ڪتاب "جدائي جي جزيري تي" جو سرسري جائزو....!

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ سنڌي فقير محمد طرفان آندل موضوعَ ‏5 مئي 2021۔

  1. سنڌي فقير محمد

    سنڌي فقير محمد
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏8 آگسٽ 2018
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    3
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڪائنات ۾ لفظن جو ڏانءُ ڪنھن ڪنھن وٺ آهي.!
    ڪتاب "جدائي جي جزيري تي" جو سرسري جائزو.
    فقير محمد سنڌي.
    اڱڻ تازي ٻاهر ڀڪنڊيون، پکا پٽ سونهن،
    سرهي سيج پاسي پرين، مرپيا مينھن وسن،
    اسان ۽ پرين، شال ھون برابر ڏينھڙا.
    ( شاهه لطيف )
    هيءَ دنيا وهنوار جو نالو آهي، هر فرد پنھنجو مقصد رکي ٿو. ڪن جا خيال ٻين لاءِ جيئن ٿا ته ڪن جا خيال وري پنھنجي لاءِجيئن ٿا پر شاعر وٽ پنھنجي وٿ آهي هو سڄي سماج لاءِ جيئي ٿو. توڙي جو درد، سوچ، مايا ۽ دنياداري جا ڪيئي حوالا ۽ مقصد آهن پر شاعر تڙپ سماج جي رکي ٿو. "جدائي جي جزيري تي" شهمير سومرو جدا هوندي به سماج سان جڙيل آهي. جداجو مطلب اهو آهي ته هو ڪنھن جزيري تي آهي پر سماج جو درد پنھنجي شاعري ۾ سانڍي هلي ٿو.
    پوتين ۾ جا پهري معني پئي آهي،
    تنھن ۾ ڪيڏي گهري معني پئي آهي.
    ڳالھين مان ڪٿي روحاني تسڪين ملي،
    لهجي ۾ ڄڻ مصري معني پئي آهي.
    "جدائي جي جزيري تي" ڪتاب جي هڪ خوبي اها به آهي ته ڪجهه غزلن جو انگريزي ٻولي ۾ ترجمو نواب علي راهو ڪيو آهي. ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي سدا بهار ليکڪ ۽ شاعر محمد علي پٺاڻ لکيو آهي. "شاعري زندگيءَ جي محبوبائين ادائن، ناز نخرن، نفيس رسامن پرچائڻ ۽ مينديءَ رتل ٻن هٿن جي تاڙيءَ جي نرالن آوازن ۾ ساھ کڻندي آهي ۽ مستيون ۽ موجون ان جي لازواليءَ کي يقيني بڻائينديون آهن. شهمير سومري جون ڪيتريون ئي سٽون ان ڪسوٽيءَ تي لھندي پڙهندڙن جي اڃارن ذهنن کي آب حيات جا چشما فراھم ڪن ٿيون. "
    سچ به هجي تاريخي حوالو به هجي ان سان ئي سماجي ڪارج جڙندو آهي. اهڙي هنڌ نظم پھچي ٿو ته ان موضوع ۾ اڃان به وسعت اچي ٿي.
    جيئن هي غزلن جا بيت آهن.
    زندگيءَ کي وقت ڇاڻيءَ ۾ ڇڏي،
    وڃ نه مٺڙي اڌ ڪھاڻيءَ ۾ ڇڏي.
    ٿڌڙي هوا ڪڻ ڪڻ پوي شام جو،
    اڄ يار کي سنسار کان ترجيح ڏي.
    سدائين سلامي آ خوشبوءِ ڀريندي،
    پرين وٽ ڪي اهڙا ثوابن جا گل ها.
    اک ڪٺو آ، شھيد ڪوٺيو پر،
    وار جو ڪير ترجمو نه ڪري.
    منتظر سومرو پنھنجي خيالن جو اظهار هن ريت ڪري ٿو: "شھمير جي شاعريءَ ۾ رومانوي رنگ کان علاوه استعمال ٿيل ٻوليءَ جي نفاست ۽ فڪري پڻ نظر اچي ٿو. ڇاڪاڻ جو استعمال ڪيل ٻولي بلڪل سادي سلوڻي ۽ موضوع مطابق رچيل آهي."
    سنڌ جي مھان ڪوي شيخ اياز جون سٽون آهن ته :
    ڪنھن ڪنھن ان ۾ پاتو آهي تنھنجي من جو موتي،
    سمنڊ کان گهري آهي تنھنجي اکڙين جي گهرائي.
    ( شيخ اياز )
    مير عبدالحسين سانگي جون سٽون ته :
    آهي دنيا ۾ جي رهڻ واجب،
    سور تن جا آهن سھڻ واجب.( سانگي )
    قاضي قادن جا اڻ مھيا احساس آهن ته :
    پاڻي واڻي رنگ ۾، پاڻو واڻ رتاس،
    رنگيندڙ پاڻي ڌڻي، سڀئي رنگ سندياس.
    ( قاضي قادن )
    پنھنجي ٽھي خوبصورت شاعر زيب ڪنگو لکي ٿو ته : "شهمير محض فرضي ناهي لکيو هن جو هر لفظ هر شعر هڪ انسان جي اندر جو آواز آهي، ٻيائي، دوکي، دولاب، بغض ڪينو ۽ حسد ته سکيو ئي نه آهي، اهو سبب آهي جيڪو ساڻس هڪ ملي ٿو ته سندس گهڻو ويجھو ٿيو وڃي."
    ڪتاب "جدائي جي جزيري تي " ۾ شامل حمد، نعت، غزل، نظم ۽ وائي جي صنفون شامل آهن. ڪتاب زندگيءَ جو ڪونه ڪو پيغام ضرور ذهن نشين ڪرائيندو آهي. شهمير جو هي ڪتاب سندس احساسن جو هي داستان آهي.
    شهمير جا وائي ۾ احساس نمايان آهن.
    منھنجي جيون کي،
    درد چٻاڙي ٿو.
    مينھن پيو تصوير تي،
    مصور جي فن کي،
    درد چٻاڙي ٿو.
    يا وري هي وائي
    ڏک ۾ اکين سان،
    لڙڪن ساٿ ڇڏي ڏنو.
    درد مليو هر گام تي،
    منزل کان پھريان،
    پير ساٿ ڇڏي ڏنو.
    ساحر راهو، شھمير لاءِ لکي ٿو ته : "شھمير اسان جي دور جو آواز آهي ۽ ڪنھن نه دور جي آواز کي نظر انداز ڪرڻ ڪنھن به صورت ۽ ڪھڙي به طرح آسان نه آهي."
    دنيا جو درد فنون لطيفه جي فردن جي نس نس ۾ شامل آهي. جيڪا صدين تائين امر رهڻي آهي، اهو عشق ئي آهي جيڪو دير تائين پنھنجا نشان نقش ڪري ٿو.
    عشق رڻ جو سفر چيو ڏاھن،
    جيءُ پگهر ۾ پيو لڙھي هاڻي.
    غزل جو برجستو نانءُ جواد جعفري لکي ٿو ته :" شهمير جي شاعريءَ ۾ سرتيءَ جي سونهن جا عڪس به آهن، عاشقن جي دل جا رقص به آهن. مٽيءَ جي مھڪ به آهي ته ڌرتيءَ جا ڏک به آهن هن ڪويءَ وٽ خيالن جي کاڻ ۽ لفظن جو اڻ کٽ خزانو آهي."
    ڪتاب "جدائي جي جزيري تي" شهمير سومرو سڀني رنگن سان گڏ جهومي ٿو، ترنم سان گڏ سجاڳيءَ جي واٽ تي هلندي غير جي ننڊ ڦٽائڻ ۾ ڪابه ڪثر باقي نه ڇڏي . جنھن جي شاهدي هيٺين شعرن ۾ نمايان آهي.
    اڃا موج مستيءَ ۾ آئي ڪٿي آ،
    اڃا واڳ تو ڏي ورائي ڪٿي آ،
    هي ڌرتيءَ اسان جي پرائي ڪٿي آ،
    اڻانگي چڻنگ مون دکائي ڪٿي آ،
    اڃا ننڊ تنھنجي ڦٽائي ڪٿي آ،
    ڀٽائي جي وائي مون ڳائي ڪٿي آ،
    جي ڳاتم ته هر جاءِ واکاڻ هوندي.
    هوا ڄاڻ آئي، هوا پاڻ هوندي.
    لطيف شناس، شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر بشير احمد شاد، ڪتاب "جدائي جي جزيري تي" جي بيڪ ٽائيٽل لکي ٿو ته : "شهمير سومري جي شاعريءَ ۾ خيال جي پختگيءَ سان گڏ موسيقيت به شامل آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن جي شاعري کي ڪيترن ئي فنڪارن سھڻا سر آلاپيا آهن. هي سندس شاعري جو ٻيو ڪتاب آهي، هن کان اڳ هن جي شاعريءَ جي مجموعي" اکڙين جي ڀاڪر ۾" کي ادبي حلقن خوب مڃتا پڻ ملي آهي."
    آخر ۾ شهمير سومرو لاءِ سندس جي غزل جا ڪجهه بيت :
    خيال هن جي انگ تي بيهي رهيو،
    ساھ هن جي انگ تي بيهي رهيو.
    عشق مون کي خوب خاموشي ڏني،
    چاھ تنهنجو چنگ تي بيهي رهي.
    مون ڏٺو شهمير ساڀيا کي ڇڏي،
    خواب جي آ جهنگ تي بيهي رهيو..
    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو