مهان مُهِنَتُ (King Priest) جو مجسموذ(تحريرـ آصف رضا موريو)

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    مهان مُهِنَتُ (King Priest) جو مجسمو
    آصف رضا موريو
    مهين جو دڙو قديم سنڌو ماٿر جو وڏي ۾ وڏو شهر آهي جيڪو ارڙهن سو کان 2500 قبل مسيح واري عرصي ۾ قديم دنيا جو شاندار ميٽروپوليٽن شهر ليکيو ويندو هيو. توڙي جي 1911ع ۾ منظرِ عام تي آيل هن تباهه شهر جي آثارن جي کوٽائي 1921ع کان سر جان مارشل جي نگراني ۾ شروع ٿي جيڪا هن وقت تائين ڪڏهن ڪڏهن ٿيندي رهندي آهي. هن وقت تائين مشڪل سان هن شهر جي ٻارنهن فيصد کوٽائي ٿي سگهي هوندي ان لاءِ جيئن جيئن کوٽائي ٿيندي ويندي ته هن تهذيب جي زندگي ۽ اهميت جا انڪشاف ٿيندا رهندا جيڪي باقي بچيل ۽ دٻيل اٺاسي فيصد شهر جي ڍيرن ۾ قديم دنيائن جا لکين اسرار اڃان تائين لڪيا ويٺا آهن.
    ٻڌايو وڃي ٿو ته مهامنت جو اصل مجسمو ڪراچي نيشنل ميوزيم جي لاڪرن ۾ حفاظت واسطي رکيل آهي جڏهن ته ميوزيم ۾ پيل ان جي مجسمي کي اتان جا گارڊ ۽ اڪثر واسطيدار اصل ٻڌائيندا رهندا آهن. واديءَ سنڌ جي قديم شهرن مان نڪرندڙ ناياب ۽ نادر شين متعلق ابهامن، ڪوڙن ۽ ڌوڪن جي دنيا سندن ئي آفيسرن متعلق ايتري ته مڪروهه، پراسرار، ڪوڙي ۽ ڪروڌي لڌي وئي آهي جو اهي حقيقتون به ابهامن جي ور چڙهيل آهن ته ڪٿي مهامنت جو اصل مجسمو اسان جي قومي ميوزيم ۾ رکيل به هوندو الائي نه.
    اڇي صابڻي پٿر مان ٺاهيل ويٺل مرد پادري بادشاهه جو هي هڪ 17.5 سينٽي ميٽر اونچو ۽ 11 سينٽي ميٽر ويڪرو انساني مجسمو دنيا جي قديم فن سنگتراشيءَ جو هڪ، ناياب ۽ خوبصورت نمونو آهي جيڪو 1927ع ڌاري کوٽائي دوران مهين جو دڙو جي ڊي ڪي ايريا جي شاندار شاهي عمارت مان لڌو ويو هيو. هن مجسمي کي ڏسي اهو انومان ڪڍيو ٿو وڃي ته هي ڪنهن ڌَرمي شخصيت جو مجسمو آهي جيڪو ڀونءِ وگيانين کي 1.25 ميٽر هيٺ زمين مان دٻيل حالت ۾ هٿ آيو. هن مجسمي کي مهان مهنت (King Priest) قومي رهبر (Clan leader) يا ڪنهن مَها مَٿِيرَ شخص جو اَهڃاڻي سمجهيو وڃي ٿو. اهڙو انومان ڀونءِ وگيانين سندس مهانڊن جي گنڀيرتا ۽ مذهبي لباس جي ڪري ڪڍيو آهي. اهو پڻ مڃيو ويندو آهي ته مهامنت جو هي مجسمو تمام قديم تهذيبن بشمول سميريئن تهذيب سان بيشمار معاملات ۾ علمي ۽ تهذيبي تعلق جي بنياد تي اهم حيثيت رکي ٿو.
    ڪجهه ڏينهن کان ٽن بداخلاق ماڻهن مهين جو دڙو سائيٽ جي اڳيان مهامنت جي ديوقامت سائيز ريپليڪا طرفان بجا ڏيندي تصويرون ڪڍي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪرڻ خلاف سنڌي ماڻهن ۾ پنهنجي تهذيبي ورثي جي بي حرمتي خلاف غم و غصي جو ماحول آهي جيڪو انهن جو قانوني ۽ اخلاقي حق آهي جنهن لاءِ ڏوهارين جي گرفتاري جي طلب پڻ ٿي رهي آهي.
    ان سلسلي ۾ ڪجهه ماڻهن کي اها مٺيان آهي ته ”خدا تعالا خلاف اول فول ڳالهيندڙ اديب کي معصوم ڀائيندڙ سنڌي قوم جا اديب هاڻي هڪ بت جي بي حرمتي تي ڇو مڇريا آهن“. انهن دوستن کي عرض آهي ته ان اديب جو عمل به انتهائي دل رنجائيندڙ هيو بلڪه هنن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ تڪليف ده هيو جو هو هڪ ڏاهو ماڻهو هيو جنهن مان اهڙي اميد ڪونه هئي پر مهامنت کي بجا ڏيڻ واري هي عمل پڻ هڪ نندڻ وارو آهي جو پادري بادشاهه صرف بت نه پر سنڌو ماٿر جي ٻه اڍائي هزار سال اڳ کان نمائندگي ڪندڙ شبيهه آهي جيڪو هن وقت نه رڳو دنيا ڀر ۾ آثارِقديمه جي شاندار ترين، خوبصورت ۽ نمايان کوج ڀانئيو وڃي ٿو بلڪه فنِ سنگتراشي جي قديم ترين دريافت آهي جيڪا سنڌ ۾ هن فن متعلق سماجي، ثقافتي، تهذيبي ۽ انيڪ هنرمندين جي شاهدي ڏئي رهي آهي.
    هن مجسمي جي مٿي تي تعويذ جهڙو زيور پاتل آهي جيڪو ڪپڙي جي ڪنهن پٽي جيان پوئتي ورائي ٻڌل آهي جڏهن ته سڄي ٻانهن جي ڏوري ۾ امام ضامن (يا جيئن اسان احتجاجي پٽيون ٻڌنڌا آهيون) جيان پڻ ٻن گول دائرن وارو تعويذ يا ڊيزائن جڙيل آهي جنهن ۾ ڳاڙهسرو رنگ لڳل هيو. هر دائري ۾ ڊرل سان ٿيل سوراخ ٻڌائي ٿو ته اها ڊيزائن خاص ڊرل سان تيار ڪئي وئي هوندي جنهن کي پوءِ ڇيڻي سان سينچيو ويو هوندو.
    مهامنت جو اکيون خماريل ۽ ويڪريون آهن. چپ مٿان مڇون ڪوڙايل آهن جڏهن ته سندس ڏاڙهي جا نه رڳو هيٺان بلڪه مٿان خط پڻ اهڙي ريت وٺرايل ظاهر آهن جهڙي ريت اڄ به اسان جا بزرگ ڏاڙهي جا خط وٺرائيندا آهن. وارن کي ڦڻي ڏئي مٿي جي پٺئين طرف ڇڪيو ويو آهي. مجسمي جي مٿي جي وچ ۾ سينڌ ڪڍڻ جو نشان آهي جيڪو پراڻي دور کان سنڌي لوڪ سنڌو ندي جو علامتي نقشو ٺاهيندا هيا. ڪنن هيٺان ٻه سوراخ ٻڌائن ٿا ته ٿي سگهي ٿو ته ڪو هار يا زيور پڻ مجسمي سان منسلڪ رهيو هجي.
    سندس مجسمي کي اجرڪ جهڙي چادر اهڙي ريت ويڙهيل آهي جو سڄي ڪڇ مان ورائي کٻي ٻانهن مٿان اهڙي ريت ورائي پاتو ويو آهي جهڙي طرح هن وقت به اسان اجرڪ کي اوڍيندا آهيون. ان چادر ٿي وونڻن جي ڦٽين جون ڊيزائنيون پڻ اڪريل آهي جيڪي ظاهر ڪن ٿيون ته پنج هزار اڳ واري ان دور ۾ مهين جو دڙو جا رهواسي نه رڳو ڪپهه جو فصل پوکيندا ۽ واپرائيندا هيا پر ان کي خاص اهميت پڻ ڏيندا هيا جو پنهنجي ڪپڙن تي به ان جو ڊيزائنيون اڪرائيندا ۽ ٺاهيندا هيا.
    اجرڪ جهڙي چادر اهو پڻ ظاهر ڪري ٿي ته پٿر واري ان دور ۾ جڏهن دنيا جا موجوده جديد ترين ملڪن جا باشندا غارن ۽ جنگلن ۾ رهندا هيا ۽ پنهنجي اوگهڙ به ڪونه لڪائيندا هيا ته ان دور ۾ سنڌ جا باشندا پنهنجي پهرڻ لاءِ رنگين ڪپڙا تيار ڪندا هيا.
    مها منت (پادري) جي مجسمي تي اجرڪ جهڙي چادر ويڙهيل آهي جنهن مان اسان رلي، شال، چادر، سوڙ، پوتڙو، جهڙو ڪوبه تصور وٺي سگهون ٿا. ان ئي مجسمي جي مٿي ۽ سڄي ڏوري ۾ تعويذ جهڙي ڪا شي به ڪپڙي جي پٽي سان ائين ٻڌل آهي جيئن اسان اڄڪلهه تعويذ، امام ضامن يا احتجاجي ڪاري پٽي ٻڌندا آهيون. ڪپڙي جا اهڙا کوڙ ٻيا نمونا پڻ مهين جو دڙو مان هٿ آيل سوين مورتين تي مليا آهن جيئن ديوي ماءُ (Mother Godess) جي مجسمي تي ته جديد دورن جهڙو پورو فراڪ ٺهيل آهي. هتان هٿ آيل بيشمار ٿانو تپن تي اجرڪ ۽ رلهي جا نمونا ٺهيل يا اڪريل پڻ مليا آهن.
    توڙي جو پنج هزار جي عرصي ۾ ڪپڙي جهڙي نازڪ ۽ نفيس شي مهين جو دڙو جي ڪلراٺي زمين ۾ پنهنجو وجود قائم ڪونه رکي سگهي آهي ان لاءِ ڪپڙي جو مڪمل نمونو اسان کي ڪپڙي جي شيٽ وانگر ڪونه مليو آهي پر ٺڪر جي وڏن ٿانون ۾ بند ننڍڙن ٿانون ۾ اندر پيل ڪپڙو مهين جو دڙو جي کوٽائي ڪندڙن کي مليو هئو جنهن کي ڇهڻ کان اڳ ته ڪپڙو پنهنجو مڪمل ڏيک ڏئي پيو پر ڇُهَڻ کان پوءِ اهو ڪپڙو مٽي ٿي ويندو هيو. کوٽائي ڪرڻ وارن کي مهين جو دڙو منجهان هٿ آيل چاندي ۽ ٽامي جا بي شمار ٿانو ڪپڙي (فئبرڪ) جي ٽڪرن سان ڍڪيل مليا هئا جن جي دزَ، مٽي يا خمير جيIndian Central Cotton Inquiry Committee وارن تفتيش ڪرڻ کان پوءِ رپورٽ هن ريت پڌري ڪئي هئي ته “This Cloth is made of the best kind of Cotton and Indus Knitters were superlative at their work and they lad fashioned numerous techniques of cloth weaving”.
    هتان ثابتيون پڻ مليون آهن ته مهين جو دڙو جا باشنده مختلف رنگن جا ڌاڳا پڻ استعمال ڪندا هئا. کوٽائي ڪرڻ وارن کي هتان مڇيون ڦاسائڻ جا اهڙا ڪلوئڙا به مليا آهن جن سان کين ڪاري رنگ جو ڌاڳو ويڙهيل مليو هيو. ڪپڙي، رلهي ۽ سوڙ وغيره تي استعمال ٿيندڙ سيون به هتان بي شمار مليون آهن. اهڙي قسم جي شاهدين سان تحقيقي دنيائن ۾اها ڳالهه حقيقي بنيادن تي تسليم ڪئي وڃي ٿي ته “سنڌ انساني تهذيب جي قديم دور ۾ ڪپهه مان تيار ڪيل ڪپڙن جو شاندار هنڌ رهي هوندي”.
    سنسڪرت زبان ۾ ڪپهه کي “سِنڌُو” سڏيو ويندو آهي جڏهن ته قديم سميري زبان ۾ به ڪپهه کي “سنڌو” ئي سڏيو ويندو هيو. يوناني زبان جي قديم ترين مسودن ۾ به ڪپهه لاءِ Sindhin۽ Sindhoon (سنڌڻ) لکيو ويو آهي. عربي زبان ۾ ڪپهه لاءِ Satin ۽ بائيبل ۾ Sadin لکيل مليا آهن وغيره وغيره. ڪپهه لاءِ استعمال ڪيل اهي تمام لفظ سنڌ نالي جي خاندان، پس منظر ۽ تعلق ۾ جڙيل نظر اچن ٿا جيڪي ثابت ڪن ٿا ته انهن تمام خطن ۾ سنڌ جو ٺهيل ڪپڙو موڪليو ويندو هيو. جيئن ته ان دور ۾ انهن ملڪن جي رهواسين کي ڪپڙي ٺاهڻ جي ٽيڪنيڪ هوندي ئي نه هئي ان لاءِ سندن لغتن ۾ ڪپڙي يا ڪپهه لاءِ استعمال ٿيندڙ لفظ به ڪونه هوندا هئا. ان لاءِ جن جن قومن، ماڻهن ۽ خطن ڏانهن سنڌ جو ٺاهيل ڪپڙو موڪليو ويندو هيو ته انهن ان ڪپڙي تي نالو به سنڌ ئي رکيو جيڪو انهن جي مقامي لهجن جي مطابقت سان هزارين سالن بگڙجندو ۽ شڪليون تبديل ڪندو رهيو. شين جي ٻين خطن ڏانهن موڪلڻ ۽ انهن جو نالو شي ٺاهڻ وارن سان منسوب ڪرڻ جو رواج اڄ جي جديد يگ ۾ موجود آهي جهڙوڪ اڄ به اسان درآمد ڪيل نيسلي، فيوجي، ڪوڊڪ، ٽويوٽا، سوزوڪي، پيانو، فلپس وغيره جهڙين شين کي انهن جي مقامي زبانن جا نالا ڏيندا آهيون.
    مشاهدن ۽ تحقيقن سان اها حقيقت ثابت شده آهي ته دنيا جي ٽن وڏين تهذيبن جهڙوڪ دجله ۽ فرات جي سميري تهذيب، نيل دريا جي مصري تهذيب ۽ سنڌو درياھ جي سنڌي سڀيتا منجهان صرف سنڌ جي قديم شهر “مهين جو دڙو” جي کوٽائي مان ئي دنيا جي تاريخ و تهذيب جونه رڳو قديم ترين ڪپڙو مليو آهي پر ڪپڙي اڻڻ جا بي شمار آڏاڻا (چرخا) پڻ مليا آهن. قديم سميري، اسيري ۽ مصري تحريرن ۾ پڻ سنڌ کان ڪپڙو درآمد ڪرڻ ۽ سنڌين وٽ ڪپڙو هجڻ جون ثابتيون ملن ٿيون. واضع رهي ته رلهي جوڙي ئي نون ۽ پراڻن ڪپڙن جي بچبل سچيل ٽڪرن مان آهي ۽ جيڪڏهن اها حقيقت علم الانسان ۽ تاريخ سائنس ثابت ڪري ٿي ته سڀ کان پهرين ڪپڙي جو نمونو سنڌ جي هن قديم شهر منجهان مليو ويو آهي ۽ ته پوءِ اها ڳالهه پڻ يقيني ٿي وڃي ٿي ته رلهيءَ جي هنر به سنڌ جي هن خطي مان جنم وٺي ارتقا ئي سفر جي ابتدا ڪئي هوندي. ان حقيقت سان اها ڳالهه پڻ واضع ٿئي ٿي ته ان هنرمندي ۾ استعمال ٿيندڙ سُئي ۽ ڌاڳي جو به پهريون استعمال سنڌ ۾ ئي ٿيو هوندو. مهين جو دڙو مان هٿ آيل بي شمار مجسمن تي ڇٽيل، ٺهيل ۽ رڱيل ڪپڙن جي نمونن جو هئڻ هن شهر ۾ ٽيڪسٽائل فيڪٽرين يا ڪپڙي رنڱڻ جي ڪارخانن جي هئڻ جي گواهي پڻ ڏئي ٿو ته هن تهذيب جا باشندا ڪپڙن کي نه رڳو ٺاهڻ بلڪه انهن کي مختلف رنگن ۾ رنڱڻ جي هنرمندي کان پڻ واقف هوندا هئا. شايد ان لاءِ ئي ڪنهن مورخ ۽ محقق مهين جو دڙو کي City of brightly Colored dressing ڪوٺيو آهي.
    هٿن جا پورهيا ڪنهن به خطي جي قديم ۽ جديد ريتن، رسمن ۽ رواجن جو عڪس هوندا آهن جن ۾ رڌل ماڻهو ۽ آباديون ان علائقي جي تهذيبي، تمدني، تاريخي ۽ سماجي ورثن جا اهڙا روشن ضمير امين ۽ حقيقي وارث ٿيندا آهن جن کي مهذب، اشراف ۽ باعمل سماجن ۾ انتهائيءَ قدر جي نگاهه سان ڏٺو ويندو آهي. سنڌ جو عظيم خطو صدين کان پنهنجي هنج ۾ هزارين من موهيندڙ علم فن، هنر ۽ هنر منديون نپائيندو رهيو آهي. انساني هٿن سان لاڳاپيل جن هنرمندين جون تهذيبي ۽ تاريخي پاڙون هزارين سال پٺ ۾ سنڌ جي زرخير سماجيات ۽ اقتصاديات ۾ کُتل آهن جن منجهان سنڌي رلهي يا اجرڪ پڻ هڪ آهي جنهن جي شروعاتي شڪل مهامنت کي ويڙهيل آهي.
    ته قصو رڳو اهو نه آهي ته مهامنت صرف هڪ بت آهي پر هي مجسمو نه رڳو اسان جي آثارِ قديمه جو قومي ورثو آهي پر اسان جي وڏڙن جي خوبصورت، گهڻ رخي، گهڻ پاسائي هنرمندي هجڻ سان گڏ اسان جي تاريخ، تهذيب، روايتن، رسمن ۽ ارتقائي آکاڻين جي هڪ خوبصورت ۽ زنده و جاويد تاريخ آهي جنهن جي بي حرمتي اسان کي ڪنهن به صورت ۾ قابلِ قبول نه آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو