تصوف تي اعتراضن جي حقيقت.( حصو پهريون)

'مذهب' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏7 مئي 2021۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    733
    ورتل پسنديدگيون:
    656
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اڄ ڪلهه تصوف کي نهايت ئي تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.ايئن ناهي ته ماضيء ۾ تصوف تي ڪي اعتراض نه ڪيا ويا آهن پر هن وقت ميڊيا،اخبارن ۽ سوشل ميڊيا تي تصوف جي باري ۾ عجيب ٻوليون ٻوليون پييون وڃن. ڪجهه ميڊيائي عالم ۽ دانشور به پيدا ٿيا آهن جيڪي پنهنجي نام نهاد تحقيق جي ذريعي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهن ته تصوف نه رڳو اهو ته دوکو آهي پر اهو شريعت ۽ اسلامي تعليم جي به خلاف آهي.اهي ماڻهو هر وقت ان تاڪ ۾ رهن ٿا ته ڪو موقعو ملي ته جيئن اهي تصوف ۽ اولياء ڪرام سان پنهنجي بغض ۽ عناد جو اظهار ڪري سگھن. جڏهن اهي تصوف ۽ صوفياء ڪرام تي الزام هڻن ٿا ته سندن دليل اهي هوندا آهن ته تصوف هڪ رهبانيت آهي،ڪڏهن انهيء کي جوڳين ۽ ساڌوئن جو مذهب قرار ڏين ٿا‘ اهو الزام ته تصوف تي شروع کان لڳندو رهيو آهي ته اهو شريعت کان هٽي ڪري يا شريعت جي متوازي ڪو نظام آهي جنهنجو اسلام سان ڪو واسطو ناهي.جڏهن ٻيو ڪو دليل هٿ نه اچي ته ان کي هندي يا يوناني فلسفي جو اثر قرار ڏنو وڃي ٿو.ان کي زندگي کان ٽهڻ جو فلسفو يا زندگيء جي حقيقتن کان فرار جو طريقو به چيو وڃي ٿو.ڪجهه ماڻهه انهيء کي مذهبي شعبده بازي ته ڪي وري ان کي پيرپرستيء سان تعبير ڪن ٿا.انهن مان الزام هڻڻ وارا ڪي اهي آهن جن کي صوفين ۽ خدا جي ولين سان بغض ۽ دشمني آهي ۽ ٻيا اهي آهن جن نه ته اسلام کي سمجھيو آهي ۽ نه ئي تصوف کي.انهن جو تصوف تي هڪ وڏو اعتراض صوفين جي چلا ڪشيء تي به آهي ۽ سندن خيال مطابق چلا ڪشيء ۽ رياضت جو اهو تصور هندن کان آيو آهي.ڇا اهي ان ڳالهه جو انڪار ڪري سگھن ٿا ته سرور انبيا صلي الله عليه وسلم جن وحيء جي اچڻ کان اڳ غار حرا ۾ چلاڪشي ڪئي هئي؟سرور عالم صلي الله عليه وسلم جن چوڏهن سال پهرين جڏهن غور ۽ فڪر لاء غار حرا ۾ ويندا هئا ان وقت عرب جي ماڻهن کي هندو تهذيب ۽ روحانيت جي باري ۾ سطحي معلومات به نه هئي.ان ڪري صوفي سڳورن جي چلن ۽ مجاهدن کي هندن سان ڳنڍڻ سراسر غلط ۽ بي بنياد ڳالهه آهي،ٻيو الزام صوفين تي اهو لڳايو وڃي ٿو ته اسلام ۾ رهبانيت گوتم ٻڌ جي تعليم جي ڪري آئي آهي جهڙيء طرح هن تخت ۽ تاج ترڪ ڪري جهنگ جي راهه اختيار ڪئي ۽ هن اڪيلائي اختيار ڪئي،مسلمان صوفي به اهو ئي ڪم ڪن ٿا،اهي ماڻهو اها ڳالهه وساري ٿا ويهن ته گوتم ٻڌ ته خدا جي وجود جو ئي منڪر هو جڏهن ته صوفين جي منزل رڳو بارگاهه الاهيء ۾ قبوليت هوندي آهي.پنهنجي نفس کي پاڪ ۽ صاف ڪري خدا جي حضور ۾ پيش ڪرڻ ئي صوفين جو مقصد آهي.جهڙيء طرح ڪنهن فوجيء کي محاذ تي وڃڻ کان اڳ تربيت ڏبي آهي اهڙيء طرح ڪامياب زندگي گذارڻ لاء اسلامي تعليم سان پنهنجي باطن کي روشن ڪرڻ لاء ڪجهه عرصو صوفي سڳورا دنيا کان جدائي اختيار ڪندا آهن ۽ تربيت مڪمل ٿيڻ بعد هن ئي دنيا ۾ ڪامياب زندگي گذاريندا آهن.پنهن جي ڪردار سان ٻين جي اونداهين زندگين کي روشن ڪندا آهن.هڪڙو ٽولو اهو الزام هڻي ٿو ته اسلام جو تصوف فارسي تصوف جو آئينو آهي.اتي به انهن جو عقل مار کائي وڃي ٿو.ايمان جو سج اڀرڻ بعد دربار رسالت صلي الله عليه وسلم مان فيضياب ٿيڻ بعد مسلمان قرآن جو نور پنهنجن سينن ۾ ڀرڻ بعد دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي ويا .مڪي جي فتح بعد عرب ٻين قومن کان مٿانهان ٿي چڪا هئا،ان وقت علم ۽ حڪمت جا موتي مسلمانن جي جھوليء ۾ هئا جيڪي مسلمانن ڪشادي دل سان دنيا جي ٻين قومن تائين پهچايا.نه وري اهو جو فارس وارا جيڪي پاڻ ئي شڪست کاڌل قوم هئا انهن ڪا مسلمانن کي تعليم سيکاري.اسلام جي نور پهچڻ بعد ئي فارس وارن آتش پرستي ڇڏي ڪائنات جي اڪيلي خدا سامهون سر نوايو.ان ڪري ان ٽولي جو اهو چوڻ ته اسلامي تصوف ايراني تعليم کان متاثر آهي سراسر ڪوڙ آهي.هڪڙو ٽولو اهو الزام هڻي ٿو ته اسلامي تصوف نصراني تصوف کان متاثر آهي اهو به غلط آهي ڇو ته حضرت عيسيٰ عليه السلام کي دنيا مان ويندي سوين سال گذري چڪا هئا ۽ سندن تعليم بگڙي چڪي هئي.نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جي اچڻ بعد عيسائي تعليم جي جڳهه اسلامي تعليم حاصل ڪري چڪي هئي ۽ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن پنهنجن صحابين کي عبادت ۽ ذڪر جي مختلف مرحلن مان گذاري اهڙي ته تربيت ڪري چڪا هئا جو انهن جو ٻي ڪنهن تعليم يا نظريي کان متاثر ٿيڻ جو سوال ئي نٿي پيدا ٿيو.تصوف تي اعتراض ڪندڙ اهو به الزام هڻن ٿا ته تصوف هڪ افيون آهي جنهن تصوف وارن کي مفلوج ڪري رکيو آهي.اهو اعتراض به درست ناهي ان ڪري جو انهن صوفي بزرگن ئي اسلام ۾ سدائين نئون روح ڦوڪيو آهي.هضرت خواجا معين الدين اجميري رح جو مثال ئي وٺجي ته صديون اڳ شنجر جي ڌرتيء کان رڳو خدا ۽ سندس رسول صلي الله عليه وسلم جي دين جي سربلنديء لاء بتن جي سرزمين ۽ ڪالي ماتا جي پوڄارين جي ڌرتيء تي اچي اسلام جو نعرو بلند ڪرڻ،پرٿوي راڄ جي رعب ۽ دٻدٻي جو مقابلو ڪرڻ ڪنهن وڏي سپهه سالار جي به جرئت نه هئي پر هڪ درويش خدا جي ڀروسي تي سرزمين هند ۾ خدا جي توحيد جو جھنڊو کوڙي ٿو ۽ پوء تاريخ شاهد آهي ته لکين ماڻهو ان درويش جي تعليم سان مسلمان ٿيا. ان کان پوء تاتارين جي فتني کي ڪير نٿو ڄاڻي. جڏهن چنگيزي طوفان اسلامي دنيا تي خوف طاري ڪري ڇڏيو هو.بغداد جي سر سان سر وڄائي ڇڏي.عقل ۽ دانش جا دعويدار اسلام جي مستقبل کان مايوس ٿي چڪا هئا پوء ان طوفان جو منهن ڪنهن موڙيو هو؟ هڪ درويش بزرگ جيڪو قادري سلسلي سان نسبت رکندو هو،غيبي اشاري سان ميدان تي لٿو،هلاڪو جي پٽ تگودار کي اسلام جي دعوت ڏنائين ته سپهه سالار ڪمزور حريف درويش کي چيلينج ڪري ورتو ته آئون ته ميدان جو رانديگر آهيان جيڪڏهن تون مون کي ميدان ۾ شڪست ڏئين ته آئون اسلام قبول ڪري وٺندس.درويش چيلينج قبول ڪيو پوء دنيا وارن ڏٺو ته هڪ طرف ڪمزور پوڙهو درويش ٻئي طرف پهلوان سپهه سالار.درويش هڪ زوردار چماٽ سپهه سالار جي منهن تي وهائي ڪڍي،سندس مٿو ڦاٽي پيو ۽ بيهوش ٿي زمين تي ڪري پيو.هن تي دهشت طاري ٿي ويئي،اٿيو،درويش جا هٿ چميائين ۽شڪست قبول ڪيائين،تگودار چنگيزي اسلام قبول ڪيو ۽ پنهنجو نالو احمد رکيائين.

    تصوف تي هڪ الزام اهو ٿو لڳايو وڃي ته اهو جاهلن ۽ اڻ پڙهيلن جو طريقو آهي.اهڙن ماڻهن جي خدمت ۾ عرض آهي ته ننڍي کنڊ پاڪ هند ۾ علامه اقبال کان وڌيڪ دانشور ۽ فلسفي پيدا ناهي ٿيو.ان جا تصوف جي باري ۾ ڪهڙا خيال آهن.هن کان پڇيو ويو ته صوفين مان اسلام کي ڪهڙو فائدو پهتو؟ جواب ڏنائين ته صوفيا ڪرام اسلام کي اها سونهن بخشي ۽ بنان تير تلوار جي رڳو سهڻي اخلاق ۽ اخلاق محمدي صلي الله عليه وسلم ذريعي ان جي اها تبليغ ڪئي جو هندستان جي ستن ڪروڙ مسلمانن مان ڇهه ڪروڙ مسلمان بيشڪ انهن ئي بزرگن جي فيض ۽ برڪت جو نتيجو آهن.وري سوال ڪيو ويو ته صوفين مان مسلمانن کي ڪهڙو فائدو رسيو،جواب ڏنائين مسلمانن جي اخلاقي زندگي تي انهن صوفين سڳورن تمام وڏو اثر وڌو،سموريون اهي وصفون جيڪي اخلاقي طور تي انسانيت جو خاصو آهن رڳو انهن بزرگن جي تعليم ۽ تربيت جو ئي نتيجو آهن.انهن انسانن کي انسان ۽ مسلمانن کي مسلمان بڻايو.هن کان پڇيو ويو ته اسلامي تصوف دنياداريء جي باري ۾ ڪهڙي تعليم ڏئي ٿو ته شاعر مشرق جواب ڏنو ته اسلامي تصوف جي اها ئي تعليم آهي ته مسلمان دين سان گڏ دنيا به رکي ۽ جھنگن بيابانن ۾ زندگي گذارڻ کي نا پسند ڪري ٿو.اهڙو تصوف جيڪو ماڻهن جي رڳو پنهنجي ذات جي لاء هجي هڪ بي فيض ۽ سڪل چشمي جي مثال آهي.بيشڪ يڪسوئي حاصل ڪرڻ لاء اڪيلائي ضروري آهي پر سڀ ماڻهو ان جا اهل نه آهن. اهو صحيح آهي ته شريعت دين جو بنياد ۽ دين جو ظاهر آهي ۽ ڪو به عمل جيڪو شريعت مطابق نه هجي اهو گمراهي آهي پر طريقت دين جو باطن آهي جيڪو شرعي عملن جو اصل روح آهي.انهن ٻنهي جو پاڻ ۾ ڪو جھيڙو يا تضاد نه پر مطابقت آهي.هاڻي جيڪي ماڻهو طريقت جو انڪار ڪن ٿا اهي اصل ۾ اهو ٿا مڃين ته رڳو نماز پڙهڻ فرض آهي باقي نماز ۾ خشيت،حضوري ۽ تقويٰ جي ڪا به حيثيت نه آهي.ها البت اهو درست آهي ته نماز ۾ جيڪر اهي شيون گھربل حد تائين ميسر نه به ٿين تڏهن به نماز پڙهڻي آهي ان ڪري جو شريعت ان کي فرض ڪيو آهي.هاڻي جيڪر ڪو اسان کي پنهن جي نماز وڌيڪ درست ۽ سهڻي بنائڻ لاء ڪو ڏانء سيکاري ٿو ته انهيء تي اعتراض ڇو؟ اهو ئي ته صوفي آهي.

    هڪڙو وڏو اعتراض اهو ٿو ڪيو وڃي ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم يا خلفاء راشدين رضي الله عنهم جي دور ۾ تصوف جو ڪو وجود يا ذڪر ئي نٿو ملي،جيڪر اسلام ۾ تصوف جي ڪا اهميت يا حقيقت هجي ها ته ان جو ذڪر ضرور ان مبارڪ دور ۾ ملي ها،ان ڪري اسلام سان تصوف جو واسطو ڪونهي. ان جو جواب اهو ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم يا خلفاء راشدين رضي الله عنهم جي دور ۾ واقعي لفظ ”تصوف“ يا ”صوفي“ رائج نظر نٿو اچي پر اهوچوڻ ته ان جو اسلام سان ڪو واسطو ئي ناهي اهوغلط ۽ پنهن جي جهل جو ثبوت آهي.ڇا اهي سمورا علم جيڪي اڄ ”اسلامي علمن“ جي نالي سان رائج آهن ۽ سمورن اسلامي مدرسن ۾ پڙهايا وڃن ٿا مثال،علم صرف،علم نحو،علم اصول فقه،علم اصول حديث علم اصول تفسير وغيره انهن مان ڪو هڪڙو به اهڙو علم ناهي جيڪو حضور صلي الله عليه وسلم جن جي دور ۾ موجود هجي.ڇا سمورا اصطلاح رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم يا خلفاء راشدين جي دور ۾ موجود هئا؟جيڪر جواب نه ۾ آهي ۽ پڪ سان نه ۾ ئي آهي ته پوء رڳو علم تصوف تي ئي اعتراض ڇو؟تصوف جنهن حقيقت جو نالو آهي مثال نفس جي پاڪائي وغيره انهيء جي باري ۾ ته نه رڳو قرآن مجيد بلڪه حديث مبارڪه ۾ به بار بار تاڪيد آيو آهي ۽ جهڙيء طرح حصور ڪريم صلي الله عليه وسلم جي مبارڪ دور ۾ قرآن ۽ حديث کي سمجھڻ لاء ڪنهن ٻئي علم ۽ فن پڙهڻ جي ضرورت ئي نه هئي اهڙيء طرح نفس جي پاڪائي حاصل ڪرڻ لاء ڪنهن ٻئي ورد وظيفي جي به ضرورت نه هئي.رڳو نبي انور صلي الله عليه وسلم جن جي نظر فيض انسان کي ڪامل کان ڪامل ترين بنائڻ لاء ڪافي هئي.جهڙيء طرح هن وقت ٻين سمورن علمن کي پڙهائڻ جو مقصد قرآن ۽ حديٿ کي سمجھڻ آهي اهڙيء طرح تصوف جي سمورين ڳالهين جو بنيادي مقصد نفس جو تزڪيو يا پاڪائي حاصل ڪرڻ آهي ۽ قرآن ڪريم ته انسان جي ڪاميابيء جو بنياد ئي ان شيء تي رکيو آهي جيئن قرآن مجيد ۾ فرمايو ويو ته ”بيشڪ ڪامياب اهو ٿيو جنهن پنهنجي نفس کي پاڪ ڪيو ۽ ناڪام اهو ٿيو جنهن ان کي گناهن سان ڀري ڇڏيو.(سورت شمس) (هلندڙ)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو