تري نه تانگهار ۾ (تحريرـ نور احمد جنجهي)

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    شاه ڪريم پنهنجي شاعريءَ ۾ هنجهه جو ڪردار طور ذڪر ڪيو آهي ته شاه عبداللطيف ڀٽائيءَ سُر ڪارايل ۾ هنجهه کي ڳائيندي ، فرمايو آهي ته ، ”اکڙيون اوڙاهه ۾ ، اُڀو تڪي تار، پٿون جي پاتار، هنجهه تنين جو هيرئون.“ خليفي نبي بخش ساڳي روايت جي تسلسل ۾ ڪارايل جو سر تخليق ڪندي ، ان ۾ هنجهه جي گڻن بابت لکڻ سان گڏوگڏ ڪوپي ”ڪارائڙي “ سمي کي به ڳايو آهي. هنجهه سدائين اونهائيءَ جي وٿن جو ذوق رکندڙ پکي آهي جنهن جي نگاهه اونهي اوڙاهه يعني ڪُن کي ڳوليندي رهي ٿي ڇاڪاڻ ته سندس چوڻو ”موتي “ ۽ انهن جا ٽڪرا يعني پٿون آهن. هنجهه جو کاڄ ”چيڻو “ ۽ چلڙ قطعي ناهي. هنجهه جنهن تلاءَ تي هوندو انهي نياڻ ۾ به خوشحالي پيدا ٿيندي. هنجهه سان انيڪ ديومالائي ڳالهيون به ڳنڍيل آهي. هنجهه جي گڻن ۾ وطن سان وچن ، ساٿ سان نباهه ۽ سونهن جي ساٿ جهڙا ڳوڙها گڻ وابسته آهن، هنجهه جنهن تلاءَ تي رهندو آهي، انهي تلاءَ سان سندس وابستگي تاحيات هوندي آهي. سر سُڪي وڃي پر هنجهه سر کي الوداع نه ڪندو. هنجهه جي ڪلچر ۾ ڇلري ڇلري ڀٽڪندڙن کي ڪير به ڀلو نه چوندو تنهنڪري سدائين وطن سان وچن نباهبو. پنهنجي وطن يعني نياڻ سان ايئن ڳنڍجي رهڻ وارو گڻ ۽ ساٿيءَ سان سٻنڌ ۾ سچو رهڻ به هنجهه جو شيو و آهي. هنجهه سدائين جوڙي جي صورت ۾ رهن ٿا. جوڙي مان داڻو مري ويو ته ٻيو داڻو ان جي فراق ۾ رڙيون ڪندي ڪندي جهان ڇڏي ويندو. هنجهه پاڻ سُندر سهڻو ۽ من مهڻو پکي آهي. هو جنهن سر کي اچي آباد ڪري ٿو ته اهو سر سُرهو به ٿي پوي ٿو ته سَرهو به بڻجي وڃي ٿو . خليفي نبي بخش هنجهه جي اونهائي پسنديءَ کي هنن لفظن جي صورت ڏني آهي؛
    هنجهه ملي ٿو منجهه ، تري نه تانگهار ۾
    جنهن سر پوندو سنجهه ، سو سر ڪندو سرهو
    هنجهه بابت ڳالهه ڳائڻ کان اڳي ، خليفو نبي بخش قاسم ”ڪارايل “ سمي جي ڳالهه ڪري ٿو جيڪو ڪوپو آهي. سمي جي رهاڻ جي ڳالهه کي ساريندي ، سندس جدائيءَ جي ڪيفيتن کي بيان ڪري ٿو. انهي ڪوپي بابت ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي مرتب ڪيل ”خليفي صاحب جو ڪلام “ ۾ احوال ڏنو آهي جنهن مطابق ڪارايل ڪڇ جو سمو هو جنهن ڪڇ جي حاڪم سان چوٽ کاڌي. بادشاه کيس ڊوهه سان گهرائي قتل ڪرڻ چاهيو ته ڪارايل پنهنجي پٽ کي چيو تون منهنجو سر لاهي کڻي وڃ متان دشمن جي هٿان بيعزتي ٿئي. اهو سر کڻي ڇوڪرو جڏهن گهر ويو ته ڪارايل جي ڀيڻ ۽ ماءُ ان مٿي کي پينگهي ۾ وجهي لوڏيو ۽ اوساريو. ايئن ڪارايل جو داستان مشهور ٿيو. ماڻهن ڪارائڙي سمي بابت ڪيئي آکاڻيو گهڙي مشهور ڪيون ۽ هو ڪڇ جو هردلعزيز ڪوپو ٿي اُڀريو.خليفو نبي بخش سُر ڪارايل هن ريت شروع ڪري ٿو؛
    ڪارايل مون ساڻ ، ڪر ڪي ڪالهوڻيون ڳالهڙيون
    راتو ڏينهن رهاڻ ، سما ! تنهنجي ساريان
    ڪارايل مون وٽ ، ڪر ڪالهوڻيون ڳالهڙيون
    کامان پسيو کٽ ، جنهن سر ڏنئي پيرڙا
    انهي کانپوءِ ، شاعر هنجهه جي گڻن بابت اظهارڪندي ، پکيءَ جي اُداسيءَ جو احوال ڏئي ٿو. هنجهه جو جن سان هنياري يعني هنيين وارو يا دلي تعلق هو اهي دنيا ڇڏي ويا آهن. جن سان سندس جيءَ ٻڌل هو ۽ هنجهه جن جو ٻانڌاڻي هو سي هليا ويا آهن. ٻانڌاڻي يا ٻنڌاڻي هئڻ جو مطلب آهي ڪنهن شئي جي عادت ٿي وڃڻ يا نشو ٿي وڃڻ. اهي هنجهه جن سان صحبت ۽ سنگ هو سي هي سر ڇڏي هليا ويا ۽ وڃي ساگر جا ساڪن ٿيا. اهڙن دلبرن جي ڦوڙائي ۾ ڳوڙها ڳاڙي سگهجن ٿا. پک ڇنڊڻ اهڃاڻ آهي پسڻ کان پوءِ وري نئين سر سنبهڻ جو. وڳرن جو وڃڻ به اهڃاڻي تشبيهه آهي. انسان لاءِ هيءَ دنيا اچ وڃ جو منچ آهي . هر پنهنجو ويس ڌاري ڪردار نباهي هليو وڃي ٿو. ويلن جي جدائيءَ ۾ ڳوڙها ئي ڳاڙي سگهجن ٿا، هنجون هاري سگهجن ٿيون لڙڪ لاڙي سگجن ٿا؛
    آهي اڄ اداس ، اُٿيو ڇنڊي پکڙا
    وئڙا وڳر سنداس ، هنج هنياري جن سان
    جن سان جيءَ ٻانڌاڻ، سي اڄ نه آئيا آنهري
    ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان ، قاسم اُني ڪاڻ
    هيءُ سَرُ ڇڏي هاڻ ، ساڪن ٿيا سمونڊ جا
    اهڙي جدائي ڀوڳيندي ، خليفو نبي بخش سَرَ جي آباديءَ لاءِ دُعا گهري ٿو ته سر سدائين آباد رهي . نياڻ جو نينهن قائم دائم رهي. هنجهه جي جدائيءَ ۾ سڀئي پکي اُداسيءَ ۾ ٻُڏل آهن. پکين جون به ڪيئي ذاتيون آهن يعني قسم ۽ نمونا آهن. انهن سڀني پکين مان ”هيرو “ آڻڻ جي امانت رڳو هنجهه کي ملي آهي. هنجهه سڀئي هنجهه آهن . سڀئي سر جا سوجها آهن . سڀني جي وات ۾ ماڻڪ موتي آهي پر ڀٽائي جي بقول ”باهوتاڻي بات “ رڳو ”للي “ جي حصي ۾ آئي آهي. ڪائنات جي سموري وجود جي ٻهڳڻائپ ۾ گهڻا گهڻي فطرتي آهي. هر شئي جو رنگ ، رخ ، ساٿ ۽ سنگ الڳ الڳ آهي. انهي تنوع ڪائنات کي سونهن عطا ڪئي آهي. شاعر نه رڳو سلوڪ جي مام ۽ نينهن جي نقطن کي ڳائين ٿا پر انس گڏوگڏ فطرت جي جنسار بابت به ڄاڻ موکين ٿا. خليفو نبي بخش قاسم پکين جي ذاتين جو تعداد ٻُڌائيندي فرمائي ٿو؛
    سر سُڃو م ٿئي ، هنجهه هميشه هوءِ
    پکي توکان پوءِ، وري پيا وماس ۾
    پنج ست ذاتيون پکڻا، چوڏهن چار چون
    قاسم منجهان تن ، هيرو آندو هنجهڙي
    پدم ذاتيون سوا لک سُجهن
    قاسم منجهان تن ، هيرو آندو هنجهڙي
    فطرت جي ارڙهن هزار جنسن ۾ پکين جو حصو پنج ست جيتروئي هوندو. انهي ٿوري تعداد ۾ به هنجهه کي جيڪو مان مليو آهي سو شان وارو آهي. هنجهه جي ڳالهه ڳائيندي ، خليفو نبي بخش قاسم ”وليت “ جي اداري جي ڳالهه ڪري ٿو. هو چئن پيرن، چوڏهن خانوادن، زاهدن ۽ عالم جو ذڪر ڪري ٿو. قبرن جو ڪشف رکڻ وارن جي ڳالهه ڪري ٿو ته دلين جي دفترن جي آگاهي رکندڙن جو به نالو کڻي ٿو. هو غوث جو حوالو به ڏئي ٿو. انهن بابت ”خليفي صاحب جو ڪلام “ ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ لفظن جي تشريح واري ڀاڱي ۾ وضاحت ڏني آهي. اهڙي طرح خليفو صاحب شعو ري طور انهن ڳالهين به متعارف ڪرائي ٿو ته سلوڪ جون ڪهڙيون واٽون آهن. اسلامي دنيا جي تصوف جو تاڃي پيٽو ڇا آهي ؟ تصوف سنڌ ۾ اچي ڪيئن سنڌي رڱ ۾ رڱجي وڃي ٿو. اهي سڀئي اهڙيون اهم ڳالهيون آهن جن تي الڳ بحث ڪرڻ جي ضرورت آهي. خليفي جي بيت ۾ هن ريت اظهار ٿيل آهي؛
    چار پير ، چوڏهن خانوادا، زاهد ۽ علما
    ڪشف القبور ، ڪشف القلوب، قطب اوتادا
    قاسم غوث مُلا، ماڻڪ مڙن ميڙيين
    ڪشف ڪرامت جون سڀئي ڳالهيون اهڙيون ڳالهيون آهن جيڪي عقل کان ڏورانهيون لڳن ٿيون تنهنڪري ماڻهوءَ جي ذوق کي به متاثر ڪن ٿيون. تصوف جي تعليم ۾ مُکيه نقطو ”عشق “ آهي جنهن جي تربيت ڪانهي پر ان جو ”ٿيڻ“ ئي ان بابت سيکاري ٿو. دنيا ۾ طاقت جي اظهار جا ٻه طريقا آهن. هڪ ته اهو تلوار سان جسامت سان ٿئي ٿو ٻيو طريقو آهي دل مان نڪتل ڳالهين يا خاموشيءَ سان اڃا به وڏيڪ ڪم ٿين ٿا. اصل ۾ ماڻهوءِ پنهنجو پاڻ کي جڏهن اُتم مدارجات مان ڪيرايو ته پوءِ هو پستين ڏانهن هليو ويو. جتي سندس ڪم ڳالهه سان يا ارادي سان ٿي پوندو هو اهو ساڳيو ڪم گوڙ شور ۽ تلوارن توڙي هٿيارن نٿو ٿئي. انهي تناظر ۾ هنجهه ۽ ڪانيري جي ڀيٽ ٿئي ٿي. هنجهه اُهڃاڻ آهي انهي خوبصورت جذبي جو جنهن ۾ وچن نباهه آهي وفاداريءَ جو. وطن سان وفاداريءَ جو وچن ، محبوب سان وچن ۽ سندرتا جي ساک.
    هن سُر جون ٻه وايون به ساڳي خيال تي آڌارڪ آهن جن ۾ هنجهن جو ذڪر آهي. هنجهن جي قسم للي جو ذڪر آهي. شهبازن جي تڪيئي لاءِ لهن پاران لاتيون ڪرڻ جي ڳالهه جو اظهار ڪيل آهي. سر ته ساڳي آهن پر هنجهن جي وڃڻ کانپوءِ ٻين پکين اچي واهيرو ڪيو آهي ؛
    پکي پون ٻيا، سر اهي ئي اڳيان
    هيءُ سر ڇڏي هنجهڙا، وڏي سر ويا
    اونهي وئڙا اوهري ، للا لالن لاءِ
    شهبازن جي تڪيي ، لاتيون ڪن لها
    آنهيرا اُن ڀيڻيين، ڪانيرن ڪيا
    قاسم ڏٺي ڏينهڙا، توڙا تن ٿيا
    هنجهه جڏهن آنهيرا ڇڏي ٿا وڃن ته انهن ڀيڻين تي اچي ڪانيرا ديرو دمائين ٿا جنهن سان سموري ماحول ۾ هڪڙي گڙبڙ ٿي پوي ٿي. اهڙي گڙ ٻڙ ننڍن مسئلن کي جنمي ٿي. فطرت جو جنسار زخمجي ٿو. هنجهه ۽ ٻگهه يا ڪانيري جي ڀيٽ ڪندي ، ڳايل هن قسم جي ڳالهين مان شاعرن جي سماجي شعور جي پروڙ پوي ٿي. سنڌي ڪلاسيڪي شاعرپنهنجي راءِ ان جي رخ ۾ تمام چٽا آهن. وٽن توحيد ، رسالت ، وليت ، مقاميت ۽ فطرت دوستيءَ جو اظهار کليل لفظن ۾ ملي ٿو. ڪلاسيڪي سنڌي شاعري ٻوليءَ جي لحاظ کان به شاهوڪار آهي. خليفي نبي بخش جي ٻولي ڀٽائي جي ٻوليءَ جو تسلسل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو