سائبريا کان آيل مسافر پکي (تحريرـ آصف رضا موريو(

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    217
    ورتل پسنديدگيون:
    19
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    سائبريا کان آيل مسافر پکي
    جيڪي موسمي سختين کان بچڻ لاءِ گرم خطن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا پر اسان جي ملڪ پهچي (اڪثر) مارجي وڃن ٿا
    آصف رضا موريو
    سردي جي موسم ۾ يورپ ۽ روس جي ٿڌن خطن کان ڪروڙين پکيئڙا ايشيا ۽ آفريقا جي گرم علائقن ڏانهن لڏ پلاڻ ڪن ٿا جن جا ڪجهه ولر يورپ (بلغاريا) کان ٿيندا فلسطين، لبنان ۽ شام جي سامونڊي ڪنارن تي موج مستي ڪندا ڪجهه وقت سوئز دريا تي ٿڪ ڀڃڻ کانپوءِ کوڙ ساترو وقت مصر جي نيل ندي جي ويڪري ڪنارن تي گذاري آفريڪا جي مختلف علائقن ڏانهن ڪوچ ڪندا آهن. پکين جا هزارين ٻيا ٽولا هڪ ٻيو رستو وٺندي ڪريٽ ۽ يونان جي خشڪ ماحولن جا مزا ماڻيندي سامونڊي وشالتائن جي مٿئون اهڙن هوائي رستن تي پرواز جاري رکندا آهن جتان سمنڊ جي ويڪر گهٽ هوندي آهي. اهڙي ريت لکين ولر وري اهي روم جي مٿان اڏندا سِسِليِ جي جزيزن تي لهي پنهنجي ڊگهي سفر جو ٿڪ ڀڃي پوءِ آفريڪا هليا ويندا آهن. هن رستي تي سامونڊي مسافري خشڪي واري رستي جي ڀيٽ ۾ گهڻي گهٽ آهي پر پکي پنهنجي سهولت لاءِ خشڪي وارو گَسُ وٺندا آهن. مسافر پکين جا ڪجهه قافلا انهن ٿڌن ملڪن مان نڪري فرانس کان ٿيندا اسپين جي مِٽيِ چمندا جبرالٽر ويجهو سوڙهي ٿيندڙ سمنڊ کي سولائي سان پار ڪري پراسرار آفريڪا جو حصو بڻجي ويندا آهن.
    اهڙي ريت يورپ ۽ سائيبرياکان ايشيا ايندڙ پکين جا ڪجهه ٽولا پنهنجي سفر ۾ ايندڙ پهرين منزل (جا پڪ سان ڪو سمنڊ ئي هوندو آهي) تي لنگر انداز ٿي پنهنجي پنهنجي مزاج جي ولرن ۾ ورهائجي پنهنجي پنهنجي منزلن ڏانهن اڏارون جاري رکندا آهن. انهن مان ڪجهه ولر ڪئسپيئن ندي کان اڏرندا، ڪجهه قراقرم جي آڪاش ڇهندڙ چوٽين جي دز اڏائيندا ته ڪجهه وري ڪوهڪاف جي خوبصورت ماٿرين جا سير سپاٽا ڪندا جڏهن ايشيا کنڊ (پاڪستان ۽ انڊيا) جي حدن ۾ داخل ٿيندا آهن ته هوائن جا هي لاڏلا شهزور پنهنجي پنهنجي پسند جي ندين، ڍنڍن، درياهن ۽ آبي ذخيرن ڏانهن اڏريا ويندا آهن.
    پکين جي اڏارن جا رستا. )پکين جي لڏپلاڻ واري رستن کي 1967ع ڌاري انقره ۾ ٿيندڙ هڪ گڏجاڻي ۾ ماهرن طرفان هيٺين ريت نشاندهي ڪئي وئي هئي(.
    اتر يورپي اسڪينڊي نيويا، بحر شمالي. 2. يورپي ڳاڙهو سمنڊ، رومي سمنڊ. 3. سائيبريا جو اولاهون سمنڊ (ڪيسپيئن درياهه)، نيل ندي، (ڳاڙهي سمنڊجورستو). 4. سائيبريا ۽ قزاقستان، پاڪستان، ڀارت (هندي سمنڊ جو رستو). 5 اڀرندڙ سائيبريا، تبت، گنگا (گنگا وارو رستو). 6. منچوريا، چين، جاپان. 7. ڪم چٽڪا (الاسڪا)، ڪيلي فورنيا.
    مسافري دوران اهي پکي بيشمار ملڪن کان علاوه ٽن وڏي سمنڊن جهڙوڪ ڪيسپيئن، ڪاري سمنڊ ۽ ڀونج سمنڊ جي ويڪراين کي پنهنجي ڪمزور پرن سان پوئتي ڌڪيندا حيرت انگيز طور تي (انسانن وانگر) اهڙن ننڍن رستن (شارٽ ڪٽ) جي چونڊ ڪندا آهن جن تي جزيرا يا ٽاپو هجن ته جيئن ٿڪجي پوڻ تي داڻي پاڻي يا ٿڪ ڀڃڻ لاءِ آرام واسطي خشڪي تي ڪجهه وقت لهي پنهنجا پر سوئي سگهن. پکين جي (پنهنجي لاءِ) مقرر ڪيل انهن رستن تي سندن اچ وڃ جو تاڃي پيٽو ڏسي ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي بي زبان پانڌيئڙا انهن اڻ ڄاڻ هوائي رستن، پيچرن ۽ گزرگاهن تي پيش ايندڙ حالتن جهڙوڪ خشڪي، پاڻي، برسات، کنوڻ، مفاصلي ۽ موسمن جي سختي جا اڳواٽي ڄاڻونگر آهن. توڙي جو اهي تبديل ٿيندڙ آب وهوائن جي ڄاڻ انسانن جيان ڪونه رکندا آهن پر اهي رستن ۽ رستي ۾ ايندڙ تمام مشڪلن، ضرورتن، مسئلن ۽ منزلن جي ويڪر، ٿاڪن، جزيزن ۽ آبي وهڪرن وغيره جي پوري ڄاڻ رکندا آهن.
    انسانن جا پکين تي ڪيل مشاهدا ۽ تجربا ٻڌائن ٿا ته پکين جون لڏ پلاڻون (هجرتون) بامقصد ۽ باجواز هونديون آهن. هزارين ميلن جا پنڌ اهي ان لاءِ ڪونه سٽيندا آهن جو انهن کي سفر پسند هوندو آهي پر ائين ڪرڻ انهن پکين لاءِ وقت جي ضرورت تحت هوندوآهي جيڪو ذاتي کان وڌيڪ فطري عمل هوندو آهي. انهن جا ڏورانهن ڏيهن ڏانهن اڏارن جا مختلف سبب هوندا آهن. ڪٿي سفر جو مقصد داڻي پاڻي جي تلاش هوندو آهي، ڪٿي موسم جي ناقابل برداشت تبديلي، ڪٿي ٿڌ کان پنهنجي جان بچائڻ قصد هوندو اٿن ته ڪٿي گرمي کان ڀاڄ. انهن ۽ اهڙن ٻين ڪارڻن سبب ئي پکي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ مناسب ۽ موزون خطن ڏانهن لاڏائو ٿيندا آهن. پنهنجي وطن سان کين ايتري ته حُبَ هوندي آهي جو اهي پکي فطري جلاوطني جي ڏينهن دوران ٻين علائقن ۾ آنا به ڪو نه لاهيندا آهن.
    پکين جي هجرتي رستن تي نگاهه وڌي وڃي ته ائين لڳندو ڄڻ انهن مسافري جي پهريون کان ئي منصوبه بندي ڪري رکي هجي ڇو ته پنهنجي مسافرين ۾ هو نه رڳو ماحولياتي ۽ جاگرافيائي حالتن جي ڄاڻ رکندي ملندا آهن پر (جهازن جي هوائي رستن جيان) انهن جا جا گس ۽ منزلون به مقرر ڪيل هونديون آهن. تحقيق ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته پکين پنهنجي اڏارن لاءِ عمدا، آسان ترين ۽ ترقي يافته رستا ڳولي لڌا آهن جن ۾ هر سال هو وڌيڪ سولائيون ڳولي اڃان به وڌيڪ سنهنجو بڻائيندا رهندا آهن. سفر جي معاملي ۾ پکين جو عقل ۽ حِسَون انسانن کان وڌيڪ ڀروسي جوڳيون هونديون آهن ڇو ته کين پنهنجي هجرتي رولاڪڙين جي ڪا تاريخ هوندي آهي نه بيرو ميٽر، نه ڪمپاس، نه نقشو، نه ميڊيا، نه معلوماتي ڪتابچا، نه ئي اهي سير، سياحت يا سفر متعلق هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه جي ڏي وٺ. ان جي باوجود اهي پکي بغير پُڇئي، پڙهئي يا ڄاڻي يا ٻڌئي پنهنجي پنهنجي گسن، منزلن ۽ طرفن جي مستند ڄاڻ رکندا آهن. جيڪا کين هڪ ڏينهن، هڪ سال يا ڪنهن هڪ هجرتي موسم ۾ ڪو نه ملي آهي پر ان زميني، جاگرافيائي ۽ علاقائي سڃاڻ جي نفسيات، علم ۽ پنڌ جو اندازو کين نسل درنسل منتقل ٿيندو رهندو آهي جنهن ۾ انهن پکين جي هزارين سالن جي ذهني، نفسياتي کاهوڙ ۽ جاکوڙي جدوجهد شامل آهي.
    هزارين ميلن جو پنڌ ڪري ٻين کنڊن ۾ پنهنجي مطلب جي علائقن ۾ ڪيئي مهينا گذارڻ کانپوءِ وري واپسيءَ ۾ انهن ساڳين رستن جا راهي ٿي پنهنجي پنهنجي آبي ۽ آبائي علائقن ڏانهن واپس ويندي به اُهي پکي نه رستوڀلجندا آهن نه ئي وساريندا آهن. توڙي جو سفر دوران انهن جي سامهون سمنڊ، دريا، شهر، پهاڙ، برساتيون، خشڪ ميدان ۽ طوفان وغيره به ايندا رهندا آهن پر ماهر پيرين وانگي هوائن تي پنهنجي پرن جي اڏارن جا نشان ڏسندا، مٺيون مٺيون لاتيون لنوندا هوائن جي رٿن تي سوار هي شهزادا پنهنجي پنهنجي منزلن تي پهچي ساهه پٽندا آهن.
    سنڌ/پاڪستان ۾ پرديسي پکين جو اچڻ
    پاڪستان ۾ انهن پکين جو اچڻ سيپٽمبر جي مهيني کان شروع ٿيندو آهي جنهن ۾ جنوري ۽ فيبروري تائين لڳاتار واڌارو ٿيندو رهندو آهي. هجرتي رستن متعلق ٺهيل بين الاقوامي نقشي تي “انڊس فلاءِ وي” چوٿين نمبر تي آهي، International Water fowl Research Bureau IWRB وارن سنڌوندي جي ڊيلٽا کي ايشيا جو سڀ کان اهم علائقو ۽ ٿڌي علائقن کان هجرت ڪندڙ پکين لاءِ Green Route جو نالو ڏنو آهي. سنڌ ۾ پکين جون ڪجهه نسلون هر سال باقائدگي سان اينديون رهنديون آهن پر ڪجهه ناياب نسلن جا پکي جهڙوڪ هنج پکي، اڇو سرخاب وغيره ڪيترن سالن ۾ مشڪل سان نظر ايندا آهن. انهن پکين ۾ هنج پکي ته شڪارين لاءِ آئيڊيئل حيثيت رکڻ سان گڏ پکين ۾ پڻ ديو مالائي مخلوق جيان پيار ۽ خوبصورتي جي علامت ليکيو ويندو آهي. هي مهمان پکي (جيڪڏهن اسان جي شڪارين کان بچيا ته) فيبروري جي آخر ۾ سنڌ پاڪستان مان واپس پنهنجي پنهنجي علائقن ڏانهن واپس وڃڻ شروع ڪندا آهن ۽ مارچ جي شروعاتي ڏينهن تائين پنهنجي ديسي دوستن، احبابن ۽ هم جنسن کان وري ٻئي سال ملڻ جي واعدن سان موڪلائي پنهنجي پنهنجي ڏيهن ڏانهن ڪَهيِ ويندا آهن.
    هاليجي ڍنڍ
    پاڪستان ۽ خصوصاً سنڌ ۾ ڪهي ايندڙ لاڏو پکين لاءِ پهريون ٽڪاڻو هاليجي ڍنڍ هوندي آهي. ڪراچي شهر کان 88 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود هن آبي ذخيري جي اصل پکيڙ ٻارنهن ميل آهي جڏهن ته خاص ڍنڍ جي پکيڙ 6.58 چورس ميل آهي. ان ڍنڍ جي وڌ ۾ وڌ اونهائي سترنهن فٽ رڪارڊ آهي. 1930ع جي آخر ۽ 1940ع جي شروعات ڌاران ڍنڍ ۾ وڌندڙ پاڻيءَ جي نيڪال خاطر بند ٻڌرائي تازي ۽ مٺي پاڻي جو هڪ واهه کوٽيو ويوهيو. تازي پاڻي جي هي “ريزر وائر” ڪراچي شهر جي وڌنڌڙ آبادي کي پاڻي ڏيڻ جو خاص ذريعو آهي. هاليجي ملڪي ۽ غير ملڪي پکين لاءِ گهڻي ڪشش رکي ٿي. يورپ جي ٿڌي علائقن کان لکين پکي هر سال لڏي هتي اچي لهندا آهن جڏهن ته مقامي پکيئڙا پورو سال هتي ايندا رهندا آهن. انهن پکين جي تحفظ لاءِ سنڌ حڪومت ٽن ميلن جي اندر ڪنهن به قسم جي شڪارکيڏڻ ۽ فائرنگ سان حياتياتي دنيا کي تباهه ڪري ختم ڪرڻ يا نباتاتي ماحول سان هٿ چراند ڪرڻ واري هر عمل جي سختي سان رک رکي آهي.
    هاليجي ڍند جو خوبصورت منظر، چائني پاسي فطرن جي وڇيل سائي چادر ۽ پاڻي مٿان گذرندڙ هوائن جو مڌر آواز ٻڌي ائين لڳندو آهي ڄڻ تان سين پنهنجي تنبوري جا سُرَ ڪٿي ساريا هجن. خوشبودار هوائن کان موج وٺي جڏهن وڻ پنهنجي پنن سان تاڙيون وڄائي هتي ايندڙ مهمان پکين جو آڌر ڀاءُ ڪندا آهن ته وڏي فرِحت لڳندي آهي. ڍنڍ جي پاڻي منجهان ڪٿي ڪٿي پٿريلي سطح ڪَرُ کڻندي نظر ايندي آهي. اهڙيون کوڙ جايون پرديسي پکين جي نالن ۽ ٽڪاڻن طور مشهور ۽ منسوب آهن، جيئن پليڪان جزيرو وغيره. انهن جزيرن تي هزارين پکي وهنجڻ کانپوءِ سج جي روشني مان مزو ماڻن لاءِ جمع ٿيندا آهن. ڪجهه اتي وقتي آکيرا ٺاهي رهندا پڻ آهن. پکين جي انهن جزيرن تي ويهڪ جو بهترين وقت شام جو هوندو آهي ڇو ته اهي ڏينهن جي سخت ۽ مشقت کان پوءِ هتي اچي آرام ڪندا آهن.
    مصري ماڻهو پيليڪان پکي کي پاڻيءَ جو اٺ چوندا آهن ڇو ته هو پنهنجي ڳچي ۾ رکيل ڳوٿري ۾ پيٽ کان وڌيڪ مڇي جمع ڪندو آهي. هاليجي ڍنڍ تي اهي پيليڪان ڦڙ ڦڙ ڪندي مڇين پٺيان ڊڪون ڀريندي، کيڏندي، شڪار ڪندي ملندا آهن. ڪٿي وري بيشمار قسمن جا مڇي خور پکي ڪٿي اڪيلا ته ڪٿي ولرن جي صورت ۾ انهن جزيرن تي پنهنجون ڄنگهون ۽ پر پکيڙي، ڊگهيون ڳچيون پاڻي ۾ لاهيندي کڻندي، عجيب غريب قسمن جو تاڙون ڪندي، ڪي پاڻي منجهه اندر ٽُٻيون هڻي مڇين کي پڪڙيندي نظر ايندا آهن. هاليجي ڍنڍ ۾ ڏهن پندرهن سالن کان پکين جون اڍائي سو کان به مٿي قسمون نوٽ ڪيون ويون آهن. هي ڍنڍ پکين تي تحقيق ڪندڙن لاءِ جنت جي حيثيت رکي ٿي جتي ايندڙ لکين پکين جي قسمن مان ڪي اهڙيون نسلون به هونديون آهن جيڪي فطري طور تي هڪ ٻئي جون رقيب آهن پر وقت جي ضرورتن انهن جي وچ ۾ اعتماد جو رشتو قائم ڪري ڇڏيو آهي ان لاءِ ئي هتي شڪاري پکين ۽ عام پکيئڙن کي گڏجي مڇين پٺيان پاڻي ۾ ٽٻيون هڻندي ڏسي سگهبو آهي.
    پاڻياري پکين جي رهڻي ڪهڻي
    جهنگ جي پکين وانگر پاڻي جا پکي به پنهنجي حساب ڪتاب سان سامونڊي (انساني محلن ۽ آبادين جيان) حدبندين ۽ سرحدن ۾ رهندا آهن جيڪي ڪنهن حڪومت يا طاقت جون قائم ڪيل ڪونه آهن پر رهواسي پکين اُهي قانوني ضابطا پنهنجي سماجي زندگي جي بهتري لاءِ پاڻ قائم ڪيا آهن جن جي تڪميل ۽ پوئواري به اهي تمام سهڻي طريقي سان ڪندا آهن. هتي شڪاري پکين جهڙوڪ ڳجهون، چٻرا ۽ باز وغيره هوا جي مٿئين منزل تي يعني هوائن ۾ گلائيڊنگ ڪندا نظر ايندا آهن ته ڪجهه وچين منزل يعنيٰ سمنڊ، ڍنڍن ۽ پاڻين جي سطح کان ٿورڙو مٿان پنهنجو شڪار (پاڻي اندر) ڳوليندي اڏاندي ملندا آهن جن کي جڏهن ڪا مڇي پاڻي جي سطح هيٺان ويجهو نظرايندي ته گڙپ ڪري ٽٻي هڻي ان کي کنڀي اڏري ويندا آهن. اهڙي ريت ڪجهه پکيئڙا وڏي صبر ۽ تحمل سان وڻ جي ڪنهن سڪل ٿڙ يا سائي ٽاريءَ تي ويٺا پاڻي ۾ اکيون کوڙيون شڪار کي تڪيندا رهندا آهن. ائين ئي پاڻي جي هيٺين منزل (گرائونڊ فلور) يعنيٰ سطح تي هنج يا نيرڳ وغيره پنهنجي ڊگهي ڳچي پاڻيءَ ۾ وجهيون يا مٿي کنيون پيرين ڀر ترندا شڪار تڪيندا ملندا. انهن سڀني پکين پاڻي سان منسلڪ پنهنجون پنهنجون حدبنديون مقرر ڪري رکيون آهن جتي پنهنجي روزاني معمولات ۾ اهي جيئڻ ۽ جيئڻ ڏيڻ واري اصولن ۽ قاعدن جو احترام ڪندي نظرايندا آهن. پکين جي عادتن تي تحقيقي غور ڪرڻ سان خبر پوندي ته انهن ۾ هر طبيعت ۽ لاڙي وارا پکي ملندا جهڙوڪ عاجزي ۽ نوڙت وارا، صابرين، هٺيلا، فضول خرچ، هڏحرام، سادڙا، قنايت پسند، اڪيلي شڪار ڪرڻ وارا ته اڪيلائپ کان ڊڄڻ وارا وغيره وغيره
    منڇر ڍنڍ
    سنڌ جي پاڻي جي وڏي ۾ وڏي قدرتي ڍنڍ ۽ ايشيا کنڊ ۾ مٺي پاڻي جي وشال ڍنڍ طور مشهور منڇر جو ويڪرو پيٽ ڪنهن دور ۾ سنڌوندي جو حصو هوندو هيو. جوهي ۽ سيوهڻ جي وچ ۾ واقع بوبڪ شهر جي ويجهو هي ڍنڍ به پاڻيءَ جي پکين جي اجتماع ۽ شڪار لاءِ چڱيرڙي شهرت رکي ٿي. برساتي موسم ۾ جڏهن سنڌو دريا تي ڦوهه چاڙهه ٿيندو آهي ته اڙل ۽ دانستر واهن مان پاڻي هن ڍنڍ ۾ جمع ٿيندو آهي. ميربحرن جي جنت طور مشهور منڇر جي ايراضي 360 ڪلوميٽر آهي جنهن جي پاڻين ۾ انهن جي هزارين خاندانن جو داڻو پاڻي سمايل هوندو آهي. هيءَ ڍنڍ ملڪي ۽ غير ملڪي پکين لاءِ پڻ گهڻي ڪشش رکي ٿي پر بدقسمتي سان سرڪاري ڪامورن جي ڏوهاري غفلتن ۽ غير ذميوارين سبب ڪئي سالن کان سنڌ جي هن قيمتي ورثي کي جهجهو نقصان رسي رهيو آهي پر اسان جي قوم روايتي خاموشين جون رلهيون ويڙهي ستي پئي آهي.
    ٻٺين پنج ڇهن ڏهاڪن دوران هيءَ ڍنڍ ٽي دفعا 1962-1972 ۽ 1985ع ڌاران سموري خشڪ ٿي وئي هئي. خشڪي جي ڏينهن ۾ منڇرجي ويڪري سيني تي پاڻي جي لهرن ۽ وهڪرن جي جاءِ تي واري جا بي رنگ واچوڙا اڏندي ڏٺا وڃبا هيا. ايتري تائين جو ان جي ڪپن تي وسندڙ ماهيگير آبادين ڍنڍ جي سڪي پيٽ تي کوهه کوٽي ڇڏيا هئا. جڏهن ان ڍنڍ ۾ پاڻي هوندو آهي ته لکين پرڏيهي پکي هزارين ميلن جون اڏارون ڪري منڇر ماڳين رسندا هئا پر پنهنجي پسنديده ڍنڍ جو خالي ڍونگو ڏسي مايوس ٿي ڪنهن ٻئي علائقي ڏانهن ڪهي ويندا هئا. هاڻي ته ڪيئي سال ٿيا جو منڇر جي پاڻي جي صفائي به ڪو نه ڪئي وئي آهي. ان جو تَرو واري، گپ ۽ گند ڪچري سان ڀرجي ويو آهي. پنجاهه سٺ سال پهريون واري ان جي پنجاهه فٽ اونهائي هاڻي مشڪل سان ويهه پنجويهه فٽ رهي آهي. 1942، 1976، 1998ع ۽ 2010 واري ٻوڏن ته ويتر ڍنڍ جي شڪل، ساخت ۽ ويڪرائي بگيڙي ڇڏي آهي. ٻوڏن جي دوران جڏهن پاڻي آپي کان ٻاهر نڪري ويندو آهي ته هي ڍنڍ سالن کان صفائي نه هئڻ ڪري پنهنجو ئي ڪپون ڪپيندي نظر ايندي آهي. اسان جي ملڪ ۾ انگريزن کانپوءِ ڪنهن به ماڻهو، ڪاموري يا رياستي نمائندي طرفان هن قومي، سماجي ۽ قدرتي شاهڪار جي صفائي، سنڀال ۽ بچاو جي ڪابه ڪوشش سامهون ڪونه آئي آهي مردي تي موچڙي جو زيپٽ مقامي آبادين وڻ ويڙهي جيان قبضه ڪري تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
    ماحولياتي، آبي، زرعي ۽ گهريلو گدلاڻ جمع هئڻ ڪري منڇر جو پاڻي زهريلو ۽ لوڻاٺو ٿي چڪو آهي جنهن ۾ لوڻ جي سيڪڙو پنجاهه سال پهريون واري 2.330 فيصد کان وڌي هاڻي 2.500 تائين وڌي چڪو آهي جنهن ۾ ٻوڏ جي ڏينهن ۾ ڪجهه عرصي لاءِ لاٿ ايندي آهي. هر حڪومت ايندي ئي ٻين اعلانن سان گڏ منڇر جي مرندڙ حالت بهتر بڻائڻ لاءِ ان جي چؤطرف باغ لڳائڻ ۽ زهريلو پاڻي صاف ڪرائڻ جا واعدا اقرار ته ڪندي رهندي آهي پر اڄ تائين ڪنهن به حڪومتي ڪارندي کي وعدا وفا ڪندي نه ڏٺو ويو ويتر سڀني وس ۽ وت آهر ڳجهن وانگر هن جي ماس کي ڍونڍ جيان ٻئي پٽيو آهي. منڇر جي موجوده حالت ڏسي نه ٿو لڳي ته اها ايشيا ۾ مٺي پاڻي جي سڀ کان وڏي ڍنڍ آهي ڇو ته قبضا خوري جي ور چڙهندي اها سوڙهي ٿيندي ٿيندي هاڻي ڪنهن ڍوري يا ننڍڙي بئراج جي شاخ جو ڏيک ڏئي ٿي. افسوس آهي جو گذريل سال سنڌ فيسٽيول جو هڪ ڏهاڙو هڪ رات هت ملهائڻ وارا سموري سنڌ جا ڪامورا اتي پنهنجي غيرملڪي تعليم يافته اڳواڻ کي خوش ڪرڻ جا بندوبست ڪندا رهيا پر انهن مان ڪنهن کي به ڍنڍ جي ڌپيري پاڻي جي ڪا سڌ پئي نه چچريل وجود ۽ مئل ويڪر تي ڪنهن ڌيان ڏنو نه قبضي خورن جا ان جي ڪپن سان ٿيل ڪلور ڪنهن کي نظرآيا.
    منڇر ڍنڍ جي ڪنارن تي آباد ڳوٺن، رستن ۽ ويڙهن جي آبادي هڪ لک کان به مٿي آهي جن مان پنجويهه ٽيهه هزار آبادي ته منڇر جي پاڻي مٿان ئي پنهنجي ٻيڙين ۽ هوڙهن تي رهندا آهن. اهي پنهنجون سوين ٻيڙيون هڪ ٻئي سان ملائي هڪ ننڍڙي ڳوٺ جي شڪل وٺي رهندا آهن. پاڻيءَ مٿان (بطخن جيان) لڏندڙ لمندڙ انهن ڳوٺن کي مقامي ٻولي ۾ “تڙ” چيو ويندو آهي. هڪ سروي مطابق ٽيهه پنجٽيهه سال پهريون منڇر تي هڪ هزار پکين جا قسم، نمونا ۽ نسلون ڏٺيون وينديون هيون جيڪي گهٽ ٿيندي ٿيندي هاڻي سو ڏيڍ سو قسمن تائين وڃي بچيون آهن جن ۾ پڻ هر نئين سال سان گهٽتائي نوٽ ڪئي وڃي ٿي.
    عام پکي جي سماجي نفسيات
    اڄ زمين تي لڳ ڀڳ ڏهه لک قسم جا جاندار آباد آهن جن منجهان ٽي لک قسمون پکين جون آهن جيڪي پنهنجي ننڍڙي دنيائن ۾ رهندي پنهنجي ماحول ۽ فضائن سان فطري طور تي منسلڪ آهن. زمين تي موجود جهنگن، شهرن، وستين ۽ ميدانن ۾پکين، جانورن ۽ ٻين زميني حياتين جي رهڻي ڪهڻي متعلق نظر ته ايندڙ بي شمار حدبنديون، قانون سازيون ۽ ڀتيون موجود هونديون آهن جيڪي کين ننڍڙي ننڍڙي دنيائن ۾ ورهائينديون آهن. پکين جون دنياؤن به (انسانن وانگر) الڳ ۽ ويڪري ڪائنات ٿين ٿيون جتي اهي پنهنجي پنهنجي سماجي ۽ فطري مامرن، محبتن، مزاجن ۽ ماحولن سان گڏ رهندا آهن جيئن هر جهرڪي جي پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ٿيندو آهي ۽ انهن مان هڪ جهنگل ۾ رهندي آهي ته ٻي کليل ميدانن جي هيراڪ ته وري ٽين سامونڊي ڪنارن جي ديواني ٿئي ٿي.
    اهڙي قسم جي نفسيات جهنگ جي اصلي باشندن تترن ۽ جهنگ ڪڪڙين وغيره جي به ٿيندي آهي جيڪي ڪڏهن به کليل ميدانن ۾ نه ملندا آهن ۽ ميداني پکي جهنگلي دنيا ۾ رهڻ پسند ناهن ڪندا. اهڙي ريت سمورا پکي ٻين پکين جي زمين، علائقن يا رزق تي هٿ صاف نه ڪندا آهن بلڪه هڪ ٻئي جي سماجي حقن جو احترام ۽ خيال ڪندي جيئدا آهن. سندن هڪ ٻئي ڏانهن اهڙا سهپ ۽ سياڻپ وارا جذبا ۽ عادتون مجموعي طور تي گڏجي جهنگلن ۾ “اصولن” کي جنم ڏين ٿيون. اهڙي طرح قانون پرست ۽ امن پسند اهي “معصوم” جهنگلي باشندا پنهنجي پنهنجي دنيائن ۾ هڪ ٻئي سان نظر نه اچڻ واري رشتن، اصولن، معاملن ۽ قانونن تحت ڳنڍجي هڪ ٻئي تي ڀاڙي جيئندا رهندا آهن.
    پکين لاءِ جهنگ (شهري عمارتن وانگر) ڪيئي منزلا هوندا آهن. جهنگ جي هيٺين منزل (گرائونڊ فلور) گاهه، مٽي، ڪپن، سَرَن واري هوندي آهي. وچين منزل لئي، لاڻين، ٻوٽن، سرن، وڻن جي پورن ۽ ٽارين واري هوندي آهي جڏهن ته مٿئين منزل (top storey) وڻن جي ڇت هوندي آهي. وڏن وڏن وڻن واري جهنگلن ۾ ته ست اٺ منزلون به هونديون آهن جهڙوڪ ستين منزل شاهه بلوط جي وڻن جي، ڇهين منزل پپر جي وڻن جي، پنجين منزل ٽاريءَ جي، اهڙي ريت بيد مشڪن، نمن ۽ ٻٻرن وغيره جون منزلون به هونديون آهن. جهنگلن ۾ به (انسانن جي نالي واري تختين جيان) انساني اک کي نظر نه ايندڙ (علامتي) پکين جي نالن جون تختيون هونديون آهن ڇو ته جهنگلي منزلن ۾ هر منزل جا الڳ الڳ نسلن جا باشنده آباد هوندا آهن. ڪجهه مٿين منزل، (هوائن ۾ لڏندڙ لمندڙ وڻن جي مٿئين لامن) ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن جيڪي گرمين ۾ ٿڌي ۽ سائي ڇت جو ڪم به ڏينديون آهن. انهن مٿين منزلن تي تڙڪو (اُس) به جام هوندي آهي ته خشڪي به گهڻي، هيٺين منزل تي اوندهه ۽ گهِمِ هوندي پر گرمين ۾ هتي ڪمرا ٿڌا هوندا آهن. زمين جي اندر ٻرڙ (تهه خانا) گهڻا گرم هوندا آهن جڏهن ته وڻن جي ٿُڻنِ ۾ موجود پورن ۾ گهڻي ٿڌ هوندي آهي جيڪي گرمين ۾ رهڻ واسطي مزي دار جاءِ ڀائنبا آهن. خاص ڪري چمڙن، ڇٻڙن ۽ چتن لاءِ.
    انهن جهنگلن ۾ امير ۽ غريب، جديد ۽ سادگي پسند هر قسم جا پکي هوندا آهن جيڪي پنهنجي پنهنجي رحجانن، طبيعتن ۽ رنگ ڍنگ سان رهڻ پسند ڪندا آهن جيئن چيڙهه جي جهنگ ۾ ٽن آڱرين واري هُدهُد جو تختيون لڳل هونديون آهن، اتي سڀن کان مٿاهون آکيرو چٻري جو هوندو آهي جنهن جي هيٺان وڻ جي پور ۾ طوطو پنهنجي ڪٽنب سان رهندو آهي. اهڙي ريت تتر وري ٻوڙن ۾ آنا لاهي ٻچا ڪندا آهن. هيٺين منزل تي جهنگ ڪڪڙ جو قبضو (تختي لڳل) آهي. زمين جو مٿاڇرو هڪ لحاظ کان گودام يا پارڪنگ ايريا جو ڪم ڏيندو آهي جنهن تي سڀني جو حق هوندو آهي. جهنگل واسي پکين يا جانورن جي رهڻي ڪهڻي جو ڳوڙهو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿيندو ته اهي سڀيئي نظر نه ايندڙ هڪ زنجير ذريعي هڪ ٻئي سان ٻڌل آهن.
    پکين جي فطري نسل ڪشي
    زميني, موحوليات ۽ جاگرافيائي حالتن جي پسمنظر ۾ ڪجهه به ڪڏهن يا سدائين هڪڙو نه رهندو آهي. زمين جا اندورني معاملا جهڙوڪ زلزلو، آتش فشان پهاڙ، اندروني حرڪتون ۽ بيروني معاملا جهڙوڪ سردي، گرمي، پاڻي، ميِنهُن، سمنڊ، دريا، ٻوڏون، گهم وغيره زمين تي مختلف تبديليون آڻيندا رهندا آهن. انهن حرڪتي تبديلين سبب ڌرتي مٿان ميدانن جي جاءِ تي پهاڙ نڪري نروار ٿيندا آهن. سمنڊن مان مٽي ڪر کڻي نڪرندي اٿندي آهي. صنوبر جي جهنگلن جي جاءِ لَيُن وارا جهنگ پيدا ٿي پوندا آهن. برف جا تودا پگهرجڻ سان ماٿرين ۾ ڍنڍون جنم وٺنديون رهنديون آهن. اڄ به هر روز سمنڊ ڪٿي نه ڪٿي زمين جي سطح تي پنهنجا پر پکيڙي قبضو ڪندو رهي ٿو ته ڪٿي سمنڊ جي پاڻي مان مٽي جهاتيون پائي ڪنوار جيان آبي گهونگهٽ لاهيندي رهندي آهي. ڪٿي دريا خشڪ ٿي ويندا آهن ته ڪٿي اهي بيلغام ٿي ٻوڏون آڻي رستا بدلائيندا يا پنهنجا پڪ ڪپيندا نطر ايندا آهن وغيره وغيره. حاصل مطلب ته ارضياتي نقطئه نظر کان زمين مستقل طور تي پنهنجون شڪلون تبديل ڪندي رهي ٿي جن جا اثر انسانن سان گڏ جانورن تي به ٿيندا آهن.
    زمين ۽ موسم جي انهن تبديلين جو پکين جي رهڻي ڪهڻي ۽ معمولات تي به تمام گهڻو ۽ برو اثر پوندو آهي ڇو ته بدلجندڙ موسم سان گڏ بدلجڻ انهن سڀني جي وس ۽ ڪونه هوندو آهي. مثال طور ڪو به تتر ٻاجهري ڇڏي گوشت يا مڇي کائڻ شروع ڪونه ڪندو. ڪا ڳجهه پنهنجي ٺوڙهه (اهو چئي ته مون کي ٿڌ لڳي ٿي) گاهه، مٽي يا پنن سان ڪونه ڍڪيندي، نه ئي ٻگها، هنج، نيرڳ ڍنڍن جو پاڻي سڪڻ کانپوءِ خشڪي تي رهڻ قبوليندا. نه ئي ڪا بطخ يا ڪاز گرمي جي شڪايت سبب پنهنجا پر لاهي سگهندي. اهڙي ريت ثابت ٿئي ٿوته تمام پکي پنهنجي مرضي سان پنهنجو فطري ضرورتون ڪونه بدلائيندا آهن پر موسم جي سختي ۽ وقت جي ضرورت تحت ڪجهه پکي پنهنجي مزاج ۾ ان لاءِ تبديلي آڻيندا آهن جو اُهي نئين حالات ۾ رهڻ ۽ نوان کاڌا کائڻ لاءِ مجبور هوندا آهن پر پکين جون لکين قسمون ڪنهن به ريت بدلجڻ لاءِ تيار ڪونه هونديون آهن.
    موسمي ۽ جغرافيائي تبديليون سدائين پکين لاءِ مفيد ڪونه هونديون آهن ان لاءِ وڻن، ٻوٽن، جانورن ۽ پکين جون لکين نسلون آهستي آهستي ختم ٿي وينديون آهن ڇو ته انهن جي وجود جي ضمانت ڏيندڙ شيون کين اهڙي ريت ميسر ڪونه ملنديون آهن جهڙي ريت سندن اڳئين نسلن کي ملنديون رهيون هيون ۽ اهي بک، ٿڌ، گرمي ۽ ٻين اهڙن معاملن کان سولائي سان شڪست کائي وينديون آهن. انهن جون ايندڙ نسلون بيمار پيدا ٿينديون رهنديون آهن جن ۾ نين حالتن ۾ رهي زنده يا تندرست رهڻ جون صلاحيتون نسل در نسل گهٽ ٿينديون رهنديون آهن. انهن تي ويتر جن ملڪن ۾ انهن پکين جي عام شڪار تي ظابطو ڪونه هوندو آهي يا ماڻهو مخلوق دوست ۽ ساڃاهوند ڪونه هوندا آهن اتي بچيل سچيل پکين (Birds on red list) کي به شڪارين جون بندوقون کاڄ ڪري ٻهاري وينديون آهن. آخرڪار هڪ وقت اهڙو به ايندو آهي جڏهن اها پوري نسل ختم ٿي ويندي آهي.
    توڙي جو پکين جون ڪجهه نسلون مخالف حالتن ۾ عقلمندي سان بچي وينديون آهن پر ڳچ وقت گذرڻ کانپوءِ اهي پنهنجي والدين سان فطري هڪ جهڙائي وڃائي ويهنديون آهن ۽ انهن جون فطرتون پڻ تبديل ٿي وينديون آهن. ائين اهي نسلون آهستي آهستي رهڻي ڪهڻي جي نئين ماحول سان مانوس ۽ عادي ٿي انهن حالتن ۾ به زنده رهي سگهنديون آهن جيڪي انهن جي اڳئين نسل لاءِ نقصان ڪار هجن ها. اتي ۽ اهڙي حالتن ۾ فطري چونڊ سامهون هوندي آهي ته اهي جاندار نسلون جيڪي پنهنجو پاڻ کي نئين حالتن جو عادي بڻائي نه سگهيون سي ختم ٿي ويون پر جن کان اهو ممڪن ٿيو ته انهن پنهنجون نسلون بچائي ورتيون پر انهن جون عادتون (فطري، سماجي ۽ گهرجون) تبديل ٿي ويون جيڪي پڻ (ماهرن چواڻي) نسل ڪشي جو ٻيو قسم آهن.
    قدرت ۽ فطرت جي تبديلين جو کاڄ ٿيڻ کان ته قدرت ۽ فطرت پکين کي عقل ۽ ڏانءُ ڏنو آهي پر ان معصوم مخلوق ڏانهن انسانن جا ظالم شڪاري لاڙا اسان جي ملڪ پاڪستان ۽ خاص طور تي سنڌ ۾ تمام گهڻا هاڃيڪار ڏٺا ويا آهن. سنڌ ۾ تمام آبي ذخيرا، پکين جون پناه گاهون، ڍنڍون، ڍورا سماج جي ڏاڍي ماڻهن جي هٿ آهن جن آڏو پکين لاءِ بڻايل قانون، دستور، اخلاق، قاعدا ۽ ضابطا ڪمدار جي ڪرڪر جيتري به اهميت نه ٿا رکن. انهن لاءِ نه رک جو احترم هوندو آهي نه ئي شوق شڪار جو ڪو وقت......نه سندن لاءِ قانون جو خيال هوندو آهي نه رياست ۽ ڪنهن ڪاموري جو ڀو...............ڪامورا انهن جا رکرايل هوندا آهن ته لاٺڙيا به ۽ سڀيئي سياري جي باهه ۾ پنهنجا پنهنجا هٿ سيڪيندا آهن.............۽ پوءِ سندن ۽ سندن دوستن جا شوق هوندا آهن.......اهو جهنگ هوندو آهي ۽ جانورن جون ڪوڪون ۽ ڪوڪرا..........اهي آبي وهڪرا هوندا آهن ۽ خوبصورت پکين جو چيخون، چيٽون، ڪوڪون..........بندوقن جا ڀڀ ڏاريندڙ ٺڪاءَ ۽ ماري مڙسن جا ٽهڪ......وري جو اهي همراه پنهنجي ڪمدارن کي انهن پکين جي مارڻ جو ٺيڪو ڏيندا آهن ته پوءِ ميلن تائين اهي ونجهر هوندا آهن ۽ اڏارن تي شڪار..................... اهڙي ريت وڃن ٿيون اسان جي ملڪ مان پکين ۽ جانورن جو نسلون ختم ٿينديون.
    پکين جي انهن ظالم ٺيڪيدارن جا خاص موسمن ۾ هزارين معصوم پکين سان ڪمرا ڀريا پيا هوندا آهن جن ۾ رکيل پکين جون اهي ظالم (ان خوف کان ته ڀڄي نه وڃن) ٽنگون ڀڃي فرش تي ڦٽي ڪري ڇڏيندا آهن جتي اهي بي زبان موت جي انتظار ۾ معصون اکيون ٽمڪائيندي ۽ درد مان چيڪاٽيندي چيڪاٽيندي فرش تي ڪينئن وانگي رڙهندا وتندا آهن............... منڇر، هاليجي، حمل، ڊرگهه وغيره جي رستن تي به وڏيرن ۽ ٺيڪيدارن جا ڪارندا ننڍڙيون ڪوٺيون ٺهرائي روڊن تي فطرت جي انهن خوبصورت شاهڪارن کي کنڀڙين يا ٽنگن کان پڪڙيون ايندڙ ويندڙ مسافرن، موٽر سائيڪلين، ڪارين ۽ ٻين گاڏين وارن کي کپائڻ لاءِ بيٺي نماءُ ڪندي ملندا.............کين ڪو انساني، سماجي يا رياستي ڀوءُ ڀولو ڪونه هوندو آهي. ساڳي حالت اسان جي ملڪ ۾ موجود جنگلي جانورن سان به آهي. پکين ۽ جانورن جي شڪار جي معاملي ۾ وڏيري کان ڀوائتو ڪردار اسان جي ملڪ جي غريب طبقي جو به آهي جيڪو پڻ ان ڏس ۾ تمام وڏو ڏوهاري نظر اچي ٿو.
    [​IMG]
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']

    [​IMG]
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']

    [​IMG]
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']

    [​IMG]
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']

    [​IMG]
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']
    =AZXPaUJs6Vt2iNQfiNE_dkQ32AXhe3uuI2YSoQaqfgmx3La6ADPqqlI_381B3O41HGgXmxzKwS4l1KKidk7UwgnDNIXboxMtcRn6rtjzDlnpkuUu2Z1syt49uelE9mGEEHs&__tn__=*bH-R']


    9090
    20 comments
    49 shares
    Like


    Comment

    Share
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو