مخمور مهيري به وڇڙي ويو.. اعظم ڀٽي

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    92
    ورتل پسنديدگيون:
    11
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    48
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ماڻهو جڳ ۾ ايندا آهن ۽ هليا ويندا آهن, ياد رهندو آهي ته بس سندن ادا ڪيل ڪردار ۽ سندس شخصيت جا اۡهي اۡڀار جيان اۡڀا پهلۡو جيڪي ڪا جوت جلائي ويندا آهن, ڪو ڏيئو ٻاري ويندا آهن, ڪو سج اۡڀاري ويندا آهن, تاريخ ۾ زنده رهنديون آهن ته بس اۡهي ئي شخصيتون جيڪي يادن جو تعويز بڻجي, ذهنن ۾ محفوظ ٿي, تاريخ ۾ هميشه زنده رهنديون آهن, اٺاسي سالن جي سراسري ڄمار ۾ سٺ سالن تائين پنهنجي ٻولي, علم ۽ ادب جي خدمت وارو عرصو, نه ته ڪو معمولي عرصو آهي, نه ئي ڪو ننڍڙو عرصو آهي, ان سموري عرصي ۾ جيڪڏهن ڪو فرد ادارن جهڙو ڪم ڪري وڃي ته تاريخ ۾ سندس قد اڃا به وڌيڪ اۡوچو ۽ منفرد بڻجي بيهي ٿو ۽ ان فرد کي تاريخ ڪڏهن به ويسر جي ڪپڙي ۾ ويڙهي نٿي رکي يا سندس صلاحيتن سان ڀرپور ڪردار, گهر جي ڪنهن ڪۡنڊائتي ڪٻٽ ۾ پۡوريل نٿو رهي, تخليق جو عمل يا پورهيو تنقيد ۽ اختلافن کان آجو قطعي به ناهي پر تاريخ ۾ مانائتا ڪردار به اهي ئي رهيا آهن, جن کي تنقيد به نصيب ٿي ته وري انهن اختلافن جي جهان کي سانڍي رکيو, نفي ۽ اثبات جا پهلو به ته ڪنهن به ڪردار جي سۡڃاڻپ جو وسيلو بڻجي ويندا آهن, اهي ۽ کوڙ سارا حوالا ٻين ڪافي قلم ڌڻين جيان مصري خان عرف "مخمور" مهيري سان به واڳيل رهيا, هۡو جيڪو سمورن حوالن مان نفي جا ڪنڊا ڇڏي, ثبات جا گۡل ميڙي, پنهنجو وارو وڄائي هليو ويو, هۡو هڪ دور هو, جيڪو پنهنجي پۡڄاڻي تي پهتو پر سندس حوالا شعور ۽ ساڃاهه جي سفر جو پرتوو بڻيل ضرور رهندا. مخمور مهيري جو اصل نالو مصري خان مهيري هو, سندس والد جو نالو بهارو خان مهيري هو, مخمور مهيري جو جنم 20 جنوري 1932ع تي پنهنجي اباڻي ڳوٺ ونگائي مهيري ديهه ملوڪ پور تعلقي ٽنڊي غلام حيدر ضلعي ٽنڊو محمد خان ۾ ٿيو، هن سنڌي فائنل جو امتحان 1952ع ۾ پاس ڪيو، ان کان علاوه هۡن سنڌي اديب واري امتحان ۾ پوري سنڌ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪئي. سموري سنڌ جا علم ۽ ادب دوست فرد کيس سينيئر صحافي, شاعر، اديب، استاد، ڪالم نگار، مضمون نگار, تجزيه نگار, مزاح نگار طور سڃاڻندا هئا, هن ٽنڊو باگو هاءِ اسڪول مان فائنل جو امتحان پاس ڪيو ته کيس ان ئي سال يعني 1952ع ۾ تعليم کاتي ۾ بحيثيت هڪ استاد جي ڀرتي ڪيو ويو، ان دور ۾ ئي منجهس ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جا جذبا عۡروج تي پهتل هئا، هو ان وقت اسڪول جي تدريسي توڙي غير تدريسي سرگرمين ۾ ڀرپور حصو وٺندو هو، پنهنجي ڳوٺ جي هر سماجي ڪم ۾ خلوص نيت سان حصو وٺڻ کي ته هۡو هڪ پۡرسۡڪون عبادت سمجهندو هو. 1960ع ۾ ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد ۾ ٻن سالن جي تربيتي ڪورس دؤران هۡن برک اديب غلام محمد گرامي، ابن الياس سومرو ۽ ع . ق شيخ کان گهڻو ڪجهه پرايو ۽ واپرايو، اهڙن ناليوارن ماهر اديبن ۽ استادن جي نگراني ۾ منجهس علم ۽ ادب جي دنيا سان لنئون لڳائڻ جي سڪ جاڳي اۡٿي, جنهن سڪ ۽ ڇڪ جو جاڳي اۡٿڻ فطرت جي عين مطابق هو. ان دوران هن وڌي چڙهي علمي, ادبي, ثقافتي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ شروع ڪئي, هي اهو دور هو جنهن وقت محمد عثمان ڏيپلائي مرحوم جي لکڻين جي هاڪ هوندي هئي، جيڪي لکڻيون اڪثر هفتيوار رسالي ”انسان“ ۾ ڇپبيون هيون, مخمور مهيري به ان دور ۾ پنهنجو شروعاتي مزاحيه مضمون ”ڪانچ“ لکيو, جيڪو ڏيپلائي صاحب کي بيحد وڻيو ۽ ڏيپلائي صاحب جي ڪوششن سان سندس اهو مزاحيه مضمون هفتيوار "انسان" رسالي ۾ شايع ٿيو, پوء ته سندس علمي ۽ ادبي سفر کي وڌيڪ اۡتساهه ملي ويو. 1980ع ۾ سرڪاري نوڪريءّ جا 28 سال تعليم جهڙي مقدس پيشي سان وابسته رهڻ بعد اتان رٽائر ٿيو, رٽائرمينٽ جي حوالي سان سندس مانۡ ۾ منعقد ڪيل الوداعي تقريب سندس زندگيءّ جي خۡوبصورت ۽ يادگار تقريبن ۾ شامل هئي. تعليم کاتي جي نوڪريءّ مان فارغ ٿيڻ بعد هن سماج ۾ ٿيندڙ بدعنوانين، نا انصافين ۽ بدامنيءَ کي نظر ۾ رکي عوام جي سُورن, تڪليفن ۽ اهنجن کي اقتدار اعلي' جي ايوانن تائين پهچائڻ لاء هن صحافتي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ غلام شاهه باگراڻي/ مويا لاء ”عبرت“ اخبار جو نمائندو مقرر ٿيو, جنهن دوران لڳ ڀڳ چاليهه سالن تائين صحافتي خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ آخري دم تائين عبرت اخبار سان ئي سلهاڙيل رهيو,” وڃي ٿيا ست خير“ جي عنوان سان سندس اخباري مضمونن تمام گهڻي مقبوليت ماڻي, سندس اخباري ڪالمن ۽ مضمونن جو اهو سلسلو ايتريقدر مقبول ٿيو جو آل پاڪستان نيوز پيپر سوسائٽي (اي پي اين ايس) طرفان انوقت جي وزيراعظم پاڪستان ميان محمد نواز شريف هٿان کيس هڪ "بهترين ڪالم نويس" جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو, جيڪا تقريب آواري هوٽل ڪراچي ۾ پروقار طريقي سان منعقد ڪئي وئي هئي. انهيءّ ايوارڊ ملڻ تي هۡو ته حد کان وڌيڪ خوش هو پر عبرت جي چيف ايڊيٽر ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر قاضي اسد عابد ۽ ان وقت جي عبرت جي ايڊيٽر خير محمد کوکر مرحوم به سندس صلاحيتن جو دلي قدر ڪندي کيس اجرڪون اوڍائي مۡبارڪون ڏنيون, جنهن سندس خوشيءّ ۽ اۡتساهه کي وڌيڪ چارچنڊ لڳائي ڇڏيا, ان کان پوء هۡن جي لکڻ جي رفتار به تيز ٿي ته وري هۡن شاعريءّ تي به ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو, جنهن جي بدولت اڳوڻي وفاقي وزير مرحوم قاضي عبدالمجيد عابد کيس "شاعر عبرت" جو لقب ڏنو . ڇاڪاڻ جو سندس ڪافي شاعريءَ جنهن ۾ غزل، گيت، وائي، بيت، قطعا، ۽ ٽيڙو شامل آهن, سي اڪثر عبرت اخبار جي صفحن جي زينت بڻيا توڙي جو سنڌ جي کوڙ سارين اخبارن توڙي رسالن ۾ سندس شاعري ڇپجندي رهي، ويجهي ماضيءّ ۾ شاعرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چئنل تان سندس شاعري سندس زباني پڻ نشر ٿي. جنهن حوصلا افزائي کيس ڄڻ ته وري جوان بڻائي ڇڏيو هو, هن علمي, ادبي ۽ صحافتي خدمتن جي بدولت ڪيترائي ايوارڊ ۽ مڃتا سرٽيفڪيٽ ماڻيا. سندس خواهش ۽ زندگيءَ جو مقصد اهو رهيو ته هۡو علم ۽ ادب جي تاحيات خدمت ڪندو رهي، سندس اها خواهش گهڻي قدر پۡوري به ٿي, هۡن ٽنڊي محمد خان جي تاريخ تي به شروعاتي مرحلي طور ڪم ڪيو, ان تاريخ تي کوڙ سارن ليکڪن ۽ محققن جا اختلاف پنهنجي جڳهه تي, پر هۡن ڄڻ ته شروعاتي طور بيٺل پاڻي ۾ پٿر اۡڇلي ” ٽنڊو محمد خان جي تاريخي ۽ ترقياتي سفر “ جي نالي سان 2009ع ۾ ڪتاب مرتب ڪري ڇپايو. جنهن بعد هن "موهن جو دڙو جي منظوم تاريخي ڪهاڻي سندس زباني" منظوم صورت ۾ لکي، جنهن ۾ مختصر پر منظوم شڪل ۾ سنڌ جي قديم ، تاريخي ۽ ثقافتي تهذيب موهن جي دڙي جي تباهي جي ڪهاڻي، موهن جي دڙي جي زباني بيان ڪئي وئي، اٺن صفحن تي مشتمل هي مختصر ڪتابچو مخمور بزم ادب ٽنڊو محمد خان پاران آڪٽوبر 2016ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو, جنهن جو شمار به سنڌي ٻولي جي مختصر ترين ڪتابن ۾ ڪري سگهجي ٿو. سنڌي ٻولي جي سرتاج شاهه لطيف جي شاعري تي سندس لکيل مضمونن جو مجموعو "هلو تڪيا پسون تن جا " 2018ع ۾ ساحل پبليڪيشن حيدرآباد پاران ڇپجي پڌرو ٿيو. جنهن کي پڻ بهترين پذيرائي ملي, سنڌي ٻولي جو هي علمي, ادبي, صحافتي ڪردار پنهنجي حياتيءّ جي کوڙ سارين خواهشن کي عملي ويس پهرائي, پنهنجي وجود ۽ ڪردار کي پۡرسڪون بڻائي 15 رمضان المبارڪ 1442 هجري مطابق 28 اپريل 2021ع بروز اربع تي لطيف آباد, حيدرآباد جي "صحت ٽراما سينٽر" ۾ ڦڦڙن جي تڪليف سان نّو ڏينهن جهيڙيندي هن فاني جهان مان لاڏاڻو ڪري, بقا واري سفر ڏانهن روانو ٿي ويو, کيس سوين آلين اکين سان سندس اباڻي ڳوٺ ونگائي مهيري جي قبرستان ۾ سۡپردخاڪ ڪيو ويو, بس سندس زندگيءّ جي فقط هڪڙي خواهش اڌوري رهجي وئي, سا اها ته هۡو پنهنجي شعري مجموعي کي پنهنجي اکين سان ڏسي نه سگهيو, جنهن جي رونمائي لاء هۡو زندگيءّ جي آخري گهڙين تائين منتظر ۽ متحرڪ رهيو, بس هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سندس اڻڇپيل مواد کي ڇپائي عام آڏو آندو به وڃي ته ادبي تاريخ ۾ به محفوظ ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو هۡو هميشه اکرن جي خۡمارن سان خۡماريل رهيو, سندس خۡمارن جي تڪميل جو دڳ به سندس اڻڇپيل مواد جي ڇپائيءّ ۾ ئي آهي.

    azam772003@yahoo.com
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو