• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سگهڙ حاجي الهداد جنجهي

صراط بلوچ

سينيئر رڪن
اڄ نه اوطاقن ۾ سندي جوڳين جوڙ۔۔۔۔
سگهڙ حاجي الهداد جنجهي (1928...2015) هن فاني دنيا مان پنج سال اڳ لاڏاڻو ڪيو، سندس جنم ڇاڇري تعلقي جي مشهور ڳوٺ جنجهين جي تڙ المعروف جنجهي ۾ حافظ ميگهه جي گهر، پهرين جولاءِ 1928ع تي ٿيو.
ابتدائي تعليم جنجهي ۽ ڳوٺ ڪانڪهيئي مان حاصل ڪيائين. قرآن شريف ۽ فقه جي تعليم ڇاڇري ۾ حاصل ڪيائين. 1946ع ۾ اسڪول بقا ڪرن تعلقي مٺيءَ ۾ پرائمري استاد طور مقرر ٿيو. مختلف هنڌن تي خدمتون سرانجام ڏيڻ کانپوءِ 1981ع ۾ رٽائر ٿيو. شاه لطيف جو سچو عاشق ۽ پارکو هو۔ پنهنجي انهي عشق جي پوئواريءَ ۾ 1992ع ۾ گنج شريف جو ڇاپو ڇپرايائين جنهنجو ٻيو چاپو به شايع ٿيو ۽ هٿوهٿ کپي ويو. شاه جي بيتن جي سندس تز ۽ درست پڙھڻي بيمثال هئي۔ کيس شاه سائين جا هزارين بيت برزبان ياد هوندا هئا۔
شاه سائين جي هن عاشق 22 اپريل 2015ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ جنجهي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو، الله سائين کيس جنت ۾ جايون ڏي...آمين
سندس پونيرن ۾ سندس پٽ نعمت الله ، نياز ۽ پوٽن ۾ عنايت ۽ تنوير شاه جي رسالي سان محبت رکندڙ آھن
 
Back
Top