تباهي ڏانهن ويندڙ مڪلي جو تاريخي قبرستان(تحرير آصف رضا موريو)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏14 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    291
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سنڌ جي تهذيبي، تمدني ۽ سماجي تاريخ ۾ ٺٽو شهر ۽ ان جي پسگردائي انتهائي خاص جاءِ ولاري ٿي جنهن کي بريصغير جي هڪ جهوني گاديءَ واري هنڌ جي حيثيت ۾ پڻ تسليم ڪيو وڃي ٿو. ٺٽو سنڌو ندي ۽ عربي سمنڊ جي اولاهين طرف واقع آهي جڏهن ته ڪراچي شهر جي اوڀر پاسي ۾ موجود هي شهر قريبن هڪ سو ڪلوميٽرن جي علائقي تي پکڙيل آهي. ٺٽي جي مشهور ماڳ مڪليءَ واريون ٽڪريون ڪوهه سليمان جي جابلو سلسلي جي ٻن پهاڙن پٻ جبل ۽ هاڙهو جبل جي ويڪري ڇاتيءَ سان جڙيل آهن يا کڻي چئجي ته انهن جو قدرتي حصو آهن جيڪي پير پٺو کان شروع ٿيندي اولاهين طرف ڏهه ميل کن ٺٽو ڏانهن پير پکيڙيندي ملن ٿيون.
    ٺٽو شهر جون ڳالهيون ڪٿي به ٿين اهي مڪلي جي ان قديم، وشال ۽ تاريخي قبرستان جي ذڪر کان سواءِ اڻ پوريون ۽ ٻسيون لڳنديون آهن جيڪوصدين ۽ قصابن کان هزارين بزرگن، بادشاهن، وزيرن، يوڌن، سپاهه سالارن، وقت جي امير و ڪبير انسانن سان گڏ انهن عام ماڻهن جي ميتن جو آخري آرامگاهه رهيو آهي جن ڪنهن دور ۾ هتي حڪمرانيون ڪيون، زمينيون کيڙيون، باغات لڳايا، ويڙها وسايا، هتي وڙهيا، ڳڙهيا، رهيا ۽ هتي ئي جيون انت پاتو هيو. هن قبرستان ۾ موجود لکين مقبرن جا ڪتبا، ٺل، مينارا، محراب، قبا، نيل، وراڻا، ڀتيون، ،نشان، نالا، ٿنڀا، ٿوڻا، فن پارا وغيره عمدي قسم جي مختلف پٿرن، پڪل سرن ۽ چمڪندڙ ٽائيلن سان جڙيل، ٺهيل ۽ سينگاريل اڏاوتي نمونا گذريل وقت جي سنڌي عظيم ڪاريگرن جا ٺاهيل شاهڪار آهن.
    مڪلي واري پهاڙين جو مٿاڇرو سڌائين تي مشتمل آهي جنهن جي وسعت اتر کان ڏکڻ طرف 4 کان 5 ميلن جي لڳ ڀڳ ٿيندي جتي هزارن جي تعداد ڀڳل ٽٽل مقبرن ۽ قبن جون اڏاوتون اتر کان ڏکڻ طرف ويندي پکڙيل آهن. سنڌ ري وزٽيڊ ۾ ڪينيڊي مڪليءَ متعلق لکي ٿو ته “6 ميل جي دائري ۾ مشتمل هئڻ سبب هي ايشيا پيسفڪ جو وڏي ۾ وڏو قبرستان آهي جتي مقبرن جو تعداد 10 لک قبرن کان گهٽ ڪونه ٿوٿي سگهي”.
    انساني تاريخ جوهي اهم ترين قبرستان ڪراچي شهر کان 98 ڪلوميٽر اوڀر ۾ موجود آهي. اها ايراضي ڪنهن دور ۾ سمون، ارغون ۽ ترخان حڪمرانن، اميرن، رئيسن ۽ شهزادن جي ميتن کي دفنائڻ لاءِ مخصوص رکي وئي هئي پر بعد ۾ عام ماڻهن کي به هتي دفنايو ويندو. چيو وڃي ٿو ته هن قبرستان ۾ هڪ لک کان مٿي رڳو اوليائن، بزرگن ۽ ولين جا مدفن موجود آهن. ان کان علاوه عام ماڻهن جون قبرون ته ڳڻپ کان ٻاهر آهن. هي دنيا جي چند اهم قبرستانن منجهان آهي جنهن ۾ هر قبر کي الڳ جڳهن يا گهرن جيترو زمين جو حصو ڏنل آهي.
    هن قبرستان جي ايراضي کي وڏا ۽ ويڪرا رستا ڏئي مقبرن جي قبن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ گهرن جيان ڪشادا دروازا، ٿنڀا ۽ ڀتيون بيهاري هڪ وسيع و عريض شهر جو منظر ڏنو ويو آهي. چوڏهن ۽ پندرهن سو سال پراڻي تعميراتي ڪمالن سان مالامال مڪلي جو هي قبرستان هزارين مقبرن جي هڪ شاندار تعميراتي بستي آهي جنهن کي 1981ع ڌاري يونائيٽيڊ نيشنز ايجوڪيشنل، سائينٽيفڪ اينڊ ڪلچرل آرگنائيزيشن (يونيسڪو) پاران بين الاقوامي ورثي جي فهرست ۾ شامل ڪيو ويو.
    اڏاوتي اعتبار ۽ مقصدن جي آڌار تي مڪلي جو قبرستان دنيا جي تاريخ ۾ ان پاسي کان مکيه ۽ مثالي حيثيت ولاري ٿو ته هتي موجود بيشمار مقبرا هڪ ماڙ ۽ ٻن ماڙين تي پڻ مشتمل آهن جن تي موجود هٿراڌو هنرن جا سنگم جهڙوڪ ڇيڻي جو ڪم، برشي آرٽ ۽ تزئين و آرائش جا بهترين نمونا اڄ به هتي ڄڻ ته ساهه کڻندي ملن ٿا. مڪلي ۾ موجود اڏاوتن تي جڙيل اهڙا تمام هنر سنڌ جي افرادي، تهذيبي، تمدني، هنري ۽ سياسي تاريخ جي هزارين چيل اڻ چيل آکاڻين، لوڪ قصن، طويل رزميه داستانن، محبوبن، دلربائن ۽ دلنشينين جا جيئرا جاڳنداگواهه آهن جيڪي هن وقت به پنهنجي اڏيندڙن جي شاندار ذوق جي شاهدي ڏيندي نظر اچن ٿا.
    مٽيءَ مٿاڇري هيٺان وسندڙ هن خاموش وسندي اندر سنڌ تي حڪومت ڪندڙ ڪيترن ئي حڪمران گهراڻن، حاڪمن، بادشاهن، اميرن ۽ سورمن جا دور سندن مقبرن جي سليبن تي لکيل ڏسي سگهجن ٿا. خاص طور تي سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغل حڪرانن جا شاندار مقبرا ۽ انهن جا قبا ته آرٽ جا انبار هئڻ ڪري ڏسڻ وٽان آهن. هن قبرستان جي ڏکڻئين پاسي ۾ گهڻا تڻا مقبرا مغل دور حڪومت جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا جن منجهان مرزا جاني بيگ، مرزا غازي بيگ ۽ نواب شرفا خان جا مقبرا اهم ترين آهن.
    سمي حڪمران ڄام نظام الدين ٻئي جي مقبري مٿان جڙيل چوني جي پٿر جو ٺهيل قبو مختلف گلن، ڦلن، ولڙين ۽ جاميٽري جي نشانن سان جڙيل هئڻ سبب اڏاوتي دنيا جو شهڪار آهي. اهڙي ريت عيسا خان حسين ٻئي جو ٻه منزله قبو ورهانڊن ۽ ڏيڍين جو خوبصورت سنگم هئڻ سبب پڻ قابل ديد آهي. جان بيگ ترخان جي تربت وارو قبو ڳاڙهي سرن جي مختلف ڊيزائنين ۽ ترڪيبن جي شاندار آميزش ۽ ان ۾ نيري چمڪندڙ ٽائيلن جو استعمال ڪمال هنرمندي جو باڪمال نمونو آهي. اهڙي ريت هن تربتن واري شهر جي ڪهڙي ڪهڙي هنرمندي جي ڳالهه ڪجي جتي پنهنجي پنهنجي وقت جا هزارين سورهيه سلطان ايندا ويندا رهيا ۽ پنهنجي پٺيان جنگين، سزائن، سماجي ڀلاين، اڏاوتي هنرمندي ۽ بهادري جون داستانون موت جي مسماري ڏانهن وکون وڌائيدڙ مڪلي جي آثارن جي صورت ۾ ڇڏي ويا.
    اڏاوتي هنرمندي جي اهڙي شاندار مقبرن کي ڏسي سمجهي سگهجي ٿو ته انهن کي جوڙڻ ۽ جوڙائڻ وارا ضرور ڪي عرق ريز منصوبي ساز ۽ مهذب ماڻهو رهيا هوندا جن کي پنهنجي مئل دوست يارن، ڳوٺاين ۽ اڳواڻن وغيره جي سلامتي يا بهتري جي ڳڻتي زنده ماڻهن جي ڀيٽ ۾ يقينن گهڻي رهي هوندي. مقبرن جي تعمير تزئين، هنرمندي، سجاوٽ ۽ تعميراتي مهارت کي ڏسندي هي خيال پڻ من ۾ جڙي ٿو ته پنهنجي عزيزن جي مقبرن کي بهتر کان بهتر جوڙائڻ ۾ ٺهرائيندڙن کي شايد ڪا روحاني خوشي ملندي هجي. تنهنڪري ئي انهن پنهنجي مترن جي آخري آرامگاهن لاءِ پيسو پاڻي جيان وهائي اهڙا مسڪن تيار ڪرايا جن جهڙو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڪونه ٿو ملي.
    مقبرن جي چوڌاري قبن ٻاهران گهمڻ لاءِ پٿر جو سليبون استعمال ڪيون ويون آهن جڏهن ته باقي اڏاوتن ۾ سرن جو استعمال جهجهو ٿيل آهي جن ۾ ڳاڙهي رنگ جي سرون قالبي هنرمندي جو ڪمال آهن جيڪي ساختن ۾ برابر ترين ۽ چئني ڪنڊين خوبصورتي سان گهڙيل آهن. مقبرن جي تعمير ۾ وڌيڪ اثر انگيزي پيدا ڪرڻ لاءِ نيري ۽ فيروزي رنگ جي ٽائيلين جو استعمال ٻين رنگن جي نسبت تمام گهڻو رٿيل ملي ٿو جيڪي استعمال ٿيڻ کان پوءِ مقبرن جي نمائشي خاڪن کي وڌيڪ گهرائي، سحرانگيزي ۽ دلڪشي بخشن ٿا.
    مڪلي جي قبرستان کي مئل ماڻهن جو هڪ اهڙو شهر چئي سگهجي ٿو جتي ڪيتريون ئي مسجدون آهن پر آذان ڏيڻ وارو ۽ نمازون پڙهڻ وارا ڪونه آهن، هي شهر ڪتابن کان هٽي ڪري هڪ اڻ لکيل تاريخ آهي جيڪا قلم سان ڪاغذ تي لکڻ بجاءِ سرن گاري سيمنٽ بجري ۽ پٿرن سان مٽي تي لکيل آهي. هيءَ هڪ اهڙي تهذيب آجيڪا ڪنهن سماجي زندگيءَ جي محتاج ڪونه ٿي ڏسجي. ان پسمنظر ۾ اسان لاءِ مڪلي ڪئي ٻين تاريخي حوالن کان بهتر هئڻ کان علاوه اڏاوتي دنيائن اندر مقبرن جي اتهاس ۾ هيءَ ڇرڪائيندڙ حقيقت هتي ئي آشڪار ڏسجي ٿي ته مڪلي جي قبرستان ۾ موجود سوين مقبرن ۾ داخل ٿيڻ لاءِ مختلف ماپن جا دروازا موجود آهن. ويڪرن رستن کي پڪي سرن سان جوڙي خوبصورت ڏيک ڏنا ويا آهن. اهو پڻ چئي سگهجي ٿو ته مڪلي مختلف ماپن، خاڪن، ڪردارن ۽ ترڪيبن جي ٺهيل قبرن جو هڪ ميوزيم آهي.
    اسان جي قومي لاپرواهي ۽ رياستي ادارن جي ڪوتاهي سبب هر گزرندڙ گهڙي سان مڪلي جي اڏاوتي آبادي جون هزارين هنرمنديون جهڙوڪ اڀريل پهڻي هنر، قرآني آيتن جي اڪر، تزئين و آرائش جا ڪارائتا ڪردار جيئن مقبرن تي ٺهيل هٿيارپنهوار، خنجر، تاج، تلوارون، جواهرات، تصويرون، خاڪا، رانديڪا، سج، چنڊ، ستارا، جاميٽري جا نشان ۽ ٻيا کوڙ سارا دلآويز نمائشي نمونا جن ڪڏهن هن شهر جي دنيا تي راڄ ڪيو پنهنجي اصلوڪي ڪماليت وڃائيندي وڃائيندي هاڻي وجود جي آخري ويڙهه به هارائيندي نظر اچي رهيا آهن. وقت جي ظالم ويرن، وارثن جي بيگانگي ۽ سم، ڪلر، اس، برسات وغيره سبب نه رڳو مڪلي جي قبرستان ۾ موجود اڏاوتن جي پيڙهه خطرناڪ حد تائين برباد ٿي چڪي آهي پر مقبرن تي صديون پراڻي آرٽسٽن جي ڪلائن جا جمالياتي ۽ جدلياتي نمونا ڇڻي ڀري ڊهي رهيا آهن.
    وقت اڃان به ويو ڪونه آهي جو قديم سنڌي ڪاريگرن، ماهرن، رازن، ڪلاڪارن، هنرمندن، پينٽرن ۽ سروندن جي سوين سال اڳ ٺهيل لکين شاندار ۽ دلآويز هنرمنديون، تصويرون، اڪرون ۽ ترڪيبون اڃان به پنهنجي ماهر نقاشن جي مشاق آڱرين جي گواهي ڏيڻ لاءِ موت سان مهاڏو اٽڪائيندي بچيون بيٺيون آهن. تاريخي ۽ تهذيبي دلبري ۾ امير هئڻ سبب مڪلي جو هي قبرستان جاکوڙي طبقن، گهمندڙن، ڏسندڙن ۽ پاڪستان ۾ ايندڙ سياحن لاءِ جنت جهڙي حيثيت رکي ٿو پر بدقسمتي سان چوڻو پوي ٿو ته هن بين الاقوامي قومي ورثي جي خسته حالي ۽ بربادي اسان جي ٻين قومي ورثن جيان انتهائي ترت بنيادن تي پنهنجي بچاءَ، بحالي ۽ مرمت لاءِ واجهائي رهي آهي جنهن ذميداري کي نڀائڻ ۾ اسان سنڌي ماڻهو بحيثيت قوم انتهائي غافل ۽ غير ذميدار لڌا ويا آهيون.

    محترم آصف رضا موريو جي تحرير سندس ٿورن سان اپلوڊ ڪئي وئي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو