جسٽس (ريٽائرڊ) محمد روشن عيساڻي مرحوم ۽ سندس هڪ يادگار خط.. اعظم

'ڪالم' فورم ۾ صراط بلوچ طرفان آندل موضوعَ ‏29 اپريل 2021۔

  1. صراط بلوچ

    صراط بلوچ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 جولائي 2020
    تحريرون:
    301
    ورتل پسنديدگيون:
    24
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    78
    ڌنڌو:
    ليکڪ ۽ شاعر
    ماڳ:
    حيدرآباد
    ترتيب، تاليف: اعظم ڀٽي
    انعام شيخ, سنڌي ادبي بورڊ پاران 2005ع ۾ سيد ميران محمد شاهه پاران سائين جي. ايم. سيد ڏانهن لکيل خطن جي ڇپيل مجموعي "رهاڻ " ۾ پيش لفظ طور لکي ٿو ته : " چيو ويندو آهي ته خط اڌ ملاقات آهي. خط کي اڌ ملاقات اُن ڪري چون ٿا، جو خط لکڻ دوران ماڻهو هڪ طرفو ٿي، رڳو پنهنجي اندر جواحوال رقم ڪري ٻئي کي آگاهي ڏيندو آهي. دُنيا ۾ اهڙا بيشمار خط آهن، جيڪي لکيا ته شخصي سطح تي ويا هئا، پر بعد ۾ اُنهن جي اهميت اجتماعي حوالي سان به ٿي وئي. انهيءَ ڪري چئي سگهجي ٿو ته ”خط“ به دراصل هڪ دور جي تاريخ آهي، جنهن ۾ لکندڙ نيڪ نيتيءَ سان سچن پچن حالن احوالن ۽ واقعن جي آگاهي ڏئي ٿو. عام طور تي خط ٻن قسمن جا ٿين ٿا. هڪڙا اُهي، جن ۾ روزمره جي عام روايتي واقعن کان آگاهي مليل هجي، ٻيا اهي خط جن ۾ خاص ۽ غير روايتي واقعن جي ڄاڻ ڏنل هجي."
    جسٽس محمد روشن عيساڻي پاران 2015ع ۾ حڪيم محمد يوسف کتري ڏانهن لکيل هڪ خط مختلف دورن جي حالات ۽ واقعات کي سرسري طور سمجهڻ ۾ بيحد ڪارائتو ۽ مددگار آهي, جنهن ۾ هڪ اديب جي زندگيءّ, ذاتي نوعيت جي ڪجهه معاملن, سماجي حالتن, ادبي حوالي سان ٻاراڻي ادب جي مختصر تاريخي عڪس کان سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي شروعاتي تاريخ جو مختصر پهلو, پيشيورانه مامرن سميت هڪ دور جي مختصر پر سرسري جهلڪ نظر اچي ٿي, منهنجي محسن حڪيم يوسف کتري وڙ ڪري, خط جي اهميت کي نظر ۾ رکي, جسٽس ريٽائرڊ محمد روشن عيساڻي جو هي خط ڪمپوزنگ لاء مونکي ڏنو, جيڪو مون پنهنجو فرض سمجهي ڪمپوز ڪيو ۽ حڪيم يوسف کتري صاحب جي اجازت سان ريڪارڊ تي آڻڻ ۽ پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاء هتي ڏئي رهيو آهيان, اۡميد ته ڪنهن دور ۾ روايت بڻيل خط لکڻ واري هي ڪرت جيڪا هاڻي نالي ماتر وڃي بچي آهي سا نئين نسل لاء ڄاڻ سان گڏ ڪو اۡتساهه جو سبب ضرور بڻجندي. آئون ضروري ٿو سمجهان ته خط جو عڪس ۽ مڪمل متن پڙهندڙن تائين پهچائڻ کان اڳ جسٽس صاحب جو مختصر تعارف به ڪرائيندو هلان ته جيئن سندس زندگيءّ جا مختلف پهلو به سرسري انداز ۾ ظاهر به ٿي سگهن ته معلومات جي ڪجهه اۡڃ به اۡجهامي سگهي !
    جسٽس محمد روشن عيساڻي

    جسٽس محمد روشن عيساڻي 5 آگسٽ 1941ع تي ٽنڊو محمد خان ۾ جنم ورتو, سندس والد جو نالو محمد عيسي' ميمڻ هو, شروعاتي تعليم ٽنڊو محمد خان مان حاصل ڪيائين, ٻاراڻي ادبي اداري "ٻارن جي محفل " برپا ڪري, لائبريري قائم ڪيائين, سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي شرعاتي دور ۾ ان سان سلهاڙيل رهيو, سندس شاندار لائبريري چورن جي ور چڙهي وئي, ڪيترن ئي عهدن تي براجمان رهيو, ڪاميابين ۽ ناڪامين جا مرحلا به طئه ڪيائين, اصولن جي پاسداري خاطر ڪيترن ئي اهم عهدن تان استعيفائون ڏنائين, سندس زندگيءّ جو سرسري وچور هن ريت آهي ته: 1967ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان بي. اي ڪيائين, سنڌ يونيورسٽي مان ئي پبلڪ ايڊمنسٽريشن مان ڊپلوما ڪري, اۡتان ئي 1969ع ۾ ايل ايل بي ڪيائين, 06 مارچ 1971ع تي ماتحت عدالتن ۾ وڪيل جي حيثيت ۾ داخل ٿيو, 21 اپریل 1975ع تي هاء ڪورٽ جي وڪيل طور ۽ 1991ع ۾ سپريم ڪورٽ جي وڪيل طور خدمتون سرانجام ڏنائين, 7 نومبر 1972ع تي سنڌ جو سڀ کان ننڍي عۡمر وارو اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر مقرر ٿيو, 14 اپريل 1988ع تي ضلع ٿرپارڪر جو گورنمينٽ پليڊر ٿيو, 27 مارچ 1995ع تي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جي پينل تي رهيو, 5 نومبر 1995ع کان 11 نومبر 1996ع تائين ٻيو سنڌي ڊپٽي اٽارني جنرل پاڪستان رهيو, 1972ع ۾ ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري رهيو, 1981ع ضلعي ٿرپارڪر بار ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر رهيو, جڏهن ته اۡتي ئي ڪيترائي سال ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو, 1975ع کان 1981ع تائين ضلع ٿرپارڪر جي ضلعي ثقافتي ايسوسيئيشن جي مئنيجنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو, 1976ع کان 1981ع تائين ضلع ٿرپارڪر جي ضلعي تپ دق ايسوسيئيشن جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو ميمبر رهيو, 1995ع کان سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي بلڊنگ ڪميٽي جو ميمبر رهيو, 27 آڪٽوبر 1997ع کان ميمبر امتحان ڪميٽي سنڌ بار ڪائونسل بطور جج هاء ڪورٽ رهيو, 24 اپريل 1998ع کان مهراڻ يونيورسٽي آف انجينيئرنگ ۽ ٽيڪنالاجي ڄامشورو جي سينڊيڪيٽ جو ميمبر رهيو, 4 مئي 1999ع کان انڊس ويلي اسڪول آف آرٽ ۽ آرڪيٽيڪچر ڪراچي جي بورڊ آف گورنرس جو ميمبر ٿيو, 19 جون 2000ع کان 26 اپريل 2004ع تائين چيئرمين صوبائي اليڪشن اٿارٽي سنڌ رهيو, 2 ماچ 2001ع کان 19 مارچ 2001ع تائين سنڌ هاء ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس رهيو وري 25 جولاء 2002ع کان 2 آگسٽ 2002ع تائين سنڌ هاء ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس رهيو. 2002ع ۾ ريٽرننگ آفيسرن / عدالتي فيصلن خلاف اپيلون ٻۡڌڻ لاء قومي ۽ صوبائي اسيمبليءّ سنڌ جي چونڊن ۽ ضمني چونڊن بابت اليڪشن ٽربيونل جو جج رهيو, 2002ع ۾ ڪراچي ۾ سنڌ صوبائي جوڊيشل ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪيائين. هاء ڪورٽ مان ريٽائرمينٽ بعد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو ميمبر بڻيو, جتان وري فارغ ٿيڻ کانپوء ڪنهن قدر ذاتي زندگيءّ طرف ڌيان ڏيڻ بعد ڪجهه عرصو علالت ۾ رهي 8 آگسٽ 2020ع تي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪيائين, سندس مڙهه ڪراچي مان آڻي ٽنڊي محمد خان جي نصيرآباد محلي ۾ سندس اباڻي " مولۡو ميمڻ جي قبرستان" ۾ مٽيءّ ماءۡ حوالي ڪيو ويو. سندس زندگيءّ جا کوڙ سارا پهلو اڃا پوشيده آهن, جن تي کوجنا ڪرڻ ۽ قلم آزمائي ڪرڻ جي ضرورت آهي, اچو ته حڪيم محمد يوسف کتري کي لکيل سندس خط تي نظرون ڊوڙايون.

    جسٽس (ريٽائرڊ) محمد روشن عيساڻي جو حڪيم محمد يوسف کتري کي لکيل تاريخي خط

    ELECTION COMMISSION OF PAKISTAN
    Election House. Constitution Avenue. G-5/2,
    Islamabad

    Justice (R) Muhammad Roshan Essani
    Member Election Commission
    Tele: 9219135


    اسلام آباد
    07.10.2015

    شال خوش هجو!
    برادرم محمد يوسف کتري صاحب!


    اسلام عليڪم جي احوال ته -
    توهانجو قرب نامو جوابي صورت ۾ پهتو- مهرباني -
    توهان سنڌي زبان جي اديب جي تعريف متعلق جيڪي لکيو آهي, ان سلسلي ۾ آئون وري به ورجائيندي, اهو چوڻ تي مجبور آهيان ته سنڌي اديب ويچاري کي سندس پورهيي ۽ تخليق تي ڇا ٿو ملي? هۡو جيڪي ڪجهه پيش ڪري ٿو, اۡن لاء اسان کان مالي طور ڪجهه پني نٿو پر هۡو پنهنجي پورهيي سان گڏوگڏ دماغ ۽ نۡور نچوئي تخليق جي صورت ۾ معاشري کي صحيح ماڳ ڏانهن موڙڻ لاء مدد ڪري ٿو, ان ۾ اسانجو بيحس معاشرو جيڪڏهن هن کي جس به نه ڏي ته ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو ظلم ٿي نٿو سگهي, هۡو پنهنجي ٻچڙن جو پيٽ ڪٽي, انهن جي خواهشن کي اڻپورو ڇڏي هڪ اۡها تخليق پيش ڪري ٿو جنهن ۾ سڀني جو ڀلو مضمر هجي ٿو. آئون چوان ٿو ته اهو پوڄڻ جي لائق آهي, ڀلي جيڪر ڪير مونسان ان سوچ تي اختلاف ڪري مونکي ان جي پرواهه نه آهي. الحمد لله ڪافي دنيا جي ملڪن ۾ ويو آهيان, اۡتي جي لائبريرين کي به لتاڙيو اٿم , اۡتي جا ملڪ/ اداره تن, من ۽ ڌن سان اۡتي جي اديب جي جيڪا قدر افزائي ۽ شيوا ڪن ٿا, تنهنجو اسين عشر عشير به ڪونه ٿا ڪريون پر بي بنياد تنقيد جو ڏنڊو کڻي پۡٺيان ڪاهي پئون ٿا, شال رب تعالي' اسانکي ۽ اسانجي قوم کي هدايت/ ساڃهه نصيب ڪري - آمين-
    مونکي اهو پڙهي به ڏاڍي خوشي ٿي ته توهان پڻ اسان جي لڏي مان آهيو, ذاتيات برطرف پر پيشه ورانه طور وڪيل پڻ آهيو. ٽنڊو محمد خان جي پيشه ورانه فيلڊ ۾ جۡمود ۽ مونوپالي (Monopoly) ٽوڙي وائيس پريزيڊنٽ جي عهدي تائين پهچڻ هڪ وڏي ڳالهه ۽ فتح آهي, ڇاڪاڻ ته هتي اۡهي سۡقراط نه آهن جيڪي خوشيءّ سان زهر جو پيالو پين يا پيتو هۡجين, آءۡ انهيءّ ساڳئي معاشري جو انسان آهيان.
    ماتليءّ جي حوالي سان توهان هاڻ وڌيڪ منهنجي نزديڪ ٿي ويا آهيو, توهان کي ضرور خبر هوندي ته بيگم صاحبه ماتلي جي آهي ۽ اۡن پاڙي مان منهنجي شادي ٿيل آهي جتي توهان جا ڪجهه بزرگ پڻ رهندا آهن, جن سان منهنجي سۡٺي دۡعا سلام آهي, اۡهي ڏاڍي حۡب ۽ اۡڪير سان ملندا هئا, هينئر بيگم صاحبه جي لاء جڳهه ماتلي ۾ گورنمينٽ ڪاليج جي سامهون مين روڊ لڳ "مختيار ولا " (Mukhtiar Villa) ٺهرايان پيو ۽ (Supervision) نظرداري, ٺهرائڻ وغيره جو ڪم مسٽر مير محمد کتري انجنيئر جي حوالي آهي, ضرور توهان جو عزيز هوندو, بيگم صاحبه ذڪر ڪندي آهي ته مير محمد صاحب جي سس ۽ پاڻ هڪٻئي جون گهاٽيون سهيليون ۽ هم عۡمر هيون, ماتليءّ جا کتري مذهبي, راڄائتا, نيتائتا ۽ شريف النفس مشهور آهن, شۡڪر ٿيو ته توهان به اۡنهن مان آهيو, ٽنڊو محمد خان منهنجي جنم ڀومي آهي, شال وڌو ۽ ويجهو .
    ادبي سلسلي ۾ ٻۡڌائيندو هلان ته ابراهيم پياسي, اياز پاٽولي سان ادبي کيتر وغيره ۾ ڪنهن به سلسلي ۾ آءۡ ڪڏهن به گڏ نه رهيو آهيان, بقول شخصي ته " پنهنجو گهر" جۡدا هو. آءۡ الحمد لله فخر سان چوان ٿو ته ٻاراڻي ادب جي سلسلي ۾ آءۡ پهريون نينگر ٽنڊو محمد خان جو هۡئس جنهن "ٻارن جي محفل " جي نالي سان ٻاراڻو ادبي اداره قائم ڪيو ۽ لائبريري قائم ڪئي, اۡن وقت ٻاراڻا ادبي ڪتاب ۽ رسالا آءۡ خريد ڪندو هۡئس ۽ ٻين جي برخلاف بنا معاوضه پڙھڻ لاء ڏيندو هوس, ڪا به مالي مدد وغيره ڪڏهن به اداري جي نالي نه ورتم, منهنجي ان اوسر واري زماني ۾ محمد هاشم پاٽولي جيڪو گهڻو پوء "اياز " ٿيو ۽ " اداره گۡلشن ادب " خيرن جو قائم ٿيو.
    والد مرحوم جنت مڪان جڏهن ڏٺو ته منهنجي توجه گهڻي غير نصابي سرگرمين طرف وڌي رهي آهي ته مونکي مشورو ڏنائون ته آءۡ پنهنجي پڙهائي طرف ڌيان ڏيان ۽ زندگي جي سفر ۾ هي شيون وري به ٿي سگهن ٿيون, شۡڪر ان رب جو جنهن پيدا ڪيو, مون سندس چوڻ مڃيو ۽ پڙهائي کي جۡنبي ويس, اڃا آءۡ مئٽرڪ تائين نه پهتو هيس ته منهنجي شادي ٿي وئي, اۡن دور کي به آءۡ ٻاراڻي اوستا چوندس, پڙهائي کي ٻنجو ڏنم , والد گرامي مرحوم زمين خريد ڪري ڏني, زمينداري ۾ ناڪام ٿيس, وري پاڻ رائيس ۽ پاورلومز فيڪٽري ٽنڊو محمد خان ۾ کولي ڏني, آءۡ هلائي نه سگهيس, ممڪن آهي ته ناتجربيڪاري جي ڪري ناڪام ٿيس, والد محترم مرحوم ڪڏهن به منهنجي تمام گهڻين ناڪامين ۽ نقصانن جي باوجود, پنهنجي چهري ۾ سر (گهۡنج) نه پاتو, پاڻ فرمايائون ته ڪپڙي جو ڪاروبار ڪر , مون نابري واري کين عرض ڪيو ته آءۡ پڙهڻ چاهيان ٿو, پاڻ هڪدم همت افزائي ڪيائون, پوء مون مئٽرڪ, بي . اي , ڊي. پي. اي (ڊپلوما ان پبلڪ ائڊمنسٽريشن) (اسانجو سنڌ يونيورسٽي جو سيڪنڊ بئچ (Batch) هو) ۽ ايل. ايل. بي (LLB) پاس ڪئي. ڇا ته اۡستاد ھئا, وڪيل ٿيس, سنڌ اندر ننڍي عۡمر وارو واحد اسسٽنٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ۽ اسسٽنٽ گورنمينٽ پليڊر ٿيس, جڏهن ترقي ٿي ۽ پبلڪ پراسيڪيوٽر ٿيس ته هڪدم استعيفي' ڏنم, جو DGP ۽ DDP کي پرائيويٽ پريڪٽس جي اجازت نه هئي, وري رب جو خاص ڪرم ٿيو, ڊپٽي اٽارني جنرل آف پاڪستان ٿيس, پاڪستان جي تاريخ ۾ ٻيو سنڌي DAG رهيس. گورنمينٽ جي تبديلي تي پاڻمرادو ان پوسٽ تان استعيفي' ڏنم, جو سوچيم ته اڄ ڪورٽن ۾ جن لاء سۡٺو چيو اٿم, سۡڀاڻي انهن کي بۡڇڙو چوڻو پوندو, ضمير گواره نه ڪيو, خۡدا گواهه آهي ته منهنجي ڪا به سفارش نه هئي ۽ نه رهي آهي, ان کانپوء قادر جي ڪرم سان هاء ڪورٽ جو جج ٿيس, رٽائرمينٽ کانپوء چيئرمين N.R.O سنڌ رهيس, اۡتان به آخر پاڻمرادو استعيفي' ڏنم, هن وقت ميمبر اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (سنڌ) آهيان ۽ ڪراچي ۾ سنڌ جو اعزازي جسٽس آف پيس پڻ مقرر ٿيل آهيان. ٿرپارڪر ضلعي جي بار ائيسوسيئيشن جو جنرل سيڪريٽري ۽ ڪافي دفعه جوائنٽ سيڪريٽري, ايگزيڪيٽو ڪاميٽي وغيره تي ميمبر رهيس. هلال احمر ۾ ڊسٽرڪٽ ٽي. بي (T.B) ائسوسيئيشن ۾ به مختلف عهدن تي رهيس. ازانسواء سگا جو پڻ ميمبر رهيس, اۡن وقت ٿرپارڪر ضلع ننگرپارڪر کان ڇوڙ تائين هو. هينئر اۡهو ٽن ضلعن ۾ تقسيم ٿيل آهي ۽ سنڌ بار ڪائونسل جو ميمبر پڻ رهيو آهيان, مختصراّّّ غلام علي کتري وڪيل صاحب جنهن کي مرحوم لکندي ڏۡک ٿو ٿئيم, منهنجو پيارو دوست هو, گهڻي سگريٽ پيئڻ تان ٽوڪيندو به هوسانس, ڪڏهن رنج نه ٿيو, پڇاڙي ۾ حاجي اسلم آرائين وڪيل جي فرم ۾ هو, آءۡ ماتلي جڏهن به ايندو هۡئس ته پاڻ جيڪڏهن اۡتي هوندو هو ته گهڻو ڪري گڏ هوندا هئاسين ۽ ميرپورخاص مان جي حيدرآباد اچبو هو ته عۡمومن ملاقات ٿيندي هئي, حاجي اسلم آرائين اصل ڊگڙي ضلع ميرپورخاص جو هو ۽ ڪافي ڪيسز ۾ آمهون سامهون يا گڏ وڪيل رهياسين, آخر ۾ هاء ڪورٽ جو جج ٿيو. تعليمي يعني دوباره پڙهائي واري دور ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ادبي سفر جي شروعات ڪيم, اۡن دور ۾ مرحوم زيب ڀٽي صاحب, مرحوم غلام نبي بهراڻي, مرحوم محمد بچل شهاب ۽ ٻين ڪافي بزرگ, اديب دوستن سان گڏ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان کان مون شروعات ڪئي. منهنجي ميرپورخاص لڏڻ کانپوء ٽنڊو محمد خان ۾ پنهنجي ذاتي لائبريري جنهن ۾ تمام سۡٺا, قيمتي ۽ هاڻ ناپيد ڪتاب پڻ هئا, اۡهي هڪ ديوار وارو وڏو ڪٻٽ ڪافي خانن وارو ٺهرايم اۡن ۾ ۽ باقي هڪ تمام وڏي ڪاٺ جي پيتي ۾ بند ڪري تالا لڳائي ميرپورخاص لڏڻ وقت گهر ۾ رکيا هۡئم, اۡهي پويان تالا ڀڃي ڪري خبر نه آهي ته ڪنهن کي ڏنائون يا ردي ۾ وڪيائون. اهو سۡور ڪڏهن به نه وساريندس, جڏهن به ياد اچي ٿي ته اکيون پاڻي سان ڀرجيو اچن. آءۡ توهانجي دوست ڊاڪٽر سليم صاحب جو انتهائي ٿورائتو آهيان جنهن منهنجي انگريزي متعلق ذڪر ڪيو آهي, منهنجي طرفان سندس شڪريه ادا ڪندا ۽ کيس سلام چوندا. ادا ! انگريزي ايڏي ته شاهوڪار زبان آهي جو ڇا چئجي, اسين ته " Picking Peebles " واري مرحلي ۾ به نه آهيون, آءۡ هي پنهنجي متعلق چئي رهيو آهيان, باقي اسان وٽ به وڏا عالم, فاضل انگريزي زبان جا هئا ۽ آهن.
    مسٽر نۡور علي سان ميرپورخاص ۾ حضرت مولانا عبيدالله سنڌي صاحب جي "سوشلزم " اکر جي سلسلي ۾ ٻۡڌايان ته اهو لفظ حضرت سنڌي صاحب, ڪلام الله جي پاره " عم " جي تفسير ۾ لکيو آهي. نور علي صاحب کي به منهنجا سلام عرض ڪندا. اسان ٽنڊو محمد خان ۾ گڏ پڙهيا آهيون, سيٺ حاجي عبدالخالق ميمڻ مرحوم صاحب ٽنڊو محمد خان جي هڪ تمام اعلي' اشراف شخصيت ۽ زعمائن مان هو, انشاءّ الله ضرور جنت الفردوس ۾ هوندا. منهنجي والد مرحوم حاجي محمد عيسي' جا جگري يار هوندا هئا ۽ آءۡ کين چاچا ڪري سڏيندو هوس, چاچا عبدالخالق مرحوم اۡها شخصيت هۡئي جن لاء اهو چوڻ به گهٽ آهي ته " جنين ڏٺو ماءۡ تنين ڏٺو پرينءّ کي", مونکي پنهنجي اولاد وانگر سمجهندا هئا, والد ۽ سندن هڪٻئي سان تمام گهڻي محبت هئي, مختصراّّ ته کين پهرئين گهر مان اولاد نه هو ۽ جڏهن ٻي شادي ڪيائون ٿي ته والد مرحوم سان به مشوره ڪيائون, سندن ساهرن کي به والد صاحب سۡڃاڻندا هئا, مونکي ياد آهي ته کين مشوره ڏنائون ته بلڪل صحيح هنڌ جو تو انتخاب ڪيو آهي, انتهائي شريف ۽ نيڪ خاندان آهي ۽ سندن فيصلي تي صاد فرمايائون ۽ کين همٿايو. الحمد لله خۡدا پاڪ کين ٻه تمام اشراف , لائق, قابل ۽ نيڪ فرزند عطا ڪيا آهن, جيڪي محمد لقمان صاحب سيشن جج ۽ ڊاڪٽر محمد علي جي نالي سان معروف آهن. آءۡ دعا ٿو گهۡران ته ربّ جلشانهۡ هنن ٻنهي کي عۡمر خضري عطا ڪر, وڌن ۽ ويجهن, ڊاڪٽر محمد علي کي به دل ڏاڍو ياد ڪندي آهي جو کين ڏٺي ڏينهن ٿيا آهن, البته محمد لقمان صاحب سان اليڪشن وغيره جي سلسلي ۾ ميٽنگن اندر ڪڏهن ڪڏهن ملاقات ٿئي ٿي, شال شاد ۽ آباد هۡجن.
    آءۡ اڃا تائين عيدالفطر, عيدالاضحي' ۽ محرم جي نائين يا ڏهين تاريخ تي جيڪڏهن پاڪستان ۾ هوندو آهيان ته ايندو آهيان, توهانکي شابس هجي جو مونکي ٽنڊو محمد خان ۾ ياد رکيو آهي, باقي ڊاڪٽر غلام حسين صاحب لاء ڇا لکان املهه ماڻڪ ۽ هيرن جي کاڻ آهي, شل رب پاڪ کين وڏي حياتي ڏي ۽ سلامت رکي. آمين ثم آمين.
    منهنجي والدين بنسبت جيڪو پۡٺيان Scandel گهڙيو ويو آهي, اۡهو سڄو ڪۡوڙ تي مبني آهي, جيئن ته والده مرحومه جي ملڪيت جن ڦٻائي تيئن هيءۡ به هڪ ناٽڪ آهي, جيڪو سراسر ڪۡوڙ ۽ دولاب تي مبني آهي, مونکي بدنام ڪرڻ جي نه صرف سازش آهي پر جائز حق کان محروم ڪرڻ لاء منصوبه بندي آهي. بهرحال قدرت کين ان جي ضرور سزا ڏيندي. مونکي خبر نه آهي ته حڪيم ميمڻ ڪنهن جي ڪري ۽ ڇو اها حرڪت ڪري پيو, ان جي رد ۾ مون وٽ دستاويزي ثبوت آهن, ڪورٽ جو ريڪارڊ آهي, فرصت ملڻ تي آئون توهانکي ڪورٽن وغيره جي دستاويزي ثبوتن جون فوٽو ڪاپيون پڻ ڏيندس , ميان محمد هاشم جيڪا دعوي' ڪري پيو, کيس شرم اچڻ گهرجي, مون وٽ سندس والد جا مئجسٽريٽ روبرو ڏنل بيان جا نقل آهن, ان سان گڏ سندن ٻي عزيز سيٺ محمد بچل پاٽولي جو بيان ڪورٽ آڏو ڏنل, ان جا به نقل آهن. ڇا ? ميان محمد هاشم اياز سندس والد مرحوم کان عۡمر ۾ وڏو آهي, جو ان جي بيان کي رد ڪري رهيو آهي? هن کان پۡڇو ته شهر جي ڪيترن معزز شخصيتن کي پاڻ شۡجرن جي سنّد عطا ڪئي اٿن جيڪي ڪورٽن قبول ڪيا آهن ۽ شۡجرن متعلق سندس ماخذ ڇا ۽ ڪهڙا آهن? شڪر آهي ته توهان وڪيل پڻ آهيو, ليگل MAXIM آهي ته " No one should be condemned unheard". مونکي توهان کا ڪا به گلا ۽ رنجش نه آهي, آءۡ ڪڏهن دل ۾ ڪينو نه رکندو آهيان, الله پاڪ توهان کي سلامت رکي. جي دل ۾ بغض هجي ها ته توهانجي علمي پورهيي کي تسليم ڪندي, ان وقت واقفيت نه به هوندي ٻه اکر نه لکان ها. شال سدائين خوش ۽ آباد هۡجو.
    اسانجي همراهن متعلق آءۡ آخر ۾ ڀٽائي بادشاهه جون ٻه سٽون پيش ڪريان ٿو :
    "قوت نه قراريا ڪاپڙي, موهيا نه مال,
    جي ڇورين ڏنا ڇال ته به لاهوتي لنگهي ويا."

    حضرت اياز جي والد صاحب جو ڪورٽ ۾ ڏنل بيان جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي به توهانکي ڏيندس جنهن ۾ منهنجي والدين متعلق سندن صحيح بيان آهن.
    آخر ۾ اهو چوندس ته قرآن پاڪ ۾ اهو حڪم آهي ته " حاسداُ اذا حسد".
    خط طويل ٿي ويو آهي, في الحال اتي اڪتفا ٿو ڪريان منهنجي Bio-Data جيڪا ڊاڪٽر غلام حسين صاحب وٽ آهي, ان کان وڌيڪ احوال پڻ آهي, جڏهن لکو ته ٻۡڌائجو جيئن آءۡ مڪمل توهانکي موڪليان.
    نوٽ:-
    منهنجا خصوصي سلام ۽ دۡعائون محمد لقمان ۽ ڊاڪٽر محمد علي صاحب کي ضرور ڏيندا, اليڪشن جي ڪري تمام گهڻو ڪم آهي, هيءۡ خط به قسطن ۾ لکيو اٿم غلطي هجي ته کلندا ضرور-

    ساٿ سلامت!

    والسلام

    جسٽس (ريٽائرڊ) محمد روشن عيساڻي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو