رمضان المبارڪ جي آمد ۽ روزي جي فضيلت!

'مذهب' فورم ۾ شرف الدين مرکنڊ طاهري طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2021۔

  1. شرف الدين مرکنڊ طاهري

    شرف الدين مرکنڊ طاهري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    130
    ورتل پسنديدگيون:
    32
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    98
    رمضان المبارڪ جي آمد ۽ روزي جي فضيلت!
    (حبيب مرکنڊ طاهري)
    رمضان المبارڪ، اسلامي ڪيلنڊر مطابق نائون مهينو آهي، رمضان المبارڪ جو مهينو تمام مهينن کان افضل ترين مهينو آهي، هي مهينو نهايت ڀلو ۽ شاندار آهي، جنهن جي اڄ پهرين تاريخ ۽ پهريون روزو آهي، رمضان المبارڪ جو مهينو خدا پاڪ جي خاص مهينن مان هڪ آهي، رمضان المبارڪ جو مهينو صبر، عفو و درگذر، بخشش، رحمت ۽ جنهم کان آزادي جو مهينو آهي، هن مهيني جي فضيلت ۽ برڪت کان هر مسلمان واقف آهي.
    هن مهيني جي ٽن ڏهاڪن ۾ پهريون رحمت، ٻيو بخشش ۽ ٽيون جهنم کان ڇوٽڪارو جو آهي. هن مهيني ۾ ڏينهن جو روزو رکي، رات جو تراويح نماز پڙهي ويندي آهي، عام مهينن جي ڀيٽ ۾ هي مهينو مهمان مهينو آهي، جيڪو سال ۾ هڪ دفعو ايندو آهي، هن مهمان مهيني جي فضيلت، برڪت ٻين سمورن مهينن کان افضل آهي، جيتوڻيڪ هن مهيني ۾ عبادت ڪرڻ ۽ نيڪون ڪمائڻ جو اجر ۽ ثواب وڌ کان وڌ حاصل ٿئي ٿو، ته اهڙي ريت گناهه جو ڪم ڪرڻ، يا شريعت جي خلاف ڪم ڪرڻ جو به سخت گناهه ٿي سگهي ٿو، الله پاڪ اسان کي پنهنجي پناهه ۾ رکي. اسان کي هن مهيني ۾ وڌ کان وڌ نيڪيون ڪمائڻ جي توفيق عطا فرمائي. (آمين)
    خدا پاڪ جي پياري پيغمبر ﷺ جن فرمايو آهي ته هي برڪتن، سعادتن مغفرتن جو مهينو آهي، جنهن ۾ جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن ۽ دوزخ جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن. هن ماهه مبارڪ جا چار نالا آهن، (1) رمضان (2) ماهه صبر (3) ماهه مواسات ۽ (4) ماهه وسعت رزق.
    هن مهيني جي عظمت جو اندازو هن ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪ ڪتاب جو نزول به هن ئي مهيني ۾ ٿيو آهي. جنهن ڪري پوري مهيني جي راتين ۾ مسلمان پنهنجا نيڪ اعمال وڌائڻ خاطر قيام ڪندي قرآن شريف پڙهندا رهندا آهن. هي مهينو اسان کي انفرادي اصلاح ۽ عبادت جو ماحول ڏيندڙ آهي ۽ صلاحيتن کي به اجاگر ڪندو آهي ته جيئن خلق خدا سان محبت، همدردي، ڀائپي پيدا ڪري سگهون. هن مهيني دوران نه صرف انسان کي ذهني ۽ جسماني شفا ملندي آهي، بلڪه روحاني طور تي به انسان اعلى مقام تي فائز ٿيندو آهي.
    اسلام جو هر حڪم انساني صحت جي نشونما ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جيئن نماز، روزو، کائڻ پيئڻ جا آداب، وغيره جيڪي به احڪام آهن اهي انساني صحت ۽ تندرستي جي لاءِ راز آهن. روزو هڪ تربيتي عمل آهي، ۽ زندگي جو اهڙو انداز سکاري ٿو جو فرمانبرداري جي تربيت ۽ خدا پاڪ ڏانهن موٽڻ جو يقين ڏياري ٿو. روزو اسلام جو بنيادي رڪنن مان هڪ آهي، هي هڪ اهڙي عبادت آهي جنهن جو اهتمام حضرت آدم عليه السلام کان حضور اڪرم ﷺ جن جي زماني مبارڪ تائين نبين سڳورن ۽ صالحين ڪرام ڪندا آيا آهن. ڇو ته روزي جي ذريعي الله تعالى جو قرب ميسر ٿئي ٿو ۽ روزو شهوت کي ٽوڙڻ ۽ تزڪيه نفس ۾ وڏو ڪردار ادا ڪري ٿو. اهڙي ماحول ۾ روزو هڪ مقدس عبادت ۽ روحاني، اخلاقي تربيت، روح جي پاڪائي ۽ تقوى جون صفتون پيدا ڪرڻ ۾ بهترين ذريعو آهي. حضور اڪرم ﷺ جن مڪي معظمه کان جڏهن هجرت ڪري مديني منوره تشريف فرما ٿيا ته مسلمانن تي روزا فرض ڪيا ويا. روزي جي فرضيت جو حڪم سن ٻي هجري ۾ ٿيو.ارشاد خداوندي آهي ته “اي مسلمانو! جهڙي طرح توهان کان پهرين ماڻهن تي روزا فرض ڪيا ويا، اهڙي طرح توهان تي به روزا فرض ڪيا ويا آهن.”
    عربي زبان ۾ روزي کي صوم چوندا آهن، جنهن جي لغوي معنى رڪجڻ ۽ چپ رهڻ. روزي جي تعريف هن طرح آهي ته صبح صادق کان وٺي سج جي لهي وڃڻ تائين کائڻ، پيئڻ ۽ ازدواجي تعلقات کان پنهنجو پاڻ کي بچائي رکڻ آهي. رمضان المبارڪ جي روزن کان پهريان توحيد ۽ نماز فرض ٿي چڪي هئي ۽ رمضان جي روزن جي فرضيت سان مسلمانن ۾ وڌيڪ استقامت پيدا ٿي. هن کان پهريان مسلمان عاشوري ۽ ايام بيض جا روزا رکندا هئا پر رمضان جي روزن جي فرض ٿيڻ کان پوءِ عاشوري جو روزو ۽ ٻيا روزا منسوخ ٿي ويا. جهڙي طرح قرآن مجيد ۾ ارشاد خداوندي آهي ته توهان تي روزا ان ڪري فرض ڪيا آهن ته جيئن توهان ۾ تقوى پيدا ٿئي.
    خدا پاڪ حضور اڪرم ﷺ جن جي امت تي پنهنجو خصوصي فضل و ڪرم نازل فرمايو آهي جو رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ پنج اهڙا خصوصي انعام ڏنا ڏنا آهن، جيڪي ان کان پهريان ڪنهن به نبي جي امت نه ڏنا آهن، جهڙي طرح هڪ حديث شريف ۾ آهي، حضرت ابوهريره رضي الله عنه روايت ڪري ٿو ته حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته خدا پاڪ منهنجي امت کي پنج اهڙا خصوصي انعام عطا فرمايا آهن جيڪي پهرين امتن کي نه مليون آهن. 1 روزيدار جي وات جي بوءِ خدا پاڪ وٽ مشڪ کان به وڌيڪ پسند آهي 2 روزيدار جي لاءِ درياءَ جون مڇيون به دعا ڪنديون آهن افطاري وقت تائين. (3) رمضان المبارڪ جي آخري رات ۾ روزيدارن جي مغفرت ڪئي ويندي آهي
    روزو تقوى جي صفت پيدا ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهي ۽ ان سان گڏ ٻيا به فائدا آهن جيڪي انساني جسم تي ظاهر ٿيندا آهن اهي به بيش بها آهن. حضور ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي مهيني کي همدردي ۽ غم خواري جو مهينو قرار ڏنو آهي، همدردي جو هڪ پهلو ڪنهن روزيدار کي روزو افطار ڪرائڻ به آهي، پاڻ سڳورن افطاري ڪرائڻ جي ترغيب ڏني آهي، سندن جو فرمان آهي ته “جيڪو شخص ڪنهن روزيدار کي روزو کولرائي ته ان جي لاءِ گناهن کان مغفرت ۽ دوزخ جي باهه کان حرام آهي ۽ ان کي ايترو ثواب ملندو جيترو روزيدار کي ۽ ان مان روزيدار جي ثواب ۾ ڪمي نه ايندي.” روزو رکڻ سان همدردي ۽ برابري جو احساس پيدا ٿئي ٿو، ڇو ته انساني فطرت آهي ته جيسيتائين انسان تڪليف واري ڪيفيت مان نٿو گذري تيسيتائين ان ڪيفيت کي سمجهڻ ۽ ان تڪليف کي محسوس ڪرڻ مشڪل ترين ڪم آهي، ان جي لاءِ اسلام اميرن کي غريبن ۽ مسڪينن جي بک ۽ اڃ جي عملي احساس ڏيڻ جي لاءِ روزا رکڻ لازم قرار ڏنا آهن ته جيئن پيٽ ڀري کائڻ وارا، غريبن جي بک ۽ اڃ کي سمجهي سگهن ۽ انهن جي دلين ۾ غريبن جي لاءِ همدردي ۽ برابري جو احساس پيدا ٿئي. رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ وڌ کان وڌ نڪيون ڪرڻ گهرجن، ڇاڪاڻ جو هن ئي مهيني هڪ نيڪي عيوض ان کي ستوڻ درجي جيترو اجر ۽ ثواب حاصل ٿئي ٿو. روايتن ۾ اچي ٿو ته هن مهيني جو احترام ڪرڻ ضروري آهي، روزيدار جي سامهون بي روزائت کي کائڻ پيئڻ، گارگند کان پرهيز ڪرڻ گهرجي، روزي جو مقصد پنهنجي زبان، اک، ڪن، پير وغيره کي شريعت جي خلاف ڪمن طرف استعمال ڪرڻ، چغلي، گارگند ٻڌڻ، ڪنهن خراب ڪم ڏانهن هلي وڃڻ وغيره کان احتياط ڪرڻ سان ئي روزي جي اصل حقيقت حاصل ٿئي ٿي. اسان مسلمانن کي گهرجي ته رمضان المبارڪ جي ڀلاري مهيني ۾ روزا رکي خدا پاڪ جي رضا ۽ خوشنودي حاصل ڪريون.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو