ڪتي جي قبر(تحريرـ آصف رضا موريو)

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏19 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    291
    ورتل پسنديدگيون:
    22
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    قمبر ضلع سان سلهاڙيل ڪوهستاني جابلو سلسلي جي هڪ چوٽيءَ جو نالو ڪتي جي قبر آهي. سطح سمنڊ کان قريبن 6884 فٽ (2100 ميٽر) (جي پي ايس مطابق) مٿاهين تي موجود هن جابلو سلسلي جي اونچي چوٽي ڪتي واري قبر سنڌ جي شهر قمبرکان اولهه طرف قريبن اسي ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ڏاڙهياڙي جبل ۽ بارغ ٽونڪ جي دنگ تي موجود آهي. هي قبر جنهن چوٽي تي موجود آهي سا مشڪل سان هڪ سو فٽ ويڪري ٿيندي. قبر واري ان جاءِ تي نشاني طور پٿرن جو ڍڳ ڪڏهن وکريل ڪڏهن سڌريل حالت ۾ ملندو آهي جڏهن ته ڪنهن دور ۾ اها قبر درست حالت ۾ موجود هوندي هئي.
    ڪنهن دور ۾ اولهه اوڀر مهين جوڙايل ان قبر جي اونچائي 3 فٽ، ڊيگهه 7 فٽ ۽ ويڪر4 فٽ هوندي هئي. جتي علاقائي روايتن، تاريخي ڪتابن ۽ سينه بسينه هلندڙ رزميه داستانن مطابق هڪ بروهي همراهه پنهنجي وفادار ڪتي کي ڪنهن دور ۾ اتي دفن ڪيو هيو. ڪتي جي قبر جي اتر ۾ ڏاڙهياڙي جبل جا وشال ميداني حصا، ڏکڻ ۾ کيرٿر جون آڪاش ڇهندڙ بيشمار چوٽيون جن ۾ خاص پرپڪي، بارغ، ڪچرڪ ۽ حرباب وغيره آهن. اولهه ۾ ڪندي جي گري ۽ اوڀر ۾ کوڙي وادي جا دل افروز نظارا پڻ موجود آهن جيڪي جيڪڏهن هتي سٺو ماحول جوڙيو وڃي ته سياحن کي پنهنجو پاڻ ڏانهن ڇڪڻ جي ڀرپورصلاحيت، حسن ۽ جادوگري رکن ٿا.
    ڪتي جي قبر وٽ بيهي چوطرف جو نظارو ڪبو ته قدرت جا عجيب و غريب دل موهيندڙ ۽ دل ڏاريندڙ نظارا نظر ايندا. پري پري تائين نه ماڻهو نه ڇيڻو، نه وڻ نه ڇانوءَ، نه پکي نه پکڻ، نه ڍور نه ڍنگهر. عجيب خاموشيءَ ۾ پهاڙي ڪانون جون ڪيڪون به شينهن جي گجگوڙ وانگر ڇرڪائينديون آهن. سياري ۾ هنن پربتن جون راتيون خوفائتيون ٿينديون آهن ته گرمي ۾ اونهاري جي ٽچڪندڙ ڏهاڙن ۾ ڪوهستان جا پٿريلا آڳر اهڙي اوٻر ۽ گرمي ڪڍندا آهن جو ڄڀ وات ۾ ئي نه بيهي.
    تاريخي ڪتابن ۾ پڙهندو رهندو هيم ته ڪوهستان جي ڪجهه علائقن خاص طور تي چشمن ۾ ڪوهه ڪاف جون پريون وهنجڻ اينديون آهن ان لاءِ 10 سال اڳ مان قريبن 26 ڏينهن وجهه وٺي رات جو پهاڙي چشمن، ندين ۽ آبي وهڪرن تي راتين جون راتيون پرين جي کوج ۾ تڪيندو جاڳندو رهيو هيس پر ڪڏهن پريون ته ڪونه نظر آيون پر بگهڙ، گدڙ، مرون، جهنگلي ٻلا، سيهڙ وغيره جام ڏٺا. هڪ دفعو لنڊي بٺي واري علائقي ۾ هڪڙوايترو ته قدآور جهنگلي ٻلو سامهون پيو جو پهرئين جهلڪ ۾ مون سمجهيو ته ڪو چيتو آهي پر پوءِ ٽارچ جي روشني ۾ غور سان ڏسڻ سان خيال مٽائڻو پيو جو هو تيز روشني پسي ڇلانگ لڳائي وٺي ڀڳو. جيڪڏهن اهو ٻلي بجاءِ چيتو هجي ها ته هن وارو عمل مان ڪيان ها.
    روايتن، ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن تي آڌارت سنڌ بلوچستان جي سرحدي ڪوهستاني علائقي تي سنڌ پاسي واقع هڪ اونچي چوٽي تي واقع ڪتي جي قبر جي قدامت ڪجهه سو سال مشڪل سان هوندي. تاريخي ڪتابن جي دنيا جهاڳڻ سان ڪتي جي قبر جو سڀ کان پهريون ذڪر 1857ع ڌاري انٽلي نيپيئر ريڪس جي لکيل ڪتاب فوڪ ٽيلس آف سنڌ اينڊ گزارٽ ۾ ملي ٿو. مرزا قليچ بيگ 1885ع ۾ لکيل پنهنجي ڪتاب تقريرون ۽ تحريرون ۾ به ڪتي جي قبر جو ذڪر ڪري ٿو. تنهن کان پوءِ آهستي آهستي ان علائقي جي افاديت وڌندي رهي. 1861ع ۾ برطانوي آفيسر جارج هينڊرسن ۽ 1862ع ۾ مسٽر بولٽن پڻ ڪتي جي قبر تي آيا هيا ۽ انهن پنهنجي تحريرن ۾ هن ماڳ جو ذڪر پڻ ڪيو آهي. کين هي پرفضا مقام تمام گهڻو پسند آيو جو انهن پنهنجي روزنامچن، فيلڊ بڪن ۽ گزٽن وغيره ۾ هن علائقي کي فوقيت ڏيڻ جي سفارش رکي هي. ان سفارش کان پندرهن سالن تائين ويچار، وزٽون ۽ ڪاغذي ڪاروايون ٿينديون رهيو. 1876ع ڌاري انگريزن هن علائقي ۾ پنهنجي آفيسرن لاءِ گرميون گذارڻ واسطي سينيٽوريم جو قيام عمل ۾ آندو. 1940ع ڌاري جيڪب آباد ۾ پنهنجي ڪمشنري دوران جڏهن ايچ ٽي ليمبرڪ نواب عيبي خان جي دعوت تي ڪوهستان ۾ شڪار کيڏڻ آيو هيو تنهن کي به علائقي جي فطري حسن سبب تمام گهڻو موهيو ۽ هن پڻ ان خوبصورت زميني خطي جي ترقي لاءِ تمام گهڻيون سفارشون ڪيون.
    ڪتي جي قبر تائين پهچڻ
    ڪنهن دور ۾ ڪتي جي قبر تائين رسڻ تمام گهڻو مشڪل هوندو هيو پر هاڻي بلوچستان جي ڳوٺ ڪرخ کان هڪ ڪچو رستو ٺاهيو ويو آهي جيڪو سڌو هڪ ٻئي ڳوٺ باري شاهه تائين وڃي ٿو پر ان ڳوٺ کان گهڻو اڳ هڪ ديهي وستي قيوم چٽو ڀرسان سواري ڇڏي اڳتي ڪتي جي قبر وڃڻ لاءِ قريبن چاليهه پنجاهه منٽن تائين پنڌ هلڻو پوندو آهي جو اڳتي ڪو گاڏر چارو ڪونه آهي. گاڏي ڇڏڻ واري ميداني جاءِ تي هڪ وڏو تلاءُ هيٺائين تي ٺاهيو ويو آهي جنهن ۾ برسات جو پاڻي چئني پاسن کان وهي اچي ان ۾ پوي ننڍڙي ڍنڍ جي صورت اختيار ڪري ٿو جنهجن جو پاڻي اتي اچڻ وڃڻ وارن سياحن ۽ علاقائي مارن، مالوندن، هارين ۽ ڌنارن لاءِ سودمند رهي ٿو.
    هيترو سارو ڪشالو ڪڌي، پهاڙي چارا چڙهي، ونگ ڪهي، دنگ لتاڙي، جان صحت جوکم ۾ وجهي پنهنجي منزل تي پهچڻ کان پوءِ اسان کي ڪتي جي قبر ڏسي رياستي ذميداري ۽ بحيثيت مجموعي پنهني قومي ڪردار تي گهڻي مايوسي ٿئي ٿي. هڪ مٿاهين واري جاءِ تي بي ترتيب ننڍي وڏي پٿرن جو ڍير پيل آهن جنهن کي ان “ڪتي جي قبر” مڃيو وڃي ٿو جنهن سان بروهي همراهه ۽ ان جي ڪتي واري ڪهاڻي ٻڌندا رهندا آهيون. پٿرن جي ڍڳ واري ڪتي جي قبر جي ڀرسان 5 فٽ ڊگهو ۽ ڏيڍ فٽ ويڪر واري گول دائري وارو سيمينٽ جو هڪننڍڙو حوض پڻ ٺهيل آهي جيڪو برسات پوڻ ڪري مينهن جي پاڻي سان ڀرجي ويندو آهي جيڪو ڪتي جي قبر ڏسڻ ايندڙ لوڪن لاءِ لاڀائتو رهي ٿو.
    ڪتي جي قبر جا پاڙيسري قبيلا
    سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي واقع ڪتي جي قبر واري هن علائقي جا مقامي ڇٽا ۽ بروهي لوڪ جيڪي کيرٿر جي ان حصي جي اوسي پاسي گهڻائي ۾ رهن بسن ٿا سي ڪتي جي قبر واري ڪهاڻي، نشاني ۽ پهاڙي علائقي ۽ حصي کي به سياري جي باهه جيان سوري پاڻ سان منسوب ڪندا رهندا آهن. ڪتي جي قبر جي چوڌاري ميلن تائين پکڙيل کيرٿر جي پهاڙن ۾ وسندڙ وستين جا رهواسي قبيلا گهڻو تڻو سنڌي ۽ بلوچ آهن جن مان ڇٽا قوم جون چڱيون آباديون بلوچستان واري پاسي ۾ رهن ٿيون جڏهن ته چانڊيا ۽ گائنچيا سنڌ واري حصي ۾ رهندا اچن ٿا. چانڊيا کيرٿر جي اڀرندي شروعات ۾ قمبر ۽ دادو ضلعن ۾ رهن ٿا جيڪي پڻ بلوچ سڏائن ٿا توڙي جو تاريخي حقيقتون کين سنڌي بڻائي پيش ڪن ٿيون. بروهين جو پڻ گهڻو تعداد کيرٿر جي سنڌ ۽ بلوچستان واري علائقي ۾ صدين کان رهندو اچي ٿو. انهن کان علاوه کيرٿر جي مختلف علائقن ۾ ڪيترائي ٻيا مشهور سنڌي ۽ بلوچ قبيلا رهن ٿا جهڙوڪ سولنگي، مگسي، ٻرڙا، نوحاڻي، لنڊ، مري، بوزدار، بگٽي، لاشاري، گبول ۽ برفت وغيره وغيره جن مان اڪثر جو گزر بسر مال متاع تي ٿيندو رهيو آهي.
    ڪتي جي قبر متعلق سنڌ يا بلوچستان ۾ هئڻ متعلق سماچار
    بدقسمي سان انهن پهاڙي علائقي ۾ رهندڙ سنڌي يا بلوچ قبيلا اتان جي شهري آبادي جيان ڪڏهن به هڪ ٻئي سان دوستاڻا تعلقات قائم ڪري ڪونه سگهيا آهن. سندن جهيڙن جهڳڙن ڪري نو رڳو وڏيرن، مٿيرن، قبضه خورن، سردارن ۽ سرندي وارن جا مفادات جڙندا رهنداآهن پر علائقن ۾ رهندڙ عام ماڻهن سان گڏ جنگلي، پهاڙي، آبي جانورن ۽ پکين جي آبادين سان ڪوجها ڪلور ٿيڻ سان گڏ اتان جي صديون پراڻي روايتن، ماڳن، مڪانن سان هٿ چراند پٽاندر زميني ۽ جاگرافيائي استحصاليون پڻ هر روز پر پکيڙينديون رهن ٿيون. اهڙين ئي اڻ بڻتن جي ڪردارن چانڊين ۽ گائنچن جي جهڳڙن سبب ڳچ سال اڳ ڪتي جي قبر وارو تاريخي نشان پڻ ڊاهيو ويو هيو جنهن جو الزام هر قبيلو پنهنجي مخالفن تي مڙهيندو نظر اچي ٿو.
    عربن سنڌ تي بيشمار حملا ڪيا پر هر دور ۾ اهي سنڌي بهادرن جي سامهون ٽڪي ڪونه سگهيا سواءِ آخري حملي جي جنهن شهيدِ سنڌ راجا ڏاهر جي جنگ جي ميدان ۾ مارجي وڃڻ کان پوِءِ بازي عربن جي هٿ ۾ آئي. ان کان ڪيترائي سال اڳ ڌرتي جي گولي تي سنڌ جون حدبنديون يا سرحدون تمام وسيع هونديون هيون جهڙوڪ ڏکڻ ۾ مڪران ۽ ان جا ساحلي علائقا، اتر ۾ ڪشمير سمورو ۽ اولهه ۾ ڪنڌار ۽ موجوده افغانستان جوکوڙ سارو حصو اچي ويندو هيو. عربن جي ڪاهه کان پوءِ سنڌ جي تاريخ ۾ راجا ڏاهر جهڙو ٻيو ڪو جوڌو نظر ڪونه ٿو اچي جنهن حملي آورن جا ڏند کٽا ڪيا هجن تنهنڪري ان وقت کان پوءِ سنڌ مسلسل حملي آورن لاءِ سولي رهي آهي. جنهن کي جيئڻ وڻيو تيئن رهيا سنڌ ۽ سنڌين کي لٽيندا ڦريندا، لٽيندا ۽ ڏڀيندا. حملي آورن رڳو سنڌ مان مال دولت ڪونه لٽي پر انهن جي تهذيب، تمدن ۽ تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ سان گڏ ان جي جاگرافيائي حدبندين کي پڻ ڪپيندا، کائيندا ۽ ڳرڙيندا رهيا. ناجائزين جو اهو سلسلو اڃان تائين جاري و ساري آهي. هر روز ڪٿي نه ڪٿي سنڌ جو ڪونه ڪو حصو گدڙ کائيندا رهن ٿا. اهڙي ئي هڪ زميني استحصالي اڄ ڪلهه ڪتي جي قبر سان ٿي رهي آهي جو ڪجهه سالن کان بلوچستان حڪومت ڪتي جي قبر واري ماڳ کي پنهنجي صوبي جي جاگرافيائي والار ۾ ڪڇي رهيا آهن توڙي جو هنڌ، سنڌ ۽ بلوچستان جي هر مستند تاريخي ڪتاب ۾ ڪتي جي قبر واري ماڳ متعلق سنڌ جي مالڪي واريون تصديقون ملن ٿيون.
    جڳ مشهور ڪتاب “سنڌ هڪ عام جائزو” ۾ مسٽر ليمبرڪ ڪتي جي قبر واري ڪوهستاني حصي کي سنڌ جي حدن اندر ۽ بارڻ ندي جي اتر ۾ لکيو آهي. اهڙي ريت ڪوهستان جي علائقي ۾ ئي کوٽاين دوران سنڌ جي ماڳن لاءِ جان ڏيندڙ اين جي مجمدار پنهنجي ڪتاب “ايڪسپلوريشن ان سنڌ” جي پيج نمبر3 تي کير ٿر متعلق لکي ٿو ته “هي سنڌ جو اهم جابلو سلسلو لاڙڪاڻو ضلع جي حدن اندر اچي ٿو”. مرزا قليچ بيگ پنهنجي ڪتاب “قديم سنڌ” ۾ ڪتي جي قبر واري ماڳ کي لاڙڪاڻو جو حصو ڄاڻايو آهي.” انگريزي ڪتاب “لينڊ اينڊ لائيف ان سنڌ پاڪستان” ۾ مشتاق الرحمان ڪوهستان کي سنڌ صوبي جو حصو لکيو آهي. انگريزي “ڪتاب دي سنڌ هل ڪنٽري” جي چاليهين پيج تي ڪتي جي قبر کي سنڌ جي پهاڙي سلسلي جو هڪ اهم ماڳ لکيو آهي. اهڙي ريت بيشمار ديسي پرديسي مورخن پنهنجي پنهنجي ڪتاب ۾ ڪتي جي قبر واري ماڳ کي سنڌ ۽ لاڙڪاڻو (پهريون قمبر شهر لاڙڪاڻو ضلع ۾ ايندو هيو) جو حصو لکيو آهي.
    ڪتي جي قبر وارا ٽي سنڌي لفظ
    “ڪتي جي قبر” وارا ٽي لفظ پڻ سنڌي زبان جا آهن. پراڻي دور ۾ سنڌي لوڪ صدين کان سنڌ ۾ موجود مختلف حصن، شين، وڻن، پهاڙن ۽ ماڳن وغيره تي رکندا ايندا آهن. ڪوهستان جي جابلو سلسلن جي مختلف حصن تي پڻ سنڌي نالا رکيل مليل ٿا جهڙوڪ بذات خود کيرٿر نالو پڻ سنڌي زبان جو آهي جنهن جو مطلب آهي کير جي ٿري جهڙو (اڇو)، اهڙي ريت هتي ئي اڇو جبل، ڇڇانگي، يا وري درياڙو جيڪو پڻ ٻن سنڌي لفظن جو مرڪب آهي در يعني دروازو ياڙو اصل ۾ هڪ سنڌي نالي يارو جي بگڙيل شڪل آهي جيڪا پڻ يارمحمد يا يارعلي وغيره جي بگڙيل شڪل ٿي سگهي ڇوته سنڌ جي واهڻن ۾ اڌ نالا وٺڻ جو رواج تمام گهڻو رهيو آهي جتي اڪبر کي اڪو، غلام محمد کي گلڻ يا گلو، يار محمد کي يارو، روشن کي رونشو، جان محمد کي جانو يا جانڻ، مور کي مورڙو وغيره وغيره ڪوٺيو ويندو آهي. اهڙي ريت اتي موجود هڪ پهاڙ کي ڪڪريو جنهن جو مطلب آهي ڀڳل، ٽٽل، ڪوريل يا ڪڪوريل بيهي ٿو. انهن جبلن ۾ هڪ سلسلو ڪارو جبل پڻ آهي وغيره وغيره جيڪي ظاهر ڪن ٿا ته انهن تي ڏنل سنڌي نالا سنڌ ۽ سنڌين جي مالڪي سبب ئي پيا هوندا.
    ڪتي جي قبر گهمڻ جو بهترين موسم
    سنڌ جا پهاڙي علائقا گرمي جي مند ۾ گهڻا گرم ۽ سياري ۾ تمام ٿڌا ٿيندا. ڪتي جي قبر واري جابلو علائقي کي گهمڻ لاءِ بهار جو موسم تمام بهترين سونهيو وڃي ٿو. ان مند ۾ موسم جي شادابي به ڏسڻ وٽان هوندي آهي جو پٿريلي، ٺوٺ، سکيل ۽ موسمن جي ستايل ان علائقي ۾ سردي ۽ گرمي وچان اڌ مئا ٿيل وڻ، ٻوٽا، سر، ٻوڙا وغيره به جوڀن ۾ اچي انتهائي خوبصورت سمان پيش ڪندا آهن آهن ته سڪايل، ستايل ۽ بکايل پکي پکڻ ۽ جانور به موج ۾ اچي واهيرو لاهيرو ڪندا آهن. ٺريل موسم جي ان ڀلائي، رنگيني ۽ سونهن جو اثر ان مند ۾ علاقي جي ماڻهن جي طبيعت ۽ مزاج ۾ به سولائي سان لهي سگهجي ٿو جيڪي ٻين موسمن جي ڀيٽ بهاري واري مند ۾ وڌيڪ قربائتا، مهمان نواز ۽ سٻاجها هوندا آهن.
    حقيقت اها آهي ته “ڪتي جي قبر” وارو اهو ماڳ سنڌ ۽ بلوچستان جي سرحد تي سنڌ جي پاسي ڏانهن وريل آهي ان جي ڪنهن به صوبي ڏانهن لاڙڻ سان ان جي جاگرافيائي، زميني يا اميري صورتحال تي ڪوبه فرق ڪونه ٿو پوي جو ان ماڳ جي ايتري ڪا تاريخي، تهذيبي، تمدني يا زميني اهميت ڪونه آهي جو ان جو ڪنهن به پاسي هئڻ سان علائقو خوشحال يا ماڻهو مهذب ٿي پون. سمجهه ۾ ڪونه ٿو اچي ته ان کي بنڊ وانگر گهلي پاڻ ڏانهن سوري بلوچستان حڪومت ڇا ثابت ڪري رهي آهي. ۽ ڇو ان ننڍڙي زميني ماڳ کي بڻياد بڻائي انهن ٻن قومن، ٻن صوبن، ٻن تهذيبن وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي جيڪي صدين کان وٺي هڪ ٻئي سان ڪلهو ڪلهي ۾ ڏئي جيئڻ جا جتن ڪري رهيون آهن. ڇا اها حڪومتي پاليسي آهي يا ڪنهن سردار، وڏيري يا سرڪاري ڀوتار جي ڪارستاني آهي. بحرحال قومي، اخلاقي ۽ تهذيبي ساڃاهه وندي اها آهي ته اتهاس جي پنن ۾ جنهن جاءِ تي “ڪتي جي قبر” وارو ماڳ موجود آهي ان کي اتي ئي رهڻ ڏنو وڃي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو