ڪتاب ”ڪاغذي ڳالهيون“ جو فڪري اڀياس!

'مختلف موضوع' فورم ۾ مير سردار چنڙ طرفان آندل موضوعَ ‏27 اپريل 2021۔

  1. مير سردار چنڙ

    مير سردار چنڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 سيپٽمبر 2016
    تحريرون:
    124
    ورتل پسنديدگيون:
    56
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    128
    ماڳ:
    پاٽ شريف ضلع دادو
    مير سردار چنڙ

    اڄ جيڪا تحرير اوھان پڙھي رھيا آھيو اھو ھڪ ڪتاب تي ادب جي ھن ننڍڙي شاگرد جو اڀياس آھي. ڪتاب پڙھڻ مھل مون ڇا محسوس ڪيو ڇا ڏٺو اڄ اھو سڀ ڪجھ اوھان اڳيان پيش ڪريان ٿو. ھن ڪتاب جو نالو آھي "ڪاغذي ڳالهيون" جنهن جو ليکڪ اسان جو پيارو دوست يوسف جميل لغاري آھي. مجموعي طور تي يوسف جميل لغاري جو ھي ڇھون ڪتاب آھي. ٺري ميرواھ سان تعلق رکندڙ يوسف جميل ٿوري عرصي ۾ تمام گھڻي مقبوليت ماڻي آھي. پاڻ ليکڪ تي ٻيھر ڪڏهن ڳالھائينداسين اچو ته اڄ ھن ڪتاب تي ڳالھايون ٿا. ڪاغذي ڳالھيون ڪالمن ۽ مضمونن تي مشمتل ھڪ منفرد ڪتاب آھي، جنھن کي ليکڪ پاران پنجن حصن ۾ ترتيب ڏنو ويو آھي. ھر حصي ۾ معياري مواد شامل آھي. پھرين حصي ۾ ڪالم، ٻئين حصي ۾ مضمون، ٽئين حصي ۾ ڪتابن تي تبصرا، چوٿين حصي ۾ ڪتابن تي لکيل تاثرات توڙي مھاڳ ۽ پنجين حصي ۾ ترجمو ڪيل مضمون شامل ڪيا ويا آهن. نه پاڻ وڏا ليکڪ آھيون ۽ نه وري ڪو ايڏو وڏو مطالعو آھي، جو لفظن سان کيڏون ۽ لفظن جا انبار لڳايون، پر مان ھتي پڙھندڙ جي حيثيت سان رايو ڏيان ٿو. ڪتاب جي اندرين ڀاڳن ڏانهن ھلڻ کان پھريان پاڻ ھن ڪتاب جي فھرست ڏانهن اچون ٿا. جنهن ۾ هڪ غلطي ڪئي وئي آھي. ڪتاب تي لکيل راين ۾ ھڪ رايو اظھر امر جو به آھي. جنهن ۾ حصي ٻئي بابت اظهر امر رايو ڏيندي ھڪ مضمون "مھاڳ لکڻ جي روايت ڪيئن ۽ ڪٿان شروع ٿي" تي ڳالھائي ٿو. سندس موجب ھي ٻئي حصي جي مضمونن سان گڏ شامل آھي. پر اندر ڪتاب ۾ ان عنوان يا ان موضوع تي ڪو به مضمون موجود ڪونه آهي. ھاڻ جيڪو شامل ئي ناهي ان تي ڳالھائڻ جو مقصد ڇا آھي؟ ان ۾ ڪنهن جي ڪوتاھي آھي؟ رايو لکڻ واري جي؟ ليکڪ جي؟ يا پبلشر جي؟ اھو ته ٽنھي ڌرين مان ڪو ھڪ ئي ٻڌائي سگھي ٿو. ھاڻ اچون ته اڳيان، ڪتاب جي ھر حصي تي ٿورو غور ويچار ڪيون ۽ سمجھون ته ليکڪ ڇا ٿو چوڻ چاھي.

    حصو پھريون
    ڪتاب "ڪاغذي ڳالھيون" جو پھريون حصو ڪالمن تي مشتمل آھي. جنهن ۾ يوسف جميل لغاري جا لکيل ڪالم شامل آھن. "سور سڀ ڄمار بي لباس خوابن کي "، پھرئين شروعاتي ڪالم لکڻ جي انداز ئي موھي وڌو، ھي ڪالم مونکي گھڻ رخو نظر آيو جنهن ۾ لڙڪ اوتيل آھن ته خوشين جو جشن به آھي. خواھشن جي جنم کان خواب جي قتلام تائين. شعور جي ارتقا کان سوچ جي پڄاڻي تائين، محبت جي مدھوشي کان عشق جي اوجاڳن تائين، زندگي جي خوشحالي کان غربت جي گار تائين، سڀ سور ھڪ ڪالم ۾ اوتي ويو آھي. يار يوسف تون ته ڪمال جو ليکڪ آھين. "اکيون جيڪي خوشحالي جا خواب ڏسن ٿيو"، ھن ڪالم ۾ ليکڪ خوشحالي جا خواب ڏسڻ چاھي ٿو. ملڪي ترقي، تعليمي ترقي، ڪرپشن کان معاشري کي پاڪ ڏسڻ چاھي ٿو. " فني توڙي مھارتي تعليم جي ضرورت ۽ اھميت"، يوسف جميل لغاري جي اصل سڃاڻپ تعليم سان ئي آھي. سو ھن ڪالم ۾ پاڻ تعليم جو ذڪر ڪري ٿو. تعليم جي سڌارن، شاگردن کي جديد سھولتن جي ڳالھ ڪري ٿو. "تھذيب يافته قوم ڪٿي آهي"، ھن ڪالم ۾ غيرت جي نالي تي قتل ٿيندڙ نياڻين، ادارن ۾ حراسمينٽ، ڪارو ڪاري جي معاملي تي قتل ۽ روزاني جي بنياد تي جنسي زيادتن بعد قتل ٿيندڙ نياڻين جي ڪيس کي وڙھندي سوال ڪري ٿو ته ڇا ان کي تھذيب يافته قوم چئبو آھي؟ ڇا اسان پاڻ کي تھذيب يافته قوم سڏائڻ جي لائق آھيون؟ "نوجوانن لاءِ روزگار جا دروازا ڇو بند آهن؟" نوجوان ڊگريون ھوندي به دربدر ڇو آھن؟ اڻپڙھيا آفيسر آھن. رٽائر ملازمن کي ٻيھر نوڪريون ڏيو ٿا، باقي نوجوانن لاءِ نوڪريون ڇو ناھن؟ يوسف جميل لغاري پنهنجي قلم جي قط سان جيڪو لکيو آھي، ھن ان کي ڀوڳيو به آھي. يوسف جميل لغاري سماج جي تقريبن سڀني مسئلن کي ھن ڪالمن ذريعي اجاگر ڪيو آھي پھرئين حصي ۾ مختلف موضوعن تي لکيل ڪُل ۱۵ ڪالم آھن.

    حصو ٻيو
    ڪتاب "ڪاغذي ڳالھيون" جو حصو ٻيو مضمونن تي آڌاريل آھي. مضمون لفظ "ضمون" مان ورتل آھي. جنهن جي معني آھي ”معلومات گڏ ڪرڻ“. اھڙي طرح وري مضمون جي معني آھي ”لکڻ جو فن ڄاڻڻ“ . اسان وٽ سنڌي ادب ۾ مضمون نويسي جي لکت کي لازوال عروج حاصل آھي. 1860ع کان شروع ٿيندڙ مضمون نگاري ھن وقت تائين لازوال جي لفظ کان بچيل آھي. مضمون تي روز نوان تجربا ٿين پيا. روزانو سوين مضمون لکجن پيا. يوسف جميل لغاري وقت آھر مضمونن سان ياري نڀايون پيو اچي. سندس مضمونن سان پڪي ياري نظر اچي ٿي. تڏهن ياري ۾ ڪا قصر نه ٿو کائي. سندس ڪتاب جي ھن حصي ۾ پھريون مضمون آھي ته "نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟" اسان وٽ سنڌ ۾ بيروزگاري تمام گھڻي آهي. اسان جي نوجوان جي اڌ عمر ڊگري وٺڻ ۽ اڌ عمر نوڪريون ڳولهڻ، انهن ۾ اپلائي ڪرڻ ۽ ٽيسٽون ڏيڻ ۾ لڳي وڃي ٿو. برحال جڏهن ڪنهن نوڪري لاءِ ٽيسٽ ڏجي ته ڪھڙي طريقي سان ڏجي؟ پرچو حل ڪئين ڪجي؟ ته جيئن ان جو وقت به بچي ۽ ذھني دٻاءُ به گھٽجي. ڇاڪاڻ ته اسان جا نوجوان ٽيسٽ ڏيڻ وقت اڪثر گھٻرائي ويندا آھن پوءِ سمجھندي به ناسمجھي جو مظاھرو ڪري ويھندا آھن. نتيجن ناڪامي انهن کي پلي پوندي آهي. سو انھن لاءِ ئي يوسف جميل لغاري ھي مضمون "نوڪري واري ٽيسٽ ڪيئن ڏجي؟" جھڙو وقتائتي مضمون لکيو آھي. ان کان اڳيان وري ٽيسٽ کان پوءِ ايندڙ مرحلي انٽرويوز بابت لکيل سندس مضمون "نوڪري لاءِ انٽرويو ڪيئن ڏجي؟" ڪنھن به اداري ۾ اوھان کان ٽيسٽ کان پوءِ يا بغير ٽيسٽ جي اوھان کي نوڪري ڏيڻ کان پھريان اوھان کان انٽرويو ورتو ويندو آھي. جنهن جو مقصد اوھان جي طبعيت، علم، شخصيت ۽ رويو کي پرکڻ ھوندو آھي. ڪافي نوجوان انٽرويوز ڏيڻ کان اڻ واقف ھجڻ ڪري ڪجھ ڪوتاھيون ڪندا آھن. جنھن ڪري فيل ٿي ويندا آھن سو يوسف جميل لغاري جو ھي مضمون انھن ساٿين لاءِ آھي، جنھن کي پڙھڻ ۽ سمجهڻ کان پوءِ اوھان انٽرويوز جي سفر کان واقف ٿي ڪري ھر انٽرويوز آساني سان پاس ڪري سگھو ٿا. "تقرير ڪرڻ جا چند بنيادي اصول" ھي مضمون اخلاقيات ۾ به اچي ٿو ڇاڪاڻ ته تقرير سان گڏ سٺو ڳالھائڻ به اھم ھوندو آهي. انڪري نه رڳو تقرير جي شوقين پر ھر ماڻهوءَ کي ھي مضمون غور ۽ فڪر سان پڙھڻ گھرجي. ان سان اُن جي ڳالھائڻ واري عمل ۾ ته بھتري ايندي ۽ اهو تقرير جو فن به سکي ويندو. ڇاڪاڻ ته تقرير کان اڳ سٺو ڳالھائڻ بھتر آهي. ”ھي صدي فلسفي جي نه پر سائنس جي صدي آهي“. ڪتاب ۾ شامل ھي مضمون ادب جي اصولن مطابق غير ادبي ٿي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته جنھن لکڻي ۾ احساس ۽ جذبا ناھن، ان کي ادبي لکڻي نٿو چئي سگھجي. برحال ھن مضمون ۾ ليکڪ پاڻ کي ھروڀرو سائنسدان ثابت ڪرڻ ٿو چاھي. فلسفي کي رد ڪندي سائنس جي پيروڪاري ڪري پيو. "اوشو جنهن کي آمريڪا جي جيل ۾ زھر ڏنو ويو ھو" ھي مضمون دنيا جي مشھور ليکڪ گرو رجنيش اوشو جي زندگي تي مختصر لکيل آھي ته ڪيئن کيس جيل ۾ زھر پياري سندس زندگي جو خاتمو آندو ويو. اھڙي طرف "موڳي پٽ جو پنهنجي ماءُ ڏانهن لکيل خط" ۽ "جھڙو فڪر تھڙو وکر " جھڙا معلوماتي مضمون شامل آھن.

    حصو ٽيون
    يوسف جميل اسان نوجوان قلمڪارن ۾ سڀني کان گھڻ پڙھيو قلمڪار آھي. ھن جي ذھني اوسر تمام وسيع آھي. ھن ڪجھ سالن ۾ نثر اھڙو لکيو آهي جو وڃي ٿيا خير! جھڙي طرح ھن نثر جا وڻ وڄايا تھڙي طرح اسان نوجوانن مان ڪير به وڻ وڄائڻ ته ڇا پر وڻن تائين پھچي به نه سگھيا آهن. اھو ئي سبب آھي جو يوسف جميل لغاري سنڌ جي سڀني اخبارن ۾ جاءِ ولاري پنهنجو الڳ مقام ٺاھي ورتو آھي. يوسف جميل لغاري کي سنڌ جا نوجوان معياري اخبارن ۽ رسالن ۾ ڏسن ۽ پڙھن ٿا ۽ ساڻس پيار ڪن ٿا. تنهن ڪري سنڌ جا نوجوان ليکاري پنهنجن ڪتابن جا مھاڳ، تاثر ۽ رايا وڏن، پڪن، پوڙھن، ٺوڙھن، بندرن ۽ ٺڳن اديبن کان لکرائڻ بجاءِ يوسف جميل کان لکرائڻ ۾ سرھائي محسوس ڪن ٿا ۽ يوسف جميل لغاري کي ڪيترن ئي ڪتابن جا مهاڳ ۽ تاثر لکڻ جو اعزاز مليو آھي. ھن ٻئي حصي ۾ سندس لکيل اُھي ئي مھاڳ، تاثر توڙي رايا آھن جيڪي يوسف جميل لغاري مختلف ڪتابن تي لکيا آھن. جن ۾ نوجوان ليکڪ ڪھاڻيڪار ثاقب بلوچ جي ٻن ڪتاب، عبدالحفيظ ڀٽي، اظھر امر، راشد شر، رشيد احمد خاصخيلي ۽ ساجد سومرو جي ڪتابن تي لکيل انتھائي ڪارائتا، پڙھڻ جھڙا دلچسپ مھاڳ، رايا ۽ تاثر شامل آھن.

    حصو چوٿون
    ڪاغذي ڳالھين جي حصي چوٿين ۾ پياري يوسف جميل لغاري جا ڪتابن تي لکيل تبصرا آهن. جن کي " ڪتابن تي اظھار خيال" جي عنوان سان رکيو ويو آھي. جن ۾ اصلاحي تنقيدي اڀياسي ۽ فڪري تجزيا شامل آھن. ھن حصي جي شروعات ھڪ تنقيدي تبصري سان ٿئي ٿي. جيڪو سائين پونجراج ڪيسراڻي جي ڪتاب "ماسترن لاءِ چانھ جو ڪوپ" تي آھي. يوسف جميل لغاري ھن ڪتاب جو غور فڪر سان مطالعو ڪري تنقيدي اڀياس لکي پنهنجن خدشن ۽ ڪتاب ۾ پيش اُڻائين تي نظر وڌي آهي. ھن ڪتاب ۾ موجود ھڪ لفظ تي گھڻو بحث ڪيو آهي. ايئن سمجھو ھن ھڪ لفظ جي ڪري ڪتاب کي ئي رد ڪيو آهي. اھو لفظ آھي "ماستر" يوسف جميل لغاري "ماستر" بابت چوي ٿو ته: "ماستر لفظ انھن استادن لاءِ قطب ايندو آھي جيڪي پنهنجي نوڪري سان سچا نه ھوندا آهن يا وري سياسي چمچاگيري ۾ مصروف ھوندا آھن ". اڳتي وري ليکڪ سائين پونجراج ڪيسراڻي سان مخاطب ٿيندي ايئن به چوي ٿو ته " کيس ماستر اصلاح کي پنهنجي ڪتاب جي نالي ۾ استعمال ڪرڻ ته ڇا پر پنهنجي ڪنهن مضمون ۾ به استمعال نه ڪرڻ گھربو ھو (ڏسو ص نمبر 117). مان ليکڪ کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته سائين ايئن ھرگز ناھي، جيئن اوھان چئو ٿا. ماستر ھڪ پاڪ پويتر لفظ آھي. جنھن جي لغت ۾ معني سيکاريندڙ يا سکيا ڏيندڙ آھي. ماستر ته اصل ۾ انگريزي ٻولي مان ورتل آھي جنھن جي معني آھي " مھارت رکڻ، چڱي طرح سيکارڻ، معلم" ماستر ۽ استاد ٻنھي لفظن جو مفھوم ساڳو آهي. بس رڳو ٻولي جو فرق آھي. توھان اھڙي پاڪ پويتر لفظ کي چمچاگيري جھڙي لفظ سان ڪيئن ٿا منسوب ڪيو؟ اھا ته ان لفظ جي به توھين آھي. ان کان پوءِ "سنڌ ھاڃا ۽ ھيڻا ماڻهو" سائين نواز خان زئور جي ڪتاب تي لکيل شاندار تجزيو آھي. سائين نواز خان زئور سنڌ جو ڄاتل سڃاتل، آئيڊيل ليکڪ آھي. جنهن جو قلم سدائين سنڌ جي مسئلن تي ھليو آھي. ٽيون تجزيو "صحرا جي ڀاڪر ۾" رحيمداد جوڳي جي ڪتاب تي آھي. رحيمداد جوڳي نثري نظمن جو پڪو شاعر آھي. پر ھي تجزيو پڙھڻ کان پوءِ چئي سگھجي ٿو ته ھن تجزئي ۾ صرف ٻن ننڍڙن نثري نظمن تي پنهنجا خيال لکي پنا ڀريا ويا آھن. باقي ڪتاب تي ڪٿي به ناھي ڳالھايو ويو. تنقيد ادب لاءِ ايئن ضروري آھي جيئن ماني لاءِ باھ، تنقيد سان ليکڪ پچي راس ٿئي ٿو. پنهنجي اوڻائين کان واقف ٿئي ٿو. منھنجي خيال ۾ اُھي ليکڪ وڏا خوش نصيب آھن جيڪي تنقيد واري عمل کي منھن ڏين ٿا.
    ايئن ئي ھاڻ ليکڪ يوسف جميل لغاري، ماما ذلفي زئنور جي ٻن ڪتاب "ورھ جا روڳ" ۽ "وجود" کي تنقيد واري عمل مان بھترين طريقي سان گذاري ٿو. شاندار تنقيدي اڀياس ڪيا اٿس. ھن حصي ۾ پيراڊائيز پوائنٽ تي شام، ڪوتا جي ڪلا، عشق جي آسيب، اداس زندگي خاموش ساز سميت 20 ڪتابن تي فڪري تنقيدي توڙي تعميري اڀياسي تبصرا لکيل آھن.

    حصو پنجون
    ڪتاب "ڪاغذي ڳالهيون " جو ھي آخري حصو ترجمانگاري تي مشتمل آھي. ترجمانگاري جو مثال ايئن آھي جيئن ڌارئي ٻار کي پنهنجو ڪري ان کي ويس وڳا پارائي ھار سينگار ڪرڻ. ايئن ھر ڪو ناھي ڪند. سو ترجمو به ھر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناھي. ڌاري ٻولي کي پنهنجي ٻولي ۾ آڻڻو ٿو پوي. اُن کي سھڻن لفظن سان سينگارڻو پوي ٿو. سو يوسف جميل لغاري به ترجمانگاري سان سٺو نڀايو آھي. سٺا مضمون چونڊ ڪري اسان کي ترجمو ڪري ڏنا اٿس. جن ۾ پھريون مضمون آھي" صلاحيتن کي نکارڻ جا ست اھم اصول" ھي مضمون ميان جمشيد جو لکيل آھي ھر مضمون اسان جي ان نوجوانن لاءِ آھي جيڪي باصلاحيت ھوندي به پنهنجن صلاحيتن کان بي خبر ھوندا آھن. کين صلاحيتون نکارڻ جو ڏانءُ نه ھوندو آھي. ھي مضمون پڙھڻ کان پوءِ يقينن فائدو حاصل ڪندا. ھن حصي جو اڳيون مضمون آھي "ٻارنھن مھينن جي ڪھاڻي " توھان پرائمري واري دور ۾ چئن مندن جو راڳ ته پڙھي آيا هوندا. پر اڄ اچو ته ٻارنھن مھينن جي ڪھاڻي پڙھون ٿا. ھي ٻارنھين مھينا، عيسوي سال جا مھينا آهن. ھي مضمون انھن مھينن جي وجود ۾ اچڻ جي ڪھاڻي ته مشتمل آھي ته انھن مھينن تي نالا ڪيئن پيا ۽ ڪنهن جي پويان پيا. تمام دلچسپ معلوماتي مضمون آھي. ترجمانگاري جا ڪجھ پنهنجا قانون ۽ قائدا ھوندا آھن. ليکڪ ٻئي ليکڪ جي مضمون کي ترجمو ته ڪري سگھي ٿو پر پنهنجا جملا ان ۾ مڙھي نٿو سگھي. پر ھتي ليکڪ انھي اصول جي ابتڙ ڪندي ھن پنهنجو ھڪ جملو مضمون ۾ شامل ڪيو آھي ته "ڊسمبر سال جو آخري مھينو آھي جنهن کي سنڌ ۾ وڇوڙن جو مھينو تصور ڪيو ويندو آھي". ھتي ان جملي جي ڪھڙي ضرورت ھئي جو شامل ڪيو ويو آھي؟ اتي ھڪ ٻي ڳالهه ياد اچي وئي جيڪا اوھان کي ٻڌائن چاھيان ٿو ته اڳ ھڪ ليکڪ احرار يوسف عالمي ليکڪ پائلو ڪوئلھو جي جڳ مشھور ناول ڪيمياگر (Alchemist)جو جڏهن ترجمو ڪيو ته انھن ۾ شامل ڪردارن جا نالا ۽ ڪرسچن مذھب جي پاڪ پٿرن جا نالا تبديل ڪري اسلامي نالا رکيا. ايئن پئي لڳو ڄڻ سائين احرار يوسف ھڪ عيسائي ناول کي مسلمان ڪري جنت حاصل ڪري ورتي آھي. مھرباني ڪري انھن شين کان گريز ڪيو ته بھتر رھندو. وڌيڪ اڳتي ڪتاب طرف ھلون ٿا. ليکڪ وڌيڪ نفسيات جھڙي خشڪ موضوع جا 2 مضمون " ذھني دٻاء کان نجات حاصل ڪرڻ جا طريقا " ۽ علم نفسيات جو جامع ۽ سائنسي مطالعو“ جي عنوان سان موضوع ترجمو ڪري ذھني دٻاءُ جي غلامي کان آزادي جا سٺا طريقا ٻڌايا آھن ۽ نفسيات بابت سٺي ڄاڻ پڙهندڙن کي فراهم ڪئي آهي. سوچن تي ضابطي جا ست اصول، بھترين ڪيريئر جي چونڊ لاءِ چند مفيد مشورا، جھڙا معلوماتي مضمون پڙھن جھڙا ڏنا آھن ايئن چئجي ته ھي پورو حصو تمام غور فڪر سان پڙھڻ جھڙو آهي. تبديلي زندگي جو حصو آھي. ھتي ھي ڪتاب پڄاڻي طرف پھچي ٿو. يوسف جميل لغاري جو ھي ڪتاب "ڪاغذي ڳالهيون " ڪتاب جو جھڙو ڪارائتو نالو رکيو اٿس، اھڙو ئي ڪارائتو ادب ۾ نالو ڪمائيندو. ٿوري وقت ۾ تمام سٺي پذيرائي ملي اٿس. ادب جي شاگردن کي ھڪ گلدستو ضرور خريد ڪرڻ گھرجي. انھن کي ھن گلدستي جي ھر گل مان الڳ الڳ واس ملندو. يوسف جميل لغاري کي ھن سھڻي گلدستي "ڪاغذي ڳالھيون" شايع ڪرائڻ تي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو. ھن ڪتاب جو مھاڳ ليکڪ پاڻ لکيو آھي. جڏهن ته اظھر امر، راشد شر ۽ رشيد احمد خاصخيلي جا رايا شامل آھن. بيڪ ٽائيٽل احمد شاڪر لکيو آھي 256 صفحن تي مشتمل ھي ڪتاب مرڪ پبلڪيشن ڪراچي طرفان 2021 ۾ ڇاپي ڪري پڌرو ڪيو ويو آھي. جنھن جي قيمت 300 روپيا مقرر ڪئي وئي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو