رني ڪوٽ تعميرات جي دنيا جو هڪ بي مثال نمونو ۽ هڪ شاندار قلعو

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏13 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    رني ڪوٽ
    تعميرات جي دنيا جو هڪ بي مثال نمونو ۽ هڪ شاندار قلعو
    آصف رضا موريو
    سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ موجود رني ڪوٽ نالي عظيم قلعه بندي ايراضي جي لحاظ کان دنيا جو ٻيو نمبرکليل قلعو آهي جنهن جي ٽوٽل ايراضي تقريبن ارڙنهن چورس ميل آهي، جنهن منجهان ميداني علائقي جي ايراضي 8 کان 9 چورس ميل يعني تقريبن 16000 ايڪڙ ٿئي ٿي. جنهن مان تقريبن 1500 ايڪڙن کان وڌيڪ زمين زراعت جي لائق آهي، رني ڪوٽ جي ڊيگهه تقريبن ساڍا پنج ۽ ويڪر ساڍا ٽي ميل ٿيندي، قلعي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ چار مختلف دروازا آهن جيڪي بهترين ڪاريگري ذريعي اهڙي لڪل انداز ۾ تعميرڪيا ويا آهن جيئن ڪنهن اڻ واقف جي انهن تائين پهچ نه ٿي سگهي. قلعي جي ڀتين جي تعمير چُن جي پٿرن جي چوڪنڊن ٽڪرن سان ڪئي وئي آهي، جنهن تي گهٽ ۾ گهٽ مفاصلي تي گول ۽ مستطيل ٿنڀا ۽ مينار پڻ ٺهيل آهن.
    ان علائقي ۾ رني ڪوٽ جي اڏاوت سنڌو ماٿري جي حڪمرانن جي اعلي ذوق، ذهني ڏاهپ سان گڏ تعميراتي سونهن ۽ باڪمال هنرمندي جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهي، جيڪو تعميرات جي دنيا ۾ قدامت واري اعتبار سان گهٽ عمر سهي پر منفرد هنر ، جوڙجڪ ۽ آرائش، حسن ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان، سموري دنيا ۾ موجود قلعن، ڪوٽن يا عمارتن ۾ پهرئين اولين ۽ منفرد حيثيت رکي ٿو ڇاڪان ته ان قلعي جي تعمير حيرت ڀري ۽ دل لُڀائيندڙ آهي.
    رني ڪوٽ جو اهو قلعو کيرٿر جي ويران جابلو سلسلي جي تهه تي تيار ٿيل آهي، جابلو سلسلي تي تعمير ڪيل قلعو 25 ڪلوميٽر ( 15 ميل) ڊگهين ڀتين جن جا بنياد تمام گهڻا مضبوط رکيا ويا آهن. خوبصورتيءَ سان تراشيل پٿرن ۽ چوني جي گارن سان تيار ٿيل اهي ڀتيون کير ٿر جي ننڍين وڏين جابلو ٽڪرين، ندين، نالن، رستن، درن ۽ لڪن وغيره کان ڪرموڙيندي، وڪڙ کائيندي اڀرندي، لهندي، تقريبن پندرهن کان ارڙهن چورس ميلن جو مستطيل گهيرو ٺاهيندي هڪ ٻئي سان اچي ملن ٿيون. قلعي جون ڊگهين ٻانهن جهڙيون ڀتيون ڪڏهن بلند ٿي آسمان سان ڳالهيون ڪرڻ وارو ڏيک ڏين ٿيون ته وري ڪٿي هيٺاهين وارين کاهين ۾ نانگ جيان وڪڙ کائيندي نظر اينديون آهن. پري کان ڏسندڙن کي اهي ڀتيون ننڍن وڏن حصن ۾ ٺهيل جابلو ٽڪرين تي مٿي مارچ ڪندي ۽ هيٺ وادي ۾ لهندي نظر اينديون آهن.
    اسان جي ڪيترن محققن رني ڪوٽ کي ( 18 ميلن جي حساب سان) پکيڙ ۾ دنيا جو سڀ کان وسيع قلعو قرار ڏنو آهي، پر جيڪڏهن ان جي ڊيگهه 18 ميل مڃي به وٺجي ته به ان کي دنيا جو ٻيو نمبر وڏو قلعو سمجهي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته 500 سال اڳ راجپوتانه جي راجا کمڀا راجسٿان ۾ افغاني مسلمانن جي پنهنجي رياست تي حملي کي روڪڻ جي لاءِ اراولي جبلن تي هڪ قلعو تعمير ڪرايو هو جنهن جي ايراضِ 24 ميل چورس هئي، تاريخي ڪتابن ۾ ان کي ديوارِ هند جو نالو ڏنو ويو هو، جيڪو رني ڪوٽ جي قلعي کان 6 چورس ميل وڏو آهي.
    کير ٿر واري جابلو سلسلي ۾ سوين ڳوٺ آباد آهن انهن مان رني ڪوٽ جي ويجهو رهندڙ آبادين ۽ تاريخدانن ان قلعي کي مختلف نالا ڏنا آهن. ڪجهه ماڻهن ان کي ” رني ڪوٽ“ يعني عورت جو جوٽ چون ٿا، مقامي زبان ۾ ” رن “ عورت کي چيو ويندو آهي، جڏهن ته هڪڙو ڌڙو ان کي ” رني ڪوٽ“ ان ڪري سڏيندو آهي ڇاڪاڻ ته ” رن “ هندي ٻوليءَ ۾ رڻ پٽ يا بيابان کي پڻ چيو ويندو آهي، يعنيٰ اهڙو ڪٽ جيڪو بيابان يا رڻ پٽ ۾ موجود هجي. اهڙي طرح ڪجهه محقق ان کي راني ” مهاراڻي“ جو ڪوٽ پڻ چون ٿا. جڏهن ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي لکڻين ۾ ان کي علي آباد پڻ لکيو آهي. اصلي سنڌي زبان ۾ رني، روناءِ، ريني، ران يا رين جهڙا لفظ ٻولي يا لغت جي هڪڙي ئي خاندان سان تعلق رکن ٿا، جنهن جو مطلب ۽ مفهوم پاڻي جو ذخيرو يا وهڻ وارو ماڳ بڻجي ٿو.
    سنڌ جي جابلو سلسلن ۾ وهندڙ ننڍين ۽ وڏين ندين جا نالا به علائقائي ٻولين جي حساب سان رکيا ويندا رهيا آهن، موجوده رني ڪوٽ جي قلعي جي اندر اڄ به ” سن“ يا ” رني“ جي نالي سان هڪ ننڍو واهه وهي ٿو، جيڪو قلعي جي ٺهڻ کان اڳ پڻ اتي موجود هوندو هو، ان ڪري ٿي سگهي ٿو ته قلعي جو نالو به رني ڪوٽ رکيو هجي، يا وقت گذرڻ سان گڏو گڏ مقامي آباديءَ اهڙو نالو ڏنو هجي ڇاڪاڻ ته گهڻن علائقن ۾ نالن جي عوامي حيثيت الڳ هوندي آهي جيڪا حاڪمي روايت کان وڌيڪ عام آبادي جي زبان ۽ تهذيب جي ماتحت هوندي آهي.
    سنڌ جي اتر اوڀر ۾کير ٿر جابلو سلسلو موجود آهي، جنهن جي اوچائي 4 کان 5 هزار ڦٽن تائين مٿي آهي، اهو سمورو علائقو پنهنجي هنج ۾ ڪيترا ئي بي بها معدني خزانا ۽ انساني تهذيبن جي شروعاتي آثارن کي ڀاڪر ۾ ڀريو ويٺو آهي، انهن جابلو ٽڪرين تي رني ڪوٽ ڪنڌ کڻي ڪنهن هوشيار محافظ وانگر موجود آهي، هي قلعو حيدرآباد شهر کان تقريبن 76 ميل، حيدرآباد ٽول پلازه کان 120 ڪلوميٽر ۽ ڪراچي کان 262 ڪلوميٽر پري آهي، جڏهن ته قلعي جي ويجهو اهم انساني آبادي سنڌ جي عاشق محترم سائين جي ايم سيد جي عزت ڀري جنم ڀومي ” سن“ شهر آهي. سن شهر کان قلعي طرف وڃڻ جي لاءِ نهايت ئي ٽٽل، ڦٽل، ڪچو ۽ اڙانگو رستو موجود آهي، جنهن کي رستو چوڻ به مناسب نه ٿيندو جيڪو سن اسٽيشن کان ڏکڻ اوڀر طرف آهي، 18 ميلن جو مفاصلو جيتوڻيڪ گهڻو مفاصلو ناهي پر رستي جي ناهمواري ۽ زبون حاليءَ ڪري اهو مفاصلو ڪيترن ئي ڪلاڪن ۾ طئي ٿئي ٿو.
    رني ڪوٽ کير ٿر جي ڊگهي جابلو سلسلي جي لڪي جبل تي موجود آهي جنهن کان سنڌو درياهه به تقريبن 18 ميل پري آهي. سنڌ جو مشهور جبل ” ڪارو ٽڪر“ پڻ ان ڪوٽ جي اتر کان ڏکڻ طرف قدرتي طور تي ان جي اولاهين سرحد بڻجي رهيو آهي، جڏهن ته لنڊو جبل قلعي جي اتر پاسي کان حد بندي جو ڪم ڏئي ٿو، ان جي ٽڪري جي ويجهو مختلف جانورن جا ڍانچا وغيرهه به ملن ٿا.
    تاريخي ڪتابن ۾ رني ڪوٽ جي تعمير سان لاڳاپيل وڌ ۾ وڌ مظبوط روايتون اسان کي ٽالپر حڪمرانن سان لاڳاپيل ملن ٿيون، جڏهن ته ڪجهه تاريخدانن ان قلعي جي تعمير کي ڪلهوڙن جي دور سان پڻ جوڙي رکيو آهي، جيڪو صحيح نه آهي. ڇاڪاڻ ته ان قلعي جي وجود جو ذڪر ڪلهوڙن جي انهن حساس، محققن ۽ تاريخدانن جي ڪتابن ۾ ڪٿي به نه ٿو ملي جن جي نظرن کان سنڌ جي ننڍيون توڙي وڏيون تاريخي عمارتون نظر انداز نه ٿي سگهيون آهن. هونءَ به اسان وٽ ڪلهوڙا سلطنت جي تاريخ قلمبند صورت ۾ موجود آهي، جنهن ۾ ڪٿي به ۽ ڪنهن به حڪمران سان لاڳاپيل قلعي جي تعمير جو ذڪر ٿيل ناهي.
    ڪجهه محقق ته ان قلعي کي سنڌي حڪمرانن جي تعمير تسليم ئي نه ٿا ڪن. جڏهن ته ڪجهه مذهبي محبت يا جنون ۾ بغير ڪنهن مضبوط ثبوت ، دليل ۽ حقيقت جي ان قلعي کي عرب حملي ڪندڙن سان ڳنڍين ٿا، ڪجهه وري ان جي قدامت کي تاريخ کان اڳ ۽ ڪجهه وري ان کي قبل مسيح ڳڻائڻ واري چڪر ۾ پنهنجو شوق ۽ ذوق کپائيندي نظر اچن ٿا. اهڙي طرح اڪثر محقق وري ان قلعي جي تعمير کي سڪندر اعظم کان وٺي مختلف حڪمرانن تائين ڀٽڪائيندا رهن ٿا. اهڙي قسم جون ڳالهيون انهن لکندڙن جي پنهنجي ذاتي راءِ ٿي سگهي ٿي. ڇاڪاڻ ته سنڌ مٿان حڪومت ڪندڙ گهراڻن ۾ ٽالپرن کان سواءِ ڪنهن به تاريخ ۾ ان قلعي جو ذڪر نه ٿو ملي.
    مثال طور تي مان هتي انهن ڪجهه خاندانن جو ذڪر ڪرڻ مناسب سمجهان ٿو، جن ۾ مغل نواب، ارغون۽ ترخان شامل آهن ، جن جو رڳو سنڌ جي وڏن شهرن تي قبضو هوندو هو، انهن کي سنڌو ماٿري جي ڳوٺن تي رڳو ايترو اختيار هوندو هو ته اتان انهن کي چڱو خاصو خراج (ڏنُ) ملندو هو. خود انهن جي تاريخي حوالن ۾ ڪٿي به اسان کي اهڙن قلعن جي تعمير جو ڪوبه اشارو نه ٿو ملي. سما حڪمرانن جي تاريخ به ان قلعي جي تعمير کان انڪاري آهي. سومرا حڪمرانن جي ڊگهي دور حڪومت دوران به انهن جي سرگرمين جو مرڪز لاڙ يا لاڙ وارو علائقو رهيو، انهن جي تاريخ به اهڙي ڪنهن قلعي بندي واري تعمير جي ڪابه شاهدي ڏيڻ کان لاچار بڻيل آهي.
    اهڙي طرح سان موريا، يوناني، برهمڻ، اخمينين، ايراني، راءِ ، ڪشن، هباري، عباسي ۽ اميه خاندانن جا تاريخي ڪتاب ، مسودا توڙي سفرنامه وغيرهه اهڙي قلعي جي تعمير جي ذڪر کان وانجهيل آهن.ساسانين رڳو سنڌ تي 73 سال حڪومت ڪئي ان عرصي دوران انهن جو وڌيڪ شوق ۽ ذوق اولهه بلوچستان کي پنهنجي قبضي ۾ رکڻ ۾ گذاريو، ان لاءِ اوڀر بلوچستان جي سرحد تي اهڙي ڪنهن قلعي جي تعمير ڪنهن به ڪم جي نه هئي. هونءَ به رني ڪوٽ جي معاملي ۾ انهن جو دور ادب توڙِي تاريخ کان خالي آهي. سنڌ جي قديم ۽ جديد تاريخ سان گڏ عربن جي سنڌ تي ڪيل حملي جو ادب ۽ لکڻيون به ان سلسلي ۾ کوکليون آهن. ان کان سواءِ ڪنهن به ويد، پراڻ، رامائڻ يا اتهاسڪ، داستانن يا قصن وغيره ۾ رني ڪوٽ جو ذڪر به موجود ناهي.
    جيڪڏهن تاريخدانن ۽ محققن جو هڪ وڏو تعداد وٽ ان ڳالهه کي مڃڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته ايترو شآندار قلعو ڪو ٽالپرن تعمير ڪرايو هوندو پر وٽن پنهنجي ان ڳالهه کي ثابت ڪرڻ جي لاءِ به تاريخ جا حوالا يا مضبوط دليل موجود نآهن . پر ان جي ابتڙ رني ڪوٽ کي ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ تعمير ٿيڻ کي تسليم ڪرڻ وارن وٽ ان حوالي سان ڪيترائي دليل ، تواريخي حوالا ۽ ثابتيون موجود آهن.
    اڪثر محقق دوستن وٽ اهو ڪمزور اعتراض موجود آهي ته ٽالپر وڏي اقتصادي قوت ۽ وسيلن جا مالڪ نه هئا جنهن ڪري اهي ايڏي وڏي قلعي کي تعمير ڪرائي نه ٿا سگهن. منهنجي خيال ۾ اهي ماڻهن پنهنجي دليلن کي خواهه مخواهه بحث کي ڊيگهه ڏيڻ لاءَ پيش ڪري رهيا آهن. جڏهن راجستان جو هڪڙو راجا 5 سئو سال پهريائين رني ڪوٽ کان به 6 ميل وڏو ڪوٽ ٻين 32 ڪوٽن سميت تعمير ڪرائي سگهي ٿو . جڏهن ساڍا چار سئو سال پهريائين شير شاهه سوري سياسي ابتري واري ماحول ۾ به روهتاس جهڙي عظيم الشان قلعه بندي ڪري سگهي ٿو، جڏهن ڪلهوڙا حڪمران حيدر آباد جي پڪي قلعي جهڙو شاندار قلعو سنڌي سنگتراشن ۽ عمارتي ڪاريگرن کان ڪجهه مهينن اندر تيار ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن اُهي ئي ٽالپر حڪمران خيرپور ۾ ڪوٽ ڏيجي ۽ مير پور خاص ۾ نئون ڪوٽ جهڙا عظيم قلعا، رني ڪوٽ جهڙي تعمير تحت تعمير ڪرائي سگهن ٿا ته انهن جي لاءِ رني ڪوٽ تعمير ڪرائڻ ڪهڙو مسئلو هو؟.
    فتح نامه سنڌ جي مصنف مير حسن علي ٽالپر جنهن جي وفات 1909ع ۾ ٿي، هو ان قلعي جي تعمير کي مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي ٽالپر جي دور حڪمت جو هڪ شاندر ڪارنامو قرار ڏيندي لکي ٿو ته ” رني ڪوٽ اسان جي ابن ۽ ڏاڏن جو تعمير ڪيل يادگار مثال آهي. جڏهن ان جي تعمير شروع ٿي هئي ته ٽڪرين وچ ۾ ۽ ٻاهران چوڌاري جيڪي کڏون هيون انهن کي ڀريو ويو هو۽ بنياد کان وٺي چوٽي تائين ان کي قدرتي طور تي هموار زمين طور تيار ڪيو ويو هو، ان کان پوءِ انهن جي مٿانهين تائين پکڙيل هئي“.
    جيئن ته اڳين وقتن ۾ جنگيون تلوارن، نيزن ۽ ڀالن سان وڙهيون ۽ کٽيون وينديون هيون ان ڪري مضبوط قلعي گاهن جي اهميت حفاظتي اعتبار کان تمام گهڻي هوندي هئي. اهو ئي سبب آهي ته ماضي جي هر حڪمران پنهنجي سلطنت جي حفاظت لاءِ حساس هنڌن تي پائيدار قلعا تعمير ڪرايا ته جيئن حڪمران پنهنجي رياست جي توسيع ۽ اقتدار کي طول ڏئي سگهن ۽ دفائي حڪمت عملي تحت تحفظ ڏيندي پنهنجي اقتدار کي دائمي طرح يا ڊگهي مدي تائين قائم رکي سگهن. 1782ع ۾ ٽالپرن هالاڻي واري جنگ کٽي ڪلهوڙن کان حڪومت حاصل ڪئي ته انهن به نفسياتي طور تي اهڙي ڳالهه کي محسوس ڪري ورتو ان جي لاءِ انهن حڪومت جو واڳون سنڀاليندي ئي ٻاهرين حملي ڪندڙ جي بچاءَ جي لاءِ اهم علائقن ۽ رستن تي ڪوٽ تعمير ڪرائڻ طرف گهڻو ڌيان ڏنو. 1790ع واري ڏهاڪي ۾ انهن وڪر ۽ ڪوٽڙي جي ويجھو (ڪڇ واري پاسي سامونڊي رستي جي تحفظ لاءِ) نئوڪوٽ ۽ اسلام ڪوٽ نالي سان ٻه قلعا تعمير ڪرايا. انهي خاندان سان تعلق رکندڙ مختلف حڪمرانن مٺي، رتوڪوٽ، ڏيپلوڪوٽ، علي ڳڙهه، سنگاريوڪوٽ، ننگرپارڪر جو قلعو، سوتيارڪوٽ (ميرپور ماٿيلو)، لياروڪوٽ (اوٻاوڙو)، تانوٽ ڪوٽ (اوٻاوڙو)، گڏڙي جو ڪوٽ، دين ڳڙهه وارن قلعن کان سواءِ پڻ پنهنجي حڪومت جي سرحدن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ وڏي تعداد ۾ ننڍا وڏا قلعا تعمير ڪرايا.
    ٽالپر حڪمران مير ڪرم علي خان ٽالپر ۽ مير مراد علي خان پاڻ ۾ ڀائر به هئا. جيڪي هڪ اهڙو شاندار قلعو تعمير ڪرائڻ گهرن پيا جيڪو هنگامي حالتن ۾ سندن محفوظ پناهگاهه وارو ڪم ڏئي سگهي. اهڙي خواهش جي پورائي لاءِ انهن نواب ولي محمد خان لغاري کي مقرر ڪيو جيڪو هڪ تجربيڪار سپهه سالار هجڻ سان گڏوگڏ بهترين انجنيئر پڻ هو. جنهن سموري زندگي گهمندي گذاري هئي ان ڪري هن دفائي نقطه نظر تحت رني ڪوٽ جي موجوده علائقي کي قلعو جي شڪل ڏيندي قلعو تعمير ڪرائڻ مناسب سمجهيو. نواب جڏهن اهڙي صلاح حڪمرانن اڳيان رکي ته ان کي انهيءَ وقت منظور ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته اهو علائقو ڪيترن ئي سالن کان انهن جي استعمال هيٺ هو جتي هو جهنگلي جانورن ۽ پکين جي گهڻائي هجڻ ڪري شڪار ڪرڻ ايندا هئا. هتي هڪ ڊگهي قدرتي جابلو پهاڙي هئي جنهن تي قلعي جي فصيل جو بنياد سولائي سان رکي سگهجي پيو. ان کان سواءِ پاڻي جي لاءِ نه رڳو هڪ ڍنڍ هتان گذرندي هئي پر زير زمين مٺو پاڻي پڻ موجود هئو.
    حڪمرانن پاران اها تجويز گڏيل راءِ سان منظور ٿيندي ئي نواب ولي محمد قلعي جي تعمير جو ڪم شروع ڪرايو. ائين ئي ان قلعي جي بنيادي منصوبابندي ۽ تعمير جو 80 سيڪڙو ڪم جهڙوڪ نقشه، ڀتيون، ميرڪوٽ جي عمارت، شير ڳڙهه جو قلعو ۽ خاص رهائش گاهون ان جي نگراني ۾ تيار ڪيو هيون. پر قلعي جي پلين جي هيٺان لوهه جون مضبوط سيخون ۽ دروازا لڳائڻ وارو ڪم رهيل هو ته نواب ولي محمد کي قنڌار جي بادشاهه شجاع الملڪ جي مقابلي لاءِ موڪليو ويو، جنهن شڪارپور تي قبضو ڪري ورتوهو. قلعي جي باقي تعمير نواب جي نگراني ۾ نه ٿي ان ڪري پائيدار ثابت نه ٿي. ماهر ان راءِ جا آهن ته اهڙي شاندار قلعي جي تعمير ۽ ڊزائين تقريبن چئن کان پنجن سالن واري عرصي ۾ مڪمل ٿي هوندي. سنڌ گززيٽر ۾ لکيل آهي ته ”رني ڪوٽ جي قلعي جي تعمير تي اُن وقت لاڳت 1-2 ملين رپيا خرچ ٿي هئي“.
    رني ڪوٽ جي تعمير اندازن 1812ع کان شروع ٿي جيڪا 1815ع جي وچ ڌاري پڄاڻي تي پهتي پر بدقسمتي سان ڪجهه سبب جي ڪري ٽالپر ان قلعي ۾ ڪڏهن به رهائش پذير نه ٿيا. ڇاڪاڻ ته سن ندي جيڪا ڪنهن وقت قلعي جي اتر واري ڀت جي چوڌاري وهندي هئي 1827ع ۾ ان جي شڪل تبديل ٿي جنهن ڪري قلعي جي اتر اوڀر واري ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو.
    مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان (ٻنهي ڀائرن) جي لاءِ قلعي جي اندر ٻه قلعا تعمير ڪرايا ويا هئا. جنهن مان هڪ نالو ميري ڪوٽ ۽ ٻيو شير ڳڙهه قلعو هو. ٻنهي قلعن جي پکيڙ ٿوري فرق سان هڪٻئي جي برابر آهي. ميري ڪوٽ جي تعمير رني ڪوٽ جي وچ واري حصي ۾ زمين هيٺان ڪئي وئي آهي، جيڪا سن دروازي تي تقريبن ٽن ميلن جي فاصلي تي موجود آهي. ميري ڪوٽ سطح سمنڊ کان 500 فوٽ مٿي واري ننڍي ٽڪري تي ٺاهيو ويو آهي، جنهن جي پکيڙ تقريبن 10 ايڪڙن تي مشتمل آهي. ان ڪوٽ جي ڪنهن به حصي ۾ بيهي ڪري هيٺ ڏٺو وڃي ته سموري ماٿري نهايت ئي حسين ۽ خوبصورت نظر ايندي آهي.
    ميري قلعو ٽن رهائشي هجرن ۾ تقسيم ٿيل آهي، جيڪو هڪٻئي کان پري يقينن شاندار رهيا هوندا، پر انهن جي موجوده حالت نهايت خراب ٿيل آهي. ان جي اندر تراشيل پٿرن تي خوبصورت نقش نگاري وڏي دلفريب آهي. ان قلعي ۾ سنڌي ڳوٺن وانگر جهوپڙيون ٺهيل آهن، جن جي ڇتين جي ٻنهي پاسن کان سلامي آهي. ڪوٽ ”رني ڪوٽ“ جي مرڪزي حصي ۾ صاف ۽ سٿري جڳهه تي موجود آهي، جتي رهائشي آثار به ملن ٿا. جن ۾ پاڻي جا ذخيرا، ڪورٽ يا عدالت جا آثار، حرم خانو ، مهمان خانا ۽ سپاهين جا ڪمرا وغيرهه شامل آهن.
    ڪجهه محققن جو خيال آهي ته ميري ڪوٽ ۾ موجود ڪمرن جي تعمير رني ڪوٽ جي تعمير کان پوءِ ٿي ۽ ان ڪوٽ جو رني ڪوٽ جي چئني ڀتين سان ڪنهن به قسم جو تعلق ناهي. ان ڪوٽ جون ڀتيون 20 فوٽ ڊگهيون آهن. ان جي تعمير کي ڏسڻ سان خالص فوجي حڪمت عملي کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته سموري قلعي ۾ اها اڪيلي جاءِ آهي جتان مٿي وارا سمورا قلعا نظر اچن ٿا. ان لاءِ خيال رهيو آهي ته رني ڪوٽ تي حملي جي صورت ۾ انهن چئني ڪوٽن تان مخصوص اشارن يا روشني وسيلي انتظاميا سميت رعيت کي خبردار ڪيو ويندو هوندو. رني ڪوٽ جي مٿئين حصي ۾ سفيد پٿرن وسيلي تعمير ڪرايل شير ڳڙهه نالي ٻيو اندروني قلعو بيٺل موجود آهي. اهو قلعو ميري ڪوٽ جي اتر اوڀر ۾ سمنڊ جي سطح کان تقريبن 1580 فوٽ مٿي موجود آهي. اهو قلعو ميري ڪوٽ کان ٿورو ننڍو آهي پر ان جون ڀتيون وسيع ٿيل آهن ۽ اتي رهائشي ڪمرا موجود ناهن. اهو قلعو اولهه طرف موئن دروازي ويجهو ٺهيل آهي. جنهن جون ڀتيون پڻ وسيع آهن. ان قلعي جي ٽاورن کان سموري ماٿري کي چوڌاري سولائي سان ڏسي سگهجي ٿو. ان قلعي جي هيٺانهين طرف هڪ قبرستان موجود آهي، جڏهن ته ان قلعي جي اندر ڪي به رهائشي هجرا يا ڪمرا موجود ناهن. قلعي جي ڪنهن به مٿي واري حصي وٽان پري کان ڀر واري سنڌو درياهه جي ڌنڌلائي لڪير ۽ چمڪندڙ پاڻي پڻ ڏسي سگهجي ٿو. رني ڪوٽ جي اندر ڊيم جي مٿان پُليون ٺهيل آهن جن تي لڳل دروازن تي نالا آمري دروازو(اتر پاسي)، سن دورازو(اولهه پاسي) لکيل آهن. شاهه پير جو دروازو (ڏکڻ پاسي) موئن وارو دروازو(اوڀر پاسي) آهي.
    آمري شهر جا قديم آثار رني ڪوٽ جي ڀرسان ويجهو آهن، جنهن جو هڪڙو دروازو آثارن سميت موجود آهي، ان ڪري ان جو نالو آمري دروازو رکيو ويو آهي. موئن دروازي ويجهو هڪ تلاءَ کي ماڻهو ”پرين جوآستانو“ چوندا آهن. جنهن جي باري ۾ ماڻهن جو خيال آهي ته “ڪنهن دور ۾ هتان پوري چنڊ جي رات پري پري کان پريون وهنجڻ اينديون هيون”. هتان جي هڪ تلاءَ بابت هڪ روايت وابسته آهي جنهن کي “واگون جوتڙ” يعنيٰ مگر مڇهه جو آستانو. ان جڳهه جو هي نالو ان لاءِ ڏنو ويو آهي ته هي ڪنهن دور ۾ مانگرمڇ جو ڊيرو هوندو هيو.
    رني ڪوٽ جي وڏن دروازن يا ننڍن ڪوٽن جي چئني ڪنڊن تي بڻايل گول برجن جي تعمير ۾ ريتيلي پٿرن جو استعمال به تمام گهڻو ڪيو ويو آهي. ديوارن جي اوچائي ڪٿي ڪٿي 30 فٽ تائين بلند آهي جڏهن ته ويڪرائي ڪٿي گهٽ ڪٿي وڌيڪ رهندي آئي آهي برجن ويجهو 6 فٽ تائين به ٿي وڃي ٿي جيڪا اڳتي هلي سنهڙي ٿيندي هليون وڃي ٿي.
    فوجي نقطه نظر جي حوالي سان قلعي جي ديوار ۾ هر اڍائي فٽن جي فاصلي تي دشمن جي مٿان حملو ڪرڻ لاءِ کڙڪيون بڻايون ويون آهن جنهن کي شگاف به چيو وڃي ٿو. ان متعلق ماهرن جو خيال آهي ته هي دراصل تيراندازن جي لاءِ تيار ڪيون ويون هونديون جيڪي بعد ۾ حمله آورن جي مٿان پٿر ڪيرائڻ لاءِ ڪتب آيون هونديون يا وري اهو به ٿي سگهي ٿو ته اريبي ڪمانن ۽ باهين لڳائڻ وارن هٿيارن جي استعمال لاءِ ديوارن جي تعمير ۾ ان کي شامل رکيو ويو هوندو.
    قلعه بڻايو ئي ڪنهن دفاعي مقصد لاءِ ويندو آهي، ڇو ته جڏهن ڪوئي شخص، قوم يا حڪومت پنهنجي پاڻ کي ڪنهن دشمن کان غير محفوظ سمجهندي هئي ته هو ان حملي جي پيش نظر قلعه ڪوٽ ۽ قلعه گاهه وغيره ٺهرائيندا هئا. تاريخ ۾ انسانن جي تحفظ ۽ جنگين جي اتهاس ۾اهڙين پناهه گاهن جو اهم ڪردار رهيو آهي ڇو ته هڪ دور هيو جڏهن شهرن ۽ آبادين جي تحفظ جو انحصار انهي جي قلعه بندين تي هوندو هو. انساني تاريخ ۾ رياست جي وجود ۾ اچڻ جو سبب انساني گروهن ۾ اقتصادي ناهمواري هئي. زمين ۽ اناج تي قابض طبقن پنهنجو اقتدار مضبوط ۽ دولت کي محفوظ رکڻ سان گڏ مزدور طبقن ۽ دشمنن کان پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ ان قسم جون پناهگاهون بڻايون جن کي قلعو به چيو وڃي ٿو.
    سنڌ ۾ ٿر ۽ ڪوهستان جي علائقي کي ڇڏي ڪري هڪ وڏو حصو ميداني آهي ان لاءِ هتان جي شهرن جي حفاظت لاءِ قلعن جي ضرورت ڪجهه وڌيڪ هئي. ڪلهوڙن جي دور ۾ پٺاڻن سنڌ تي بار بار حملو ڪيو جنهن جي ڪري ٽالپر نوابن پنهنجي عورتن ۽ ٻارن کي ڪجهه محفوظ علائقن طرف موڪلي ڇڏيو هئو. ان لاءِ جڏهن هو پاڻ حڪمران ٿيا ته پنهنجي خاندان کي ڪنهن غير علائقي ۾ موڪلڻ مناسب نه سمجهندي اهم شهرن ۾ قلعه گاهون تعمير ڪرايون جن مان رني ڪوٽ به هڪ آهي، انهن قلعن سان ٽالپرن جي مرڪزي حڪومت جو نظم و ضبط به مضبوط بنيادن تي استوار رهندو هو.
    رني ڪوٽ کي ڏسڻ سان خبر پوي ٿي ته ان کي بڻائڻ وارا يا ان جي تعمير ۾ حصو وٺندڙ عمارت ساز، ڪاريگر ۽ مزدور انتهائي اعليٰ درجي جو تعميري ذوق رکندڙ هئا. قلعي جي تعمير ۾ استعمال ٿيندڙ شين کي غور سان پرکڻ تي هيڪ حيرت جوڳو انڪشاف به ٿيندو ته ان قلعي جا معمار ان علائقي ۾ ملندڙ معدنيات ، پٿرن ۽ ان جي خاصيتن يا استعمال جي باري ۾به ڪافي ڄاڻ رکنداڙهئا. جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته هو يقينن علائقائي معمار رهيا هوندا ڇاڪاڻ جو هنن پسگردائي ۾ موجود تمام وسيلن کي استعمال ڪندي هن رنڳ ڪوٽ قلعو تعمير ڪيو..

    آصف رضا موريو صاحب جي تحرير سندن ٿورن سان اپلوڊ ڪئي وئي
     
    سليمان وساڻ هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو