ڀلوڙي مٺڙو ٻولن مور ...! نوراحمد جنجهي

'مختلف موضوع' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏20 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ٿر جي ڌرتي جتي جاگرافيائي گهڻا گهڻي رکندڙ دلبر ڌرتي آهي تتي ان ۾ ادب ۽ ثقافتي ٻهڳڻائپ جا به انيڪ رنگ آهن. ٿر جو وارياسو پٽ ، مٽيهاڻي ڌرتي، رڻ ڪڇ جي پٽي ۽ جبل جو ٻاجهارو ٻُڙو ٿرجي سونهن ۽ سوڀيا ۾ واڌارو ڪندي ، هتان جي ماڻهن کي جنهن قدرتي ماحول سان سرفراز ڪن ٿا تنهن مان ئي جيڪو خوشحال خيال وارو ذهن ڦُٽي نڪري ٿو ان مان ئي سداچاري ادب سرجي ٿو ۽ هنرمنديءَ جا هزارين رنگ اُڀري اچن ٿا. اهي سڀئي رنگ ٿر جي ڏيا وان ڏيک لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ جي ماڻهن کي پاڻ ڏانهن ڇڪين ٿا. هتي جي لوڪ گيتن کان وٺي هلندڙ وقت ۾ تخليق ٿيندڙ نظمن تائين واري شاعريءَ ۾ هڪ اهڙو قدرتي رڌم آهي جنهن جي لئي روح کي ڇُهي ٿي. هرهڪ ماڻهو ان کي ٻُڌڻ ڏسڻ ۽ هنڍائڻ جو ديوانو ٿي پوي ٿو. مٺي جهڙو مٺو نالو آهي اهڙي مٺي سڀاُ وارا ماڻهو هتي پيدا ٿيا آهن. مٺيءَ جو بنياد وجهندڙ ئي ”مٺان “ نالي بجيرقبيلي جي عورت هئي جنهن جو نالو تصغيري روپ وٺڻ کانپوءِ مٺان مان بدلجي ”مٺي “ ٿيو ۽ مُلڪان مُلڪ مشهور ٿيو. مٺيءَ جي وسايل شهر ۾ 2 جنوري 1937ع ۾ جنم وٺندڙ پروفيسر سروپ چندر شاد به اهڙو مٺي لهجي وارو گيت ۽ دوهي جو ناميارو شاعر ٿي گذريو آهي. سندس جنم سون گهڙيندڙ قبيلي ۾ ٿيو پر هن سون جي ڳهه جوڙڻ بدران سندر گيتن جا ڳهڻا جوڙيا جن کي هرهڪ ڏسي ، پڙهي ۽ پائي سگهي ٿو. اهي ادب ۽ ثقافت جو سينگار آهن. هُن آنرس گريجويشن کانپوءِ ، انگريزي ادب ۾ ماسٽرس ڪئي ۽ 25 سالن جي ڄمار ۾ تعليم کاتي جي ڪاليجن واري شعبي ۾ ليڪچررجي حيثيت سان داخل ٿيو. سانگهڙ ، ٽنڊو جان محمد ۽ ٽنڊو محمد خان ۾ خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءَ ، 1997ع ۾ پروفيسر جي حيثيت ۾ رٽائر ٿيو. سندس سُڃاڻپ جتي انگريزي ادب جي اُستاد طور آهي اُتي سنڌي ادب ۾ سندس مرتبو نامياري شاعر۽ محقق وارو آهي. اسان سندس نالو ٻاراتڻ ۾ مهراڻ رسالو پڙهندي ، پهريون دفعو پڙهيو جنهن ۾ سندس ڍاٽڪي گيت ”اَئو، اَئو ، ڀائيڙا اَئو“ سندس ئي منظوم سنڌي ترجمي سان پڙهيو. ڇا ته گيت جو گهاڙيٽو هو ۽ ڇا ته ان ۾ سمايل سهڻو خيال هو. اڳتي هلي سائين سروپ چندر شاد سان ڪجهه سال اڳي گاڏي کاتي ۾ سندن ڪنهن مائٽ جي فوتگيءَ دوران مختصر ملاقات ٿي . هو پنهنجي لهجي ، ٻولي ۽ اظهار ۾ هڪڙو منفرد انسان هو جنهن وٽ لفظن جي ذخيري سان گڏوگڏ انهن جي مناسب استعمال ۽ تُز اُچار جو بهترين ڏانءُ به هو. انهي ڪچهريءَ ۾ اندازو ٿيو ته سائين سروپچندر بلند پائي جو اهڙو ناميارو شاعر، ليکڪ ، نقاد ۽ محقق هو جنهن کي سنڌي ادب کي تري ڏيئي هلندڙ ٽولن گهٽ کنگهيو هو ۽ هو سنڌي ادب جي تاريخن جي صفحن تي مناسب جاءِ والارڻ کان رهجي ويو هو. ڪجهه وقت پوءِ پروفيسر سروپچندر شاد جا ڪجهه ڪتاب ٿوري ٿوري وقفي کانپوءِ ڇپجي نروار ٿيا ۽ انهن بابت مختصر تبصرا اخبارن ۾ ڇپيا يا وري سماجي ميڊيا وسيلي ماڻهن تائين سندس تعارف پهتو ته سڀني اک پٽي ته ادب جو هيڏو وڏو نالو سندن وچ ۾ رهي ٿو پر کيس جوڳي مڃتا نه ملي سگهي آهي.
    سائين سان ٻي ملاقات مهراڻ آرٽس ڪائونسل ۾ سندس شاعري کي ڪريم فقير پاران ڳائي رڪارڊ ڪرائڻ دوران ٿي جنهن ۾ سندس سپوٽ ۽ حليم پٽ دليپ ڪمار به گڏ هو. انهي مختصر ملاقات ۾ به شاعري ۽ ٿر تي ئي ڪچهري ٿي. سنڌ جي هن نامياري شاعر تازوئي (28 مارچ 2021ع ) هي جهان ڇڏيو آهي .
    سندس علمي ورثي ۾ 11 ڇپيل ڪتابن ۽ ٽي اڻ ڇپيل ۽ اڌورا مسودا شامل آهن. ڇپيل ڪتابن ۾ 1. مٺيءَ جي تاريخ (1956ع) 2. ڀوڏيسر جون ڪهاڻيون (1957ع) 3. مضمون موتين جهڙا (1961ع )، 4. هنومان چاليسو انگريزيءَ مان ترجمو (2005ع)، 5. مٽي ٿي مهڪي (2016ع )، 6. مٺڙو ٻولن مور 7. ڳائينداسين ڳلي ءَ ڳليءَ (2017ع)، 8. چوڏهين چنڊ اُڀريو (2017ع ) ، 9. دوها سون ساريڪا (2017ع ) ، 10. سنڌي ٻوليءَ جا سرجڻهار (2017ع ) ۽ 11. رڻ ڀومي ۾ راند (2017ع ) آهن . جڏهن ته اڌورن ۽ اڻ چپيل مسودن ۾ 1. ٿر جو ثقافتي خزانو ، 2. تنقيد ، ادب جي سونهن ، ۽ 3. ميران جي گيتن جو سنڌ ترجمو شامل آهن. سندس لکڻين جي زبان، اُسلوب ۽ مواد شاندار آهن. هرهڪ ڪتاب اڀياس لکڻ جهڙو آهي. سندس تحقيق ۾ تاريخ جو تدبر ملي ٿو ته سندس تنقيد ۾ تنقيد جي اصولن جو اعلى معيار نظر اچي ٿو. انهن سڀني کان وڌيڪ سندس سنڌي ۽ ڍاٽڪي شاعري آهي. هن بيت ، وائي ، گيت، نظم ، دوهي ۽ ترائيل جي گهاڙيٽن ۾ لکيو. سندس شاعريءَ ۾ دوهو ۽ گيت سڀ کان سونهن ۾ سرس آهن. سندس ڪجهه ڍاٽڪي دوها هيٺ ڏجن ٿا؛
    ميهه آيو ، جاڻي آيو، اُپڙي اَهي ٻڪرار
    آسو ڪڏهن او صاحبا، پڇي مانجو پيار
    اُڀ ۾ ڇائي چيتري ، گجي تو باسي گاج
    اُڏ اُڏ جائي مانجي چونڙي ، منان لاگي لاج
    لچڪيلي شرميلي تان جي ڪنچن ورڻي ڪايا
    نازڪ نازڪ ڦولان تي، جاڻي چندرما ري ڇايا
    سنڌي دوها
    شامون يار سرامڻ جون ، وسرن نٿيون مور
    ياد اچن دلدار ٿا، ستائن ٿا سور
    ناهيان قسمت جو ڌڻي ، ناهيان خوشنصيب
    سڀڪجهه آهي جهول ۾ ، جي آهي يار قريب
    هو ”گڍيءَ“ جون ڳالهيون ، هو وچن، هو پيار
    يار ويا هاءِ وڇڙي ، ڪنهن ڏورانهين پار
    سندس دوهن ۾ دوهي جي نه رڳو ڪوملتا آهي پر ان سان گڏوگڏ تاريخي ماڳن مڪانن جو ذڪر به خوب آهي.. سندس دوهن ۾ جتي گڍيءَ جو ذڪر ملي ٿو اُتي ڪنهن وقت ٿر جي صنعتي شهر گڍڙي جو به ذڪر آهي ته پاپ لس تي ترڪندڙ پاراسر رشيءَ جي پاڙي جي شهر پاري نگر جو احوال ٻه آهي. شاعر جي نظر ۾ ٿر سڄي سنسار ۾ سندر ساڻيهه آهي. اهڙي طرح پروفيسر سروپچندر شاد جا سرجيل گيت به سدا ملوڪ آهن جن ۾ جهڙو لفظن جو جڙاءُ آهي تهڙي لهجي ج ڪوملتا. گيت کي پنهنجو مخصوص لهجو آهي . سائين سروپچند ر شاد جي گيتن جي انفراديت کي ايئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته سندس گيت کي ٻُڌي يا پڙهي اهو چئي سگهجي ٿو ته هيءَ شاعري پروفيسر سروپچندر شاد جي آهي. سندس گيتن جو نمونو هتي پيش ڪجي ٿو جنهن مان اندازي ٿي سگهي ٿو ته هو سنڌي ۽ ڍاٽڪي گيت جو اعلى پائي جو شاعرآهي. نموني طور مهراڻ ((3/1970 ۾ چپيل ڍاٽڪي گيت جو هڪ بند هتي ڏجي ٿو؛
    اُئو، آئو، ڀائيڙا، آئو کيتريا کيڙان،
    کيتريئا کيڙي، آئو موتيڙا ميڙان:
    آئو ، آئو، ڀائيڙا ، آئو.
    ڌرتي اسان ري جيجلڙي اهي، ڌرتي نان پرنام
    ڌرتي را اسين پوت سپوتر، ڌرم اسان رو ڪام
    برڪت وارا هٿ اسان را، جيون رو سڻگار،
    نيڻ اسان را نيهه ڀريوڙا، جاتان ماکي لار،
    ڏيل اسان رو ڏونگر جهڙو، من اسان رو مائو:
    آئو آئو ڀائيڙا، آئو!
    ان نموني سنڌي لوڪ گيت ۾ به پروفيسر شاد جي ٻولي ۽ گيت جو ڪومل لهجو به نمايان آهن . سنڌي گيت جا ڪجهه بند هتي ڏجن ٿا؛
    ڪارونجهر جي ڪور مٿي هو، مٺڙو ٻولي مور
    ڀلوڙي ٻولي چِت جو چور
    ڪور مٿان ايئن ڪوڪ ٻُري ٿي چڻنگون ٿيون ڄڻ چمڪن
    ڏونگر سارو ڏيئا ڏيئا، واٽون جر جر جرڪن
    ڪوڪ آهي ڄڻ من ۾ هلچل ؛
    ساگر ۾ ڄڻ شور
    ساگر ۾ ڄڻ شور
    ڀلوڙي ٻولي مٺڙو مور
    ڪارونجهر جي ڪور مٿان ، ڀل مور سدائين ٻولي
    چنگ بڻي ڀل چڻنگ دُکائي ، اندر جي اک کولي
    مور جي سهڻي ٽور تان صدقي
    گهور وڃان ڙي گهور
    گهور وڃان ڙي گهور
    ڀلوڙي ٻولي مٺڙو مور
    ڪوي چنديرام ڀاٽ جي گيت جي روايت جو تسلسل پروفيسرسروپچندر شاد اهڙو ڳوڙهي خيال وارو شاعر ۽ ليکڪ آهي جنهن وٽ انگريزي ادب جو وسيع مطالعو آهي جنهن جي روشنيءَ ۾ هن پنهنجي ٻهڳڻ ڏات کي سنڌي ۽ ڍاٽڪي ٻوليءَ ۾ اظهاريو آهي سندس گيتن جي سُريلائي پويان لوڪ گيتن جو ترنم آهي ته دوهن جي پس منظر ۾ ميران جا دوها آهن. سندس شاعريءَ ۾ ٿر جا خصوصن ۽ سنڌي ادب جا عمومن مختلف حوالا ملن ٿا. سندس فن کي ڏسي چئي سگهجي ٿو ته پروفيسر سروپچندر شاد بردي سنڌي ، شمشيرالحيدري ، نارئڻ شيام جهڙن شاعرن جي مالها جو هڪ موتي آهي جنهن جي جوت ۽ جڳمڳ پرکنڊين پڌري ڪرڻ جهڙي آهي. سندس شاعري ۽ نثر تي وڌيڪ تحقيق ٿيڻ گهرجي جيئن ان جا سڀئي پاسا بحث هيٺ اچي نروار ٿين . سندس شاعري ، ان جي فن جو تفصيلي اڀياس ڪندي ، ادبي اهميت کي اجاگر ڪرڻ گهرجي. سندس تحقيقي ۽ تنقيدي مضمون به تحقيق ۽ تنقيد جي ميدان ۾ اساسي اهميت رکن ٿا. مٺيءَ جي ڌرتيءَ تي جنم وٺندڙ ، ڪنچن ڪرت سان واسطو رکندڙ انگريزي ادب جي استاد پروفيسر سروپچندر شاد جي سنڌي ۽ ڍاٽڪي شاعري توڙي نثر بابت اڀياس سنڌي ادب جو اهم اثاثو ثابت ٿيندو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو