿو.
    مددي حوالا :
    *ديار دل ۽ داستان محبت، جي. ايم سيد، روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو. 2009ع ص 44-45.
    *سچل سرمست. ان جا همعصر شاعر-ڊاڪٽر مخمور بخاري، پي ايڇ ڊي جو تحقيقي مقالو. ثقافت کاتو حڪومت سنڌ - 2011ع ص 294-295-296-297-298.
    *سنڌي سماج نفسياتي اصطلاح جي آئيني ۾ - ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ. سچائي اشاعت گهر دڙو /حيدرآباد 2017ع ص 72
    *ديوان حافظ شيرازي - سنڌيڪار - محمد يعقوب نياز. ڇاپو ٻيو - فيبروري 2018ع، سراج انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊين، حيدرآباد /ڪراچي.
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو