جهانگير عباسي جي ڪهاڻين جي مجموعي "ڪجلي" جو اڀياس....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏25 اپريل 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڪهاڻي مون سان گڏ سفر ڪندي آهي!
    جهانگير عباسيءَ جي ڪهاڻين جي مجموعي "ڪجلي" جو اڀياس....!
    فقير محمد سنڌي.
    جڏهن کان انسان جو وجود زمين تي آهي، تڏهن کان ڪهاڻي پنهنجي سفر ۾ مگن آهي. انسان جي فڪر، ڪردار ۽ ارتقا ۾ ڪهاڻي داخلي ۽ خارجي طور موجود رهندي آهي. انساني زندگيءَ ۾، خوف، دھشت، فطرت، موت ۽ جنگ جا سڀ تصور روحاني طور تي ڪهاڻي۾ سمايل هوندا آهن. جهانگير عباسي ڪهاڻي ڪتاب "ڪجلي" ۾ 16ڪهاڻين ۾ تاريخ، تصور، حالات ۽ زندگيءَ جي هر پيچري کي پنهنجي اسلوب ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. سماجي طور تي ڪهاڻي گھڻين پھلوئن کي اجاگر پڻ ڪري ٿي . جنهن مان ڪيتريون سماجي برايون، سٺايون نروار ٿي بيهي ٿي رهن. ڪائنات جي اندر ليکڪ وٽ ڪيترائي حسين احساس جنم وٺن ٿا. جنهن جو ڪوبه انت ڪونهي پر ڪهاڻي ڪتاب "ڪجلي" ۾ جهانگير عباسي پنهنجي زندگيءَ جي تجربي ۽ مشاهدي کي پيش ڪيو آهي، سنڌي سماج ۾ اڄ به عورت کي امن پسنديءَ جي چنڊ تارا سمجھيو وڃي ٿو. جهانگير عباسي به ان روايت کي برقرار رکندي ڪتاب جي ارپنا هن ريت ڪئي آهي. "پنهنجي پيار جو پوريو ڏک سک جي جيون ساٿياڻي" سمعيه بانو "جي نانءُ جنهن جي ساٿ سان منهنجو جهان شاد ۽آباد آهي". ڪجلي ڪتاب مرڪ پبليڪيشن 2020ع ۾ شايع ڪيو آهي. پبلشر نوٽ ۾ مرتضي لغاري لکي ٿو ته : جهانگير عباسيءَ جون ڪهاڻيون پنهنجي ديس جون وارتائون آهن، هن پنهنجين ڪهاڻين ۾ ڪي اڻڄاتل ماڳ يا ڪردار نه آندا آهن هن جي ڪهاڻين ۾ مصنوعيت ڪٿي به نظر نه ٿي اچي." ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي ناليواري لکيڪ شوڪت حسين شوري لکيو آهي :" گذريل صديءَ جي آخر ڏهاڪي کان وٺي 21صديءَ جي ٻن ڏهاڪن اندر تمام وڏي تعداد ۾ ڪهاڻيڪارن جو واڌارو نظر اچي ٿو هڪ اندازي موجب اهو تعداد ٻن سون جي لڳ ڀڳ آهي. مقدار ۽ معيار ۾ فرق ته هميشه هوندو آهي ۽ ان فرق کي نقاد نمايان ڪندا آهن، پر بدقسمتي سان سنڌي ادب ۾ نقاد آهن ئي ڪونه. " تخليق لاءِ پهريان هرڪو پنهنجو نقاد پاڻ آهي پوءِ ادب جا سرجڻهار به ٽيڪا ٽپڻي ڪندا ٿا رهن. هن سماج ۾ سچ اهو برداشت ڪندو آهي جيڪو مستي ۽ مدهوشي جي حالت ۾ هجي، جيڪڏهن مستي ۽ مدهوشي واري حالت ۾ ڪونھي ته اها تنقيد اَنَا جو سبب ٿي بڻجي.
    شيخ اياز جا اُهي لفظ بلڪل صحيح آهن، سنڌ ۾ انهيءَ وقت ادب جو فڪري پس منظر سماجي، اصلاحي، قومي ۽ مارڪسي هو جنهن جي بنيا تي ترقي پسند ادب لکجي رهيو هو.
    جهانگير عباسيءَ جي هنن ڪهاڻين ۾ روح جي رڙ شامل آهي. ڪهاڻي" دريا جي هُن پارِ"۾ "سڄڻ جي تو ڪائي واھ نه ڪئي ته پوءِ مان پاڻ کي کوھ ۾ اڇليندس پر نبن سان ڪڏهن به لائون نه لھندس، مان رڳو تنهنجي وني ٿيندس ۽ بس! ." اهڙي طرح ڪهاڻي "آخري خواب جي ساڀيان" دنيا ۾ انتظار جهڙو عذاب ڪو ٻيو آهي ئي ڪونه، اِهو ايڏو اذيت ناڪ آهي، جو ماڻهو کي لاچار بڻائي ڇڏيندو آهي." ڪهاڻي "جيون زهر ڍُڪ" ڪجهه احساس هن ريت آهن. "شانو! تون ايتري اداس ڇو بيٺي آهين!؟ هوءَ اوچتو مون کي پنهنجي آڏو بيٺل ڏسي ڳنڀير بڻجي وئي." ڀائو! سڄي ڏينھن جا ڪل پنج روپيا ٿيا آهن" هوءَ ڳالهائڻ لڳي ته هن جي لفظن ۾ ٿڪاوٽ واڪ ڪندي محسوس ڪئي هيم. "ڇا توکي پنڻ سٺو ٿو لڳي؟؟!!" ڀائو جي ڀَوَ کان پنندي آهيان، هو مار جو ڏيندو آهي ". بي وس نظرون کڻندي چوڻ لڳي.
    سڪندر عباسي، ڪهاڻي ڪتاب ڪجلي تي هن ريت لکي ٿو ته : "جهانگير جنھن کي مان سنڌي ڪهاڻي جي کيتر ووليم ورڊس ورٿ ڪوٺيندو آهيان اهو پنهنجي ڪهاڻين ۾ فطرت جي اهڙي ته بهترين عڪاسي ڪندو آهي ڄڻ ته هو پاڻ ان منظر ۾ موجود آهي. "
    زندگيءَ جي هر ڪوتا معاشريءَ جي تبصري نگاري آهي، اهڙن لمحن کي جهانگير عباسيءَ ڏاڙهونءَ گل جئن نروار ڪيو آهي. احساس مرندا به آهن پر جڏهن احساس جاڳندا آهن ته، جڳ سڄو جرڪي پوندو آهي. ڪٿي وري ڪاري رات کي اجرو ويس به ملي ويندو آهي جيڪو لفظن جي ويس ۾ ڌڪيل هوندو آهي.
    اهڙي طرح مُجَاورِ ڪهاڻيءَ جو حصو اوهان جي نظر. "اڃان به تون پاڻ کي حق تي ٿو سمجهين؟" "هائو مان هاڻي پٿر آهيان مون کي هاڻ عورت جي وجود کان سخت نفرت آهي." "مان به ته عورت آهيان" جنهن جي تون پناھ ۾ آهين "اهو ٻڌي قيدي نوجوان پهريون ڀيرو هن کي گهورڻ لڳي ٿو ۽ پوءِ جهوپڙي مان نڪري ٻاهر اچي بيهي ٿو رهي، هن جي پٺيان هوءَ به هلندي اچي بيهي ٿي بتي جي جهيڻي روشني ۾ هن جون نظرون بند دروازيءَ واري ڪوٺيءَ طرف کڄي وڃن ٿيون. "
    " اها ڪوٺي ڪنهن جي آهي" "خبردار! ان کي ڪوٺي نه چئو "هو جذباتي ٿي وئي هيءَ سائين جي مزار آهي، سائين بابا!
    جڪڙيل وجود کي لوهي پنڄرا لڳل هوندا آهن، انهن لوهي پڄرن مان ڪو وجود ورلي آزاد ٿيندو آهي. جهانگير عباسي وٽ اهڙا ئي مضبوط خيال نما افسانوي داستان آهن، اهڙن خيالن کي لفظن جي روپ ۾ پيش ڪري سنڌي ادب جي جهول ۾ گلدستي وانگر نمايان ڪري ٿو.
    ڊاڪٽر احسان دانش جي راءِ آهي ته : "جهانگير انيڪ موضوعن تي جاندار ڪهاڻيون لکيون آهن، هن جون ڳوٺاڻن مامرن تي لکيل ڪهاڻيون وڌيڪ گهريون ۽ ڌيان ڇڪائيندڙ آهن، ڳپل ورهيه اڳ ڪنهن کي به ڪَلَ نه هئي ته هو" درياءُ جي هن پار، پنڌ ۽ پيچرا، ڪجلي مجاور ۽ آخري خواب جي ساڀيان جهڙيون شاندار ڪهاڻيون لکندو. "
    ڪجلي ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل، رسول ميمڻ لکيو آهي، لکي ٿو ته : "هڪ ليکڪ وٽ ڏات سان گڏ ڏانءُ جو هجڻ ضروري آهي، ڪن وٽ ڏات هوندي آهي، ته ڏانءُ نه هوندو آهي، ڪن وٽ ڏانءُ هوندو آهي ته ڏات نه هوندي آهي،ڪن وٽ ٻئي هوندا آهن، اها ڏات ۽ ڏانءُ جي شدت جي حد آهي جيڪا ليکڪ کي درجو ڏئي ٿي. جهانگير عباسي جڏهن لکي ٿو ته عڪس اُڀري سامهون اچن ٿا، هن وٽ تسلسل آهي، جهول محسوس نه ٿو ٿئي، ڪردار فطري اندر ۾ گفتگو ڪن ٿا، هو حقيقت پسند ليکڪ آهي. " ڪتاب تي سنڌ ڪهاڻيڪارن ۽ شاعرن پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾، اياز گل، رزاق سهتو، عبدالواحد سومرو، وفا صالح راجپر، اختر پيا سولنگي ۽ رياض احمد ڪلهوڙو شامل آهن. ڪهاڻيڪار پنهنجي، دل جون ڳالهيون لکي ٿو ته :" مون کي هن ڳالھ جي ڪابه خوشفهمي نه آهي ته منهنجون ڪهاڻيون عظمت ماڻي وٺنديون يانه پر انهن جي باري ۾ ايتري پڪ اٿم ته اهي هن معاشري جي تبديلي ۾ جي ڪو ٻوٽو ٻاري نه سگهيون ته ڪا چڻنگ ضرور دکائي وجھنديون."
    ڊاڪٽر عبدالغفور ميمڻ ، سنڌي ادب جو فڪري پس منظر جي 164 صحفي تي لکي ٿو ته :" سنڌ پنج هزار سالن کان پنهنجي الڳ جاگرافيائي حد، تهذيب، ثقافت، زبان، نفسياتي ساخت، فڪر ۽ فلسفو رکي ٿي. سنڌ جي پنهنجي تاريخ آهي، پنهنجا سورما ۽ پنهنجو لوڪ ادب، قصا داستان آهن. جيڪي بغير ڪنهن مذهبي متڀيد جي وجود رکن ٿا. سنڌي ماڻهو فڪري طور موهن جي دڙي ۾ موجود زندگيءَ جي وهنوار کان لاشعوري طور متاثر آهن. هنن ۾ وجودي نقطه نظر ۽ وجودي وارداتن جا نمايان اثر آهن. بنيادي طور مذهب ۽ اخلاق جا هر دور ۾ زمان مڪان بدلجندا رهيا آهن. سنڌو ماٿريءَ جو تمدن، ثقافت، سڀيتا، امن، هميشه کان محبت رواداري ۽ خوشين سان مالا مال رهي آهي. "مٿئين راءِ کان پوءِ جيڪڏهن ڪتاب ڪجليءَ تي نظر ڪجي ٿي ته ڪافي مماثلت آهي جهانگير عباسيءَ جي ڪهاڻين ۾ سماجي طور تي شعور نظر اچي ٿو. شعور ئي جيڪو زندگيءَ جو سگھ ۽ حوصلو پيدا ڪندو آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو