تصوف تي اعتراضن جي حقيقت.( حصو آخري)

'مذهب' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏10 مئي 2021۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    729
    ورتل پسنديدگيون:
    654
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    313
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    شفيق الرحمان شاڪر

    اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گھرجي ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي برڪت ڀري ذات هر لحاظ کان ڪامل ۽ اڪمل،سمورن سهڻن گڻن جو مجموعو،سمورن عقلي ۽ نقلي علمن جو سرچشمو هئي.پاڻ هڪ ئي وقت استاد به هئا ۽ مجاهد پڻ،فقير به هئا ته غني پڻ.رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم بعد ڪو به شخص سندن جهڙو باڪمال ٿي نٿو سگھي ۽ الله تعاليٰ سندن تعليم کي قيامت تائين زنده رکڻ گھري ٿو.ان ڪري پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جي شخصيت جي مختلف پهلوئن کي روشن رکڻ لاء مختلف وقتن ۾ مختلف شخصيتون پيدا ڪيون.جيڪر قرئت ۽ تجويد جي فن کي زنده رکڻ لاء قاري پيدا ڪيا ته حديثن کي محفوظ رکڻ لاء حديث جا امام جيئن امام بخاري،امام مسلم وغيره پيدا ڪيا.فقي جي فن کي زنده رکڻ لاء امام ابو حنيفه،امام شافعي،امام مالڪ ۽ امام احمد بن حنبل رحمهم الله عليه جهڙا امام پيدا ڪيا.انهن سمورن امامن،بزرگن ۽ اڪابرن جو مقصد رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جي تٿليم جي ڪنهن نه ڪنهن حصي جي خدمت ڪرڻ آهي.بلڪل اهڙي نموني باطني طهارت ۽ پاڪيزگي حاصل ڪرڻ جي علم جو وارث انهن صوفيا ڪرام کي بنيايو ويو.

    هڪ اعتراض اهو ڪيو ويندو آهي ته تصوف ۾ هر عمل کي ٻن صورتن ۾ ورهايو ويندو آهي هڪ ظاهري ۽ ٻي باطني،اهڙيء طرح علم جا به ٻه قسم بيان ڪيا ويندا آهن هڪ ظاهري ۽ ٻي باطني.جڏهن ته رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ جيڪي ڪجهه هو سو ظاهر هو.ان اعتراض جو جواب اهو آهي ته ظاهر ۽ باطن تصوف جو هڪ اصطلاح آهي.پهرين ان جو مفهوم سمجھڻ گھرجي.علم ظاهر مان مراد انهن شين جو علم يا انهن عملن جو علم آهي جن جو تعلق انسان جي ظاهري عضون سان هجي ۽ علم باطن مان مراد انهن حڪمن يا عملن جو علم جن جو تعلق باطني (لڪيل) عضون سان آهي ۽ ٻنهي قسمن جا حڪم قرآن ڪريم ۽ حديث مبارڪ ۾ گھڻائيء سان آيل آهن.مثال رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم ريا،بغض ۽ حسد رکڻ کان سختيء سان منع فرمائي آهي جڏهن ته انهن شين جو تعلق صرف انسان جي دل سان آهي.الله تعاليٰ پاڻ پنهن جي ڪلام ۾ فرمايو ته ”جنهن ڏينهن مال ۽ اولاد ڪم نه ايندو سواء ان جي جيڪو سلامت دل کڻي ايندو.“ ( سورت شعراء) ٻئي هنڌ فرمايو ويو؛ ”بيشڪ ڪامياب ٿيو اهو ماڻهو جنهن پنهنجي نفس جي پاڪائي ڪئي ۽ رب جو نالو وٺي نماز پڙهيائين“ (سورت اعليٰ)

    ته انهن ڳالهين جو تعلق رڳو باطن سان آهي.اهل تصوف وٽ اهو علم آهي جنهن ذريعي قلب سليم ۽ نفس جي پاڪائي حاصل ڪري سگھجي ٿي،انهيء ئي علم کي علم باطن چيو وڃي ٿو.ڪجهه عمل اهڙا آهن جيڪي پنهن جي اندر ٻه حيثيتون رکن ٿا.هڪ جو تعلق ظاهر سان جڏهن ته ٻئي جو تعلق باطن سان آهي.مثال؛ نماز جي باري ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته ” نماز پڙهڻ وقت پنهنجو منهن ڪعبت الله شريف طرف ڪريو،ڪپڙا پاڪ رکو وغيره انهن حڪمن جو تعلق رڳو ظاهري عضون سان آهي ۽ نماز جي باري ۾ ئي نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن فرمايو ته نماز ۾ ڏيکاء نه هجي يا فرمايو ويو ته خدا جي عبادت اهڙيء طرح ڪر ڄڻ ته تون هن کي ڏسي رهيو آهين.انهن حڪمن جو تعلق باطن سان آهي.هاڻي صوفي سڳورن جو خيال آهي ته انساني باطن جي ايتري ترقي ٿئي جو هو ”خدا کي سامهون ڏسڻ“ جي ان مقام کي حاصل ڪري سگھي.هاڻي شعور رکندڙ ڪو به ماڻهو علم باطن کي شرعي علم کان ڪيئن نه ٿو چئي سگھي!

    وڌيڪ اعتراض اهو به ڪيو وڃي ٿو ته صوفي سڳورن وٽ ڪجهه ٻيا به تصور آهن جهڙوڪ طريقت،حقيقت ۽ معرفت وغيره جڏهن ته هڪ مسلمان لاء رڳو شريعت جي اطاعت لازمي آهي ۽ شريعت ئي سڀ ڪجهه آهي؟انهيء اعتراض تي اچڻ کان اڳ انهن اصطلاحن جو مختصر نموني مطلب سمجھي وٺڻ گھرجي.”حقيقت “ مان مرادشريعت جي حقيقت آهي،اها حقيقت ڪيئن معلوم ڪجي انهيء طريقي کي ”طريقت“ چئجي ٿو.مثال نماز جي لاء مختلف قسم جا حڪم مليل آهن.ڪن جو تعلق ظاهري عضون سان ۽ ڪن جو تعلق باطن سان آهي.هاڻي ڪامل نماز اها آهي جنهن ۾ اهي سمورا حق ادا ڪيا ويا هجن ۽ جيڪو نماز جو اصل مقصد آهي اهو حاصل ڪيو وڃي.ڪو شخص نماز جي ظاهري حڪمن کي پورو ڪري ٿو،ان جا ڪپڙا ۽ جسم پاڪ آهن،قبلي طرف منهن به آهي هاڻي ظاهري طور تي اسان ان کي نمازي ئي چونداسين پر جيڪر هن جي دل ۾ ريا آهي يا هن جي دل نماز ۾ حاصر ناهي ته حقيقت ۾ اهو نمازي ناهي يا گھٽ ۾ گھٽ ان جي اها نماز ڪامل ناهي.هاڻي ان نماز کي ڪامل بنائڻ جو حڪم به شريعت ۾ موجود آهي.بزرگن اهڙا طريقا جوڙيا آهن جن کي اختيار ڪرڻ سان دل ۾ خشوع ۽ خضوع ۽ نيت جو اخلاص حاصل ٿئي ٿو ۽ اهڙي نماز کي حقيقي نماز سان تعبير ڪيو وڃي ٿو.ان حقيقت کي حاصل ڪرڻ ئي حقيقت ۽ ان حقيقت تائين پهچڻ جي طريقي کي طريقت چئجي ٿو.ڇا اڃا به ڪو عقل رکندڙ اهو چئي سگھي ٿو ته حقيقت ۽ ظريقت قرآن يا شريعت جي خلاف آهن؟جڏهن ته انهن کي حاصل ڪرڻ جو حڪم قرآن ۽ حديثن جي قطعي نصن سان واضح آهن.ان ڳالهه کي حضرت امام رباني مجدد الف ثاني رحمت الله عليه هن طرح بيان ڪيو آهي ته شريعت ٽي جزا يا حصا آهن.پهريون علم،ٻيو عمل ۽ ٽيون اخلاص. عمل سواء علم بيڪار ۽ اخلاص سواء عمل بيڪار آهي.علم ۽ عمل جو مقصد ئي اخلاص حاصل ڪرڻ آهي.طريقت ۽ حقيقت شريعت جون خادم آهن.طريقت ۽ حقيقت جو مقصد شريعت جي تڪميل آهي.البت اها ڳالهه ضروري آهي ته شريعت جي حقيقت حاصل ڪرڻ لاء جيڪو به طريقو جوڙيو وڃي اهو يا ته قرآن ۽ حديث سان ثابت هجي يا وري قرآن ۽ حديث جي خلاف نه هجي.جيستائين معرفت جو سوال آهي ان مان مراد الله جي معرفت آهي.قرآن ڪريم ۾ هنڌ هنڌ تي ان جو حڪم آهي يا وري نفس جي معرفت آهي جيئن مشهور قول آهي ته جنهن پنهنجي نفس کي سڃاتو تنهن خدا کي سڃاتو.حقيقت،طريقت ۽ معرفت جي معنيٰ سمجھڻ کان پوء هر عقلمند اهو فيصلو ڪري سگھي ٿو ته انهن مان ڪهڙي شيء شريعت جي خلاف آهي؟

    ڪجهه تصوف تي اعتراض ان انداز ۾ ڪن ٿا ته پنهنجو پاڻ کي صوفي سڏائيندڙن جي ڪردار ۽ ڪجهه ڳالهين طرف نظر ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو انهن ڳالهين جو اسلام سان ڪو تعلق ڪونهي ته پوء اهڙن ماڻهن جي طريقي کي ڪيئن صحيح سمجھجھي؟ ڳالهه اها آهي ته ڪنهن شخص جي ذاتي برين حرڪتن يا غلط ڪمن سبب ڪنهن نظريي کي ئي غلط چوڻ سڌو سئون جهل آهي.اڄ اڪثر مسلمانن جا عمل اهڙا آهن جيڪي اسلام جي خلاف آهن ته ڇا ڪجهه مسلمانن جي غلط عملن جي ڪري اسان اسلام کي ئي معاذ الله برو ڀلو چوڻ لڳنداسين؟بلڪه انهن مسلمانن جي باري ۾ چيو ويندو ته انهن جا عمل اسلام جي خلاف آهن.ڇا جيڪر ڪو عالم برو ڪم ڪري ته علم ئي برو چيو ويندو؟بلڪل اهڙيء طرح جاهل ۽ دنيا پرست صوفين کي ڏسي ڪري تصوف کي برو چئي نٿو سگھجي.

    هڪڙا دوست اهو اعتراض ٿا ڪن ته حديث ۾ آهي ته اسلام ۾ ڪا رهبانيت ناهي.جڏهن ته صوفي ازم ته رهبانيت جي هڪ تصوير آهي ان ڪري اهو اسلام جي خلاف آهي.اهو اعتراض به صحيح ناهي.رهبانيت ۾ ته بندن جي حقن جو مڪمل خاتمو ٿي وڃي ٿو جڏهن ان جي ابتڙ تصوف بندن جا حق پوريء طرح ادا ڪرڻ جو درس ڏئي ٿو.ياد رکڻ گھرجي ته اسلام کان اڳ ڪيتريون ئي اهڙيون ڳالهيون هيون جن جو بنياد ته ڪنهن وڻندڙ حقيقت تي هو پر بعد ۾ ماڻهن پنهنجي طرفان انهن ۾ گھٽ وڌائي ڪري ڇڏي.رسول ڪريم صلي الله عليه وسلم دنيا کي انهن ڳالهين جو طريقو افراظ ۽ تفريط کان هٽي ڪري سيکاريو.مثال نماز،روزو،حج وغيره اسلام کان اڳ به موجود هئا پر انهن جو صحيح تصور دنيا کان غائب ٿي چڪو هو.بعد ۾ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انهن جي صحيح تصوير پيش ڪئي.اهڙيء طرح رهبانيت جي باري ۾ الله تعاليٰ سوره حديد ۾ فرمايو ته” انهن جي پيروي ڪندڙن جي دلين ۾ اسان نرمي ۽ رحمت رکي آهي ۽ رهبانيت اختيار ڪرڻ،ته انهن اها ڳالهه پنهن جيطرفان دين ۾ وڌي،اسان انهن تي مقرر نه ڪئي هئي،ها انهن اها بدعت الله جي رضا حاصل ڪرڻ لاء پيدا ڪئي پوء انهيء کي نه نڀايو.“

    هن آيت مان معلوم ٿئي ٿو ته رهبانيت جي اصل وجود کي تبديل ڪيو ويو.جيڪر نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم منع فرمائي ته اها ان وقت تي موجود رهبانيت هئي.ان جي بدران نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم قرآن جي زبان سان نفس جي تزڪيي جو صحيح تصور ۽ صحيح طريقو پيش ڪيو.جيڪر ڪو شخص نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي ٻڌايل طريقي جي ابتڙ نفس جي تزڪيي جو ڪو طريقو اختيار ڪندو ته سندس نفس پاڪ ٿيڻ بدران وڌيڪ گندو ٿيندو.

    هڪڙو اعتراض اهو به ڪيو وڃي ٿو ته هاڻوڪو دور مادي ترقيء جو دور آهي انهيء ۾ تصوف مان ڪهڙو فائدو ملڻو آهي؟ جواب اهو ته جيڪو شخص ان ڳالهه کي تسليم ڪري ٿو ته اسلام هر دور جي ضرورت آهي ته کيس اهو به مڃڻو پوندو تصوف به هر دور جي ضرورت آهي ڇوته تصوف اسلام جي مختلف جزن مان هڪ اهم جزو آهي.رسول اڪرم صلي الله عليه وسلم جن جي بعثت جي مقصدن ۾ تلاوت آيات ڪلام الله،ڪتاب الاهي جي تعليم،دانائيء جي تعليم ۽ نفس جي تزڪيي جو به ذڪر اچي ٿو.جهڙيء طرح ڪتاب جي تعليم سواء اسلام نامڪمل آهي اهڙيء طرح نفس جي تزڪيي سواء به اسلام نا مڪمل آهي ۽ تصوف جو بنيادي مقصد ئي نفس جو تزڪيو حاصل ڪرڻ آهي جيڪو الله جي رضا،الله جو قرب ۽ ديني دنيائي دعادت حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهي.معلوم ٿيو ته تصوف کان سواء ڪوبه انسان ڪامل مسلمان بڻجي نٿو سگھي جيستائين ڪو ڪامل مسلمان نٿو بڻجي تيستائين اهو ڪامل انسان به بڻجي نٿو سگھي.

    حقيقت اها آهي ته مسلمانن ۾ جيڪي به خاميون موجود آهن انهن جي سببن ۾ هڪ وڏو سبب اسان مان تصوف جي جزي جو غائب يا ڪمزور ٿيڻ به آهي.جيڪڏهن اهو پهلو اسان جي اندر مضبوط ٿئي ته اسان نه رڳو ديني پر دنيائي طور تي به ترقي ڪري سگھون ٿا.تصوف تي عمل ڪرڻ سان انسان مان تڪبر،حسد،حرص،هوس،بغض،ڪيني ۽ عداوت جون صفتون قابوء ۾ اچن ٿيون.پوري انسان ذات جي مدد،خدمت ۽ محبت جپ جذبو پيدا ٿئي ٿو.تنگ نظري ۽ تنگدلي ختم ٿئي ٿي.عمل ۽ روين ۾ نرمي ۽ اعتدال پيدا ٿئي ٿو.ماڻهن کي معاف ڪرڻ ۽ انهن تي ٻاجھه ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿئي ٿو.حقوق الله ۽ حقوق العباد بهتر نموني ادا ڪرڻ ۽ خدا جي اڳيان جوابدهيء جو احساس مضبوط ٿئي ٿو.سماج ۾ اتحاد،برابري،انصاف ۽ اجتماعيت جي سوچ پيدا ٿئي ٿي.عملن جو بنياد درست ٿئي ٿو ۽ نيتن ۾ خلوص پيدا ٿئي ٿو.سمورين عبادتن ،تلاوتن ۽ ورد وظيفن باوجود جيڪر اهي سموريون خاميون اڄ به مسلمانن ۾ موجود آهن ته پوء چئبو ته رڳو ظاهر تي زور آهي ۽ باطن جي سڌاري طرف ڪوبه ڌيان ناهي.باطن جو اهو سڌارو تصوف تي عمل ڪرڻ سان ئي حاصل ٿئي ٿو.جڏهن هر ڳمل الله جي رضا جي لاء هجي ۽ پوري انسان ذات کي خدا جو ڪٽنب سمجھيو وڃي ته پوء هر نيڪي ۽ هر عمل جون برڪتون انسانذات تائين ڪيئن نه پهچنديون؟جڏهن باطن جي سڌاري ذريعي اسان جي ماڻهن خاص طور تي علماء ڪرام ۾ تواضع ۽ رواداري ايندي ته پوء هڪٻئي جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ ٻئي جي راء جو احترام به پيدا ٿيندو ۽ دين ۾ تفرقو ۽ نفرتون ۽ عداوت پيدا نه ٿي سگھندي.

    اسان وٽ هڪ مذهبي طبقو جيڪو پنهنجو پاڻ کي ”سلفي“ سڏائي ٿو اهو تصوف کي اسلام جو ضد ۽ مخالف ثابت ڪرڻ لاء سندرو ٻڌي بيٺل نظر اچي ٿو ۽ پنهنجا سمورا وسيلا ۽ ذريعا استعمال ڪري ماڻهن کي باور ڪرائي ٿو ته صوفيا ۽ تصوف هڪ شرڪيه،ڪفريه ۽ بدعتي سلسلو آهي ۽ صوفيا ڪرام اسلام جا دشمن ۽ باطل عقيدا رکندڙ ماڻهو آهن.اهي ماڻهو پنهنجي سلفي مسلڪ جو بنياد شيخ الاسلام امام ابن تيمه رحه ۽ سندن شاگرد امام ابن قيم رحه جي تعليم ۽ تحقيق تي رکن ٿا ۽ ماڻهن کي چون ٿا ته انهن ٻنهي بزرگن جو مسلڪ قرآن ۽ سنت جي مطابق آهي پر پنهنجي ان دعويٰ ۾ اها سچا ناهن ڇوته جن ٻن بزرگن جو حوالو ڏيئي اهي انهن صوفيا ڪرام ۽ تصوف جي خلاف زهر اوڳاڇين ٿا اهي ٻئي بزرگ تصوف ۽ صفي سڳورن جي تعريف ۽ توصيف ڪن ٿا.اهي ته صفي سڳورن جي پيرويء کي نجات ۽ سعادت جو سبب سمجھن ٿا.قول ۽ فعل جي ان تضاد کي ڇا چئجي،منافقت،جهالت يا رڳو ضد ۽ تعصب؟اهي سمورا معاملا جن جي ڪري اهي ماڻهو انهن عالمن، بزرگن ۽ صوفين کي ڪافر،مشرڪ ۽ گمراه چون ٿا اهي سموريون ڳالهيون ته امام ابن تيمه ۽ امام ابن قيم جي تعليم ۾ به موجود آهن.ضروري محسوس ٿئي ٿو ته هتي انهن جي تعليم جا ڪجهه حوالا ڏجن.

    تصوف جي شروعات جي باري ۾ ابن تيميه رحه فرمائي ٿو ته سڀ کان پهرين صوفيء جو نالو ابو هاشم الڪوفيء کي ڏنو ويو جيڪو ڪوفي ۾ پيدا ٿيو ۽ پنهنجي گھڻي زندگي شام ۾ گذاريائين ۽ 160 هجريء ۾ هن جي وفات ٿي ۽ سڀ کان اڳ تصوف جي نظريي جي تعريف ۽ تشريح ذالنون مصري رحه ڪئي جيڪو امام مالڪ رحه جو شاگرد هو ۽ سڀ کان اڳ جنيد بغدادي رحه تصوف کي جمع ۽ نشر ڪيو.ابن تيميه رحه جي نزديڪ ”صوفي حقيقت ۾ صديقن جو هڪ قسم آهي،اهو صديق جيڪو زهد ۽ عبادت جي ڪري مشهور ٿئي انهيء طريقي تي جنهن طريقي تي ٻين صوفين عبادت ۽ رياضت ڪئي ته اهڙي ماڻهوء کي اهل طريقت وٽ صديق چيو ويندو جهڙيء طرح چيو ويندو آهي ته صديق العلماء يعني عالمن ۾ صديق.( مجموع الفتاويٰ)

    لفظ فقر ۽ تصوف جي تشريح ڪندي علامه ابن تيميه لکن ٿا ” لفظ فقر ۽ تصوف ۾ جيڪو الله ۽ رسول جي وڻندڙ ڳالهين ۾ شامل آهي انهن تي عمل جو حڪم ڏنو ويندو توڙي جو انهن جو نالو فقر ۽ تصوف ئي هجي ڇو ته ڪتاب ۽ سنت انهن عملن جي مستحب هئڻ تي دلالت ڪن ٿا ان ڪري اهي عمل مستحب جي دائري کان ٻاهر نه سمجھيا ويندا رڳو نالا بدلجڻ جي ڪري،جيئن ته فقر ۽ تصوف ۾ اعمال قلبي جيئن توبه،صبر، شڪر،رضا،خوف،اميد،محبت ۽ سهڻا اخلاق به شامل آهن.( مجموع الفتاويٰ)

    اولياء الله جي تعريف ۾ لکن ٿا ” اولياء الله اهي متقي مومن آهن چاهي ڪو انهن کي فقير،صوفي،عالم،فقيهه يا تاجر يا ڪاريگر يا امير يا حاڪم وغيره سڏي.“ ( مجموع الفتاويٰ)

    قلبي عملن جي تشريح ڪندي امام ابن تيميه لکن ٿا ” اهي قلبي عمل جن جو نالو ڪجهه صوفي احوال يا مقامات يا منازلين السائرين يا مقامات العارفين رکن ٿا انهن ۾ اهي سڀ عمل آهن جيڪي الله ۽ رسول فرض ڪيا آهن ڪجهه اهي عمل آهن جيڪي فرض ته ناهن پر پسنديده آهن ان ڪري انهن تي ايمان مستحب ۽ فرض عملن تي ايمان فرض آهي.جنهن فرض تي ڪفايت ڪئي اهي ابرا يعني نيڪ ماڻهن مان ۽ اصحاب اليمين مان آهن ۽ جن ٻنهي کي جمع ڪيو اهي مقربن صادقن مان آهن.( مجموع الفتاويٰ)

    ابن تيميه رحه تصوف جي بزرگن جي تعريف ۾ لکن ٿا ” سالڪن مان سڌي رستي تي هلڻ وارا جيئن جمهور مشائخ سلف مان فضيل بن عياض ۽ ابراهيم بن ادهم،ابو سليمان داراني ۽ معروف ڪرخي،سري سقطي ۽ جنيد بن محمد وغيره آهن اهي سڀ بزرگ پهرئين زماني جا آهن ۽ انهن کان بعد شيخ عبدالقادر جيلاني،شيخ حماد،شيخ ابي البيان وغيره آهن.اهي سمورا بزرگ سالڪ لاء اهو جائز نه سمجھندا هئا ته هو شريعت کان ٻاهر نڪري وڃي توڙي جو سالڪ هوا ۾ اڏامي يا پاڻيء تي هلي بلڪه سالڪ لاء مرڻ گھڙيء تائين مامورات تي عمل ڪرڻ ۽ محظورات کي ترڪ ڪرڻ فرض آهي ۽ اهو ئي اهو حق آهي جنهن تي قرآن،سنت ۽ اجماع سلف دلالت ڪري ٿو ۽ ان قسم جون ئي نصيحتون انهن بزرگن جي ڪلام ۾ گھڻيون آهن.“ (مجموع الفتاويٰ)

    شيخ ابن تيميه جي نزديڪ شيخ عبد القادر جيلاني رحه ۽ شيخ جنيد بغدادي رحه تصوف جا امام آهن ۽ اهي بزرگ امر و نهي کي سڀني کان گھڻو مضبوط پڪڙڻ وارا هئا ۽ ماڻهن کي به ان جي نصيحت ڪندا هئا.جنيد بغدادي رحه ۽ ان جهڙا ٻيا بزرگ هدايت جا امام آهن ۽ جيڪو ان باري ۾ انهن جي مخالفت ڪري اهو گمراه آهي. ( مجموع الفتاويٰ)

    شيخ الاسلام فرمائي ٿو ته صوفي سڳورن جي لفظن ۽ اصطلاحن کي انهن کان سواء ٻيو ڪوبه نٿو ڄاڻي.انهن جي ڪجهه عبارتن کي ظاهري طور تي سمجھي نٿو سگھجي ان ڪري انصاف جي گھرج اها آهي ته انهن جي عبارتن جي صحيح معنيٰ ورتي وڃي،جيئن فنا،شهود ۽ ڪشف وغيره (مجموع الفتاويٰ)

    ابن تیمیہ رح جي نزديڪ صوفياء ڪرام جي طرف ماڻهن غلط ڳالهيون منسوب ڪيون آهن.اهل معرفت صوفين مان ڪنهن هڪ جو به اهو عقيدو ناهي ته الله تعاليٰ هن ۾ يا ڪنهن ٻي مخلوق ۾ حلول يا اتحاد ڪري ويو آهي.صوفيا ڪرام انهن قسمن جي باطل عقيدن کان پاڪ آهن.اهي هن امت جا سچا ماڻهو آهن،اهي حلول يا اتحاد وغيره جو عقيدو نٿا رکن بلڪه ماڻهن کي انهيء کان منع ڪن ٿا ۽ ان عقيدي جي رد ۾ صوفيا ڪرام جو ڪلام موجود آهي.حلول جي عقيدي کي انهن فاسق ۽ نافرمان ماڻهن اختيار ڪيو جن صوفيا ڪرام جهڙو حليو بنايو ۽ ظاهري طور تي ولايت جي دعويٰ ڪئي. ( مجموع الفتاويٰ)

    شيخ الاسلام جي شاگرد حافظ ابن القيم رحه پڻ تصوف جي باري ۾ لکيو آهي ته علم تصوف بندن جي اشرف ۽ افضل علمن مان آهي،علم توحيد بعد ان کان وڌيڪ اشرف ٻيو ڪو علم ناهي ۽ اهو علم تصوف شريف نفسن سان ئي مناسبت رکي ٿو.( طريق الهجرتين)

    صوفين جا قسم بيان ڪندي حافظ ابن القيم رح فرمائي ٿو ته صوفين جا ٽي قسم آهن.پهريان صوفيا ارزق،ٻيا صوفياء رسوم ۽ ٽيان صوفياء حقائق.پهريان ٻه اهي آهن جيڪي سنت ۽ فقه جو علم رکندڙ ماڻهو انهن جي بدعتن کي ڄاڻن ٿا ۽ جيستائين صوفياء حقائق جو تعلق آهي ته اهي اهڙا ماڻهو آهن جن جي آڏو فقيهن ۽ متڪلمين جا سر جھڪيل آهن ۽ حقيقت ۾ صوياء حقائق ئي عالم ۽ حڪيم آهن. ( شرح منازل السائرين)

    عارف بالله جي تعريف ۾ ابن قيم رحه لکن ٿا ته ڪجهه سلف چيو آهي ته عرف جي ننڊ بيداري هوندي آهي،ان جو ساهه کڻڻ تسبيح ۽ عرف جي ننڊ غافل جي نماز کان افضل آهي.عارف جي ننڊ بيداري ان ڪري هوندي آهي جو ان جي دل زنده ۽ بيدار هوندي آهي،هن جون اکيون ستل هونديون آهن پر هن جو روح عرش جي هيٺان پنهنجي رب ۽ خالق آڏو سجدي ۾ هوندو آهي.ان جو جسم فرش تي هوندو آهي پر هن جو روح عرش جي آسپاس هوندو آهي. ( مدارج السالڪين)

    صوفين جي احوال ۽ اصطلاحن جي باري ۾ علامه ابن قيم رحه واضح ٿو ڪري ته صوفيا ڪرام مجمل ۽ متشابهه لفظ ڳالهائي انهن جي صحيح معنيٰ مراد ورتي پر جاهل ماڻهن انهن لفظن کي سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي.خبردار! خوب سمجھي ڇڏيو ته صوفين جا اهڙا لفظ آزمائش آهن،ڪم علم ۽ ڪمزور معرفت وارو ماڻهو جڏهن اهي لفظ ٻڌي ٿو ته اهو انهن کي حلول،اتحاد ۽ شطحات سمجھڻ لڳي ٿو حالانڪ صوفين عارفن ان قسم جا لفظ ڳالهائي صحيح معنيٰ مراد ورتي آهي.جاهل ماڻهن انهن جو صحيح مطلب ۽ مراد سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي ۽ صوفياء ڪرام کي ملحد ۽ ڪافر قرار ڏنو. ( مدارج السالڪين)

    ابن قيم رحه جي نزديڪ فنا جو لفظ جيڪو صوفيا ڪرام استعمال ڪن ٿا ان جو مطلب اهو آهي ته بندي جي نظرن مان سموري مخلوق نڪري وڃي ۽ رڳو حق تعاليٰ جي ذات سندس نظرن ۾ باقي رهي.پوء مشاهدن جون سڀ صورتون به سندس نظرن مان غائب ٿي وڃن پوء انهن جو شهود به غائب ٿي وڃي ۽ رڳو حق تعاليٰ جو مشاهدو رهجي وڃي.( مدارج السالڪين)

    ابن تيميه رحه تبرڪ کي جائز سمجھي ٿو ۽ فرمائي ٿو ته امام احمد بن حنبل رحه تبرڪ کي جائز قرار ڏنو آهي.حضرت ابن عباد رضي الله عنه کان منقول آهي ته هو قرآن ۽ ذڪر جا ڪلمات لکندا هئا ۽ بيمارن کي پيارڻ جو حڪم ڏيندا هئا.ان ۾ دليل آهي برڪت جو ۽ اهو پاڻي به بابرڪت آهي جنهن سان پاڻ صلي الله عليه وسلم جن وضو فرمايو ۽ اهو پاڻي حضرت جابر رضي الله عنه تي ڇڙڪيو ويو جو اهي بيمار هئا ۽ سمورا صحابي انهيء مان تبرڪ حاصل ڪندا هئا.(مجموع الفتاويٰ)

    ابن تيميه رحه داڻن واري تسبيح استعمال ڪرڻ کي جائز ۽ صحابي سڳورن جو عمل ٻڌائي ٿو.هو ميت جي ايثال ثواب لاء تسبيح تڪبير ۽ ذڪر اذڪار کي به جائز سمجھي ٿو ۽ هن جي نظر ۾ انهن جو ٿواب ميت کي پهچي ٿو. (مجموع الفتاويٰ)

    ابن تيميه رحه باطني علم جي باري ۾ فرمائي ٿو ته علم باطن دلين جي ايمان،عرفان ۽ احوال جو علم آهي ۽ اهو علم آهي باطنياينان جي حقيقتن جو ۽ اهو باطني علم اسلام جي ظاهري عملن کان افضل ۽ اشرف آهي.(مجموع الفتاويٰ)

    اولياء ڪرام جي ڪرامتن ۽ ڪشف جي باري ۾ ابن تيميه رحه لکي ٿو ته اهل سنت والجماعت جي اصولن مان آهي ته اولياء الله جي ڪرامتن جي تصديق ڪرڻ ۽ انهن جي هٿان جيڪي خوارق عادات شيون ظاهر ٿين ٿيون انهن جي تصديق ڪرڻ.(مجموع الفتاويٰ)

    شيخ الاسلام جو شاگرد ابن مفلح رحه فرمائين ٿا ته اسان جي شيخ يعني ابن تيميه رحه فرمايو ته ان متعلق ڪيتريون ئي حديثون آهن ته ميت جا مٽ مائٽ جيڪي دنيا ۾ آهن انهن جا احوال ميت آڏو پيش ڪيا وڃن ٿا ۽ ميت انهن کي ڄاڻي ٿي ۽ ان باري ۾ به آثار آهن ته ميت ڏسي ٿي ۽ جيڪي ڪجهه ميت آڏو ٿئي ٿو ان کي اها ڄاڻي ٿي،جيڪر سٺو ڪم ڪيو وڃي ته ان تي ميت خوش ٿئي ٿي ۽ جيڪر برو ڪم ڪيو وڃي ته ميت کي تڪليف ٿئي ٿي.(ڪتاب الفروع)

    ”ڪتاب الروح“ حافظ ابن القيم رحه جو ڪتاب آهي ان ڪتاب ۾ ارواح ۽ اموات جي باري ۾جيڪي حالات ۽ واقعات بيان ڪيا ويا آهن ڪنهن ٻئي ڪتاب ۾ اوهان کي ان تفصيل سان نه ملندا ۽ ان ڪتاب ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي جنهن کي بنياد بنائي اهي نام نهاد سلفي ٻين عالمن کي مشرڪ ۽ بدعتي چون ٿا.جڏهن انهن کي ان ڪتاب جا حوالا ڏنا وڃن ٿا ته چوڻ لڳن ٿا ته اهو ڪتاب امام ابن القيم جو آهي ئي ڪونه حالانڪه اهو ڪتاب اصل ۾ امام ابن القيم جو ئي آهي جو هن پنهنجن ٻين ڪتابن ۾ پاڻ ان ڪتاب جو حوالو ڏنو آهي.

    ابن قيم رحه شيخ الاسلام ابن تيمييه رحه جي باطني فراست جو ذڪر ڪندي فرمائي ٿو ته مون شيخ الاسلام جي فراست جا عجيب معاملا ڏٺا...ابن تيميه 699 هجري ۾ پنهنجن ساٿين کي خبر ڏني ته ملڪ شام ۾ تاتاري داخل ٿيندا ۽ مسلمانن جي لشڪر کي فتح ملندي..اها خبر ابن تيميه رحه تاتارين جي تحريڪ کان اڳ ڏني هئي ۽ نيٺ ايئن ئي ٿيو.( مدارج السالڪين)

    ”مدارج السالڪين“ ابن القيم رحه جو ڪتاب آهي ۽ اهو ڪتاب ”منازل السائرين“ جي شرح آهي جنهن جو مصنف علامه ابو اسمائيل عبدالله بن محمد الانصاري الهروي الحنبلي الصوفي آهي ۽ اهو سڄو ڪتاب تصوف ۽ تصوف جي مسئلن تي مشتمل آهي.علامه ابن القيم رحه ان ڪتاب جي شرح ٽن جلدن ۾ لکي ۽ ان صوفي بزرگ جي وڏي تعريف ڪئي آهي.هاڻي اهي ماڻهو جيڪي تصوف کي بدعت ۽ شرڪ چون ٿا اهي امام ابن القيم رحه تي ڪهڙي فتويٰ هڻندا؟

    حافظ عمر بن علي البزار امام ابن تيميه جو شاگرد آهي فرمائي ٿو ته مون شيخ الاسلام جي اها عادت ڏٺي ته نماز فجر بعد ساڻس ڪوبه فضول ڳالهه ٻولهه نه ڪندو هو،ان وقت پاڻ ذڪر ۾ مشعول رهندو هو ڪڏهن ڪڏهن هن سان گڏ ويٺل به هن جو ذڪر ٻڌندا هئا ۽ ان دوران بار بار آسمان ڏانهن نظر ڦيريندا هئا،سج اڀرڻ تائين سندن اهو ئي طريقو هوندو هو.( الاعلام العليه في مناقب ابن تيميه)

    بيشڪ شيخ الاسلام ان خاص وقت ۾ جيڪو خاص وظيفو پنهنجي لاء مقرر ڪري رکيو هو اهو ان طريقي سان ڪنهن حديث مان ته ثابت ناهي پوء اهي ماڻهو جيڪي ورد وظيفن ءٌ ذڪر فڪر کي صوفين طرفان گھڙيل بدعت ٿا سڏين،شيخ الاسلام جي ان وظيفي کي ڇا سڏيندا؟

    حافظ البزار پنهنجي ان ڪتاب ۾ ئي شيخ الاسلام جي ڪشف ۽ ڪرامتن جو به ذڪر ڪري ٿو.فرمائي ٿو ته ڪجهه اهڙيون ڪرامتون هيون جن جو مون پاڻ مشاهدو ڪيو،انهن مان هڪ اها آهي جو ڪجهه عالمن سان ڪنهن معاملي ۾ منهن جو اختلاف ٿي پيو ۽ بحث ڊگھو ٿي ويو.اسان فيصلو ڪيو ته شيز الاسلام ڏانهن وڃون ٿا ۽ ان کان معاملو پڇون ٿا.اسان جڏهن شيخ الاسلام وٽ حاصر ٿي سوال ڪرڻ جو ارادو ڪيو ته سوال ڪرڻ کان اڳ ئي شيخ الاسلام پاڻ ئي انهن سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪري ڏنا..آئون ۽ ٻيا ساٿي جيڪي اتي موجود هئاسين حيران ٿي وياسين ته ڪيئن شيخ کي ڪشف ٿيو ۽ اسان جي دلين ۾ جيڪي ڪجهه هو الله تعاليٰ هن تي ظاهر ڪري ڇڏيو. ( الاعلام العليه)

    علامه ابن عبدالهادي المقدسي پنهنجي ڪتاب ۾ شيخ الاسلام جي وفات جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته ماڻهن تبرڪ حاصل ڪرڻ لاء شيخ الاسلام جي ميت تي ونهن جا رومال ۽ پٽڪا وجھي ڇڏيا هئا،جنازو شيخ الاسلام جي ڀاء زين الدين عبدالرحمان پڙهايو ۽ شيخ کي ”مقبره صوفيه“ ۾ دفن ڪيو ويو.(العقود الدريه في سيرت ابن تيميه)

    تصوف ۽ ان متعلق ڪجهه قول شيخ الاسلام ابن التيميه ۽ ابن القيم جي ڪتابن مان نقل ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي انهن ٻنهي بزرگن کي پنهنجو امام تسليم ڪن ٿا پر انهن جي تعليم کان جاهل آهن اهي تصوف ۽ صوفين کي اجايو طعن ۽ تشنيع جو نشانو بنائڻ کان پاسو ڪن ۽ ڪجهه جاهلن جي پيرويء ۾ پنهنجي آخرت برباد نه ڪن.

    تصوف ۽ صوفين تي ٿيندڙ اعتراضن جو جائزو وٺڻ بعد آخر ۾ مناسب معلوم ٿئي ٿو ته انهن صوفي بزرگن جي تعليم مان به ڪجهه بنيادي شيون بيان ڪيون وڃن جن بزرگن تي معاذ الله بدعتي ۽ شريعت جي خلاف مسلڪ اختيار ڪرڻ جا الزام هنيا ويا آهن.افسوس جي ڳالهه اها جو جن به ماڻهن تصوف يا صوفين کي تنقيد،اعتراضن ۽ الزامن جو نشانو بنايو آهي انهن مان گھڻن ته انهن بزرگن جي تعليم پوريء طرح پڙهي ئي ناهي،رڳو ٻڌل سڌل ڳالهين تي تصوف کي اسلام کان خارج ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺل نطر اچن ٿا.اهي جيڪڏهن تعصب جو چشمو لاهي انهن بزرگن جي تعليم جو ڪجهه به مطالعو ڪيو هجي ها ته اهي اهڙيون فتوائون هرگز نه ڏين ها ۽ تصوف کي بدعت ۽ شرڪ هرگز نه چون ها.تصوف جي ميدان ۾ جيڪي ڪتاب اڄ تائين لکيا ويا آهن اهي سڀ ان وحداني علم،توحيد خداوندي ۽ باطني اصلاح جي خزانن سان ڀريا پيا آهن.هتي اسان صرف هڪ اهڙي ڪتاب مان حوالو ڏيون ٿا جيڪو ڪتاب تصوف جي ميدان ۾ بنيادي دستور جي حيثيت رکي ٿو.اهو ڪتاب آهي ” عوارف المعارف“ جيڪو حضرت شيخ شهاب الدين سهروردي رحه جو لکيل آهي.ان ڪتاب ۾ پاڻ فرمائين ٿا ته ”هڪ گمراه جماعت پنهنجو پاڻ تي ملامتيه جو نالو رکي صوفين جهڙو لباس پاتو آهي ته جيئن اهي صوفي سڏجن.حالانڪه انهن جو صوفيت سان ڪوبه تعلق ناهي بلڪه اهي دوکي ۽ فريب ۾ مبتلا ٿي صوفين جهڙو لباس اختيار ڪري ويٺا آهن.... جيڪڏهن اسان ڏسون ته ڪو شرعي حدن ۾ سستي ڪري رهيو آهي ۽ فرض نمازن جي ادا ڪرڻ کان غافل آهي،تلاوت قرآن ۽ نماز روزي ۾ ان کي مزو نٿو اچي ۽ اڻ وڻندڙ ڪمن وارين جاين ۾ داخل ٿئي ٿو ته اسين ان کي رد ڪري ڇڏينداسين ۽ هن جي اها دعويٰ قبول نه ڪنداسين ته هن جو باطن پاڪ آهي.حضرت جنيد بغدادي رحه جو واقعو مشهور آهي ته پاڻ ڪنهن ماڻهوء سان معرفت جو ذڪر ڪري رهيا هئا ته اهو شخص چوڻ لڳو ته اهل معرفت تقويٰ ۽ نيڪي ڇڏي سڌا سنوان خدا جل شانه تائين پهتا آهن.پاڻ فرمايائون ته اهو ان جماعت جو قول آهي جيڪا ته نيڪ عمل ڪرڻ جي پابنديء کان اهي آزاد آهن. پر منهنجي نزديڪ اها تمام وڏي ڳالهه آهي،جيڪو ماڻهو چوري ۽ زنا ٿو ڪري اهو انهن کان وڌيڪ آهي جيڪي هن ڳالهه جا قائل هجن.ڇو ته اهل معرفت کي اهي عمل الله تعاليٰ کان ئي مليا آهن ۽ اهي انهن عملن سان ئي الله تعاليٰ ڏانهن واپس ويندا.....انهن گمراهن مان هڪ جماعت حلول جي قائل آهي،هو چون ٿا خدا تعاليٰ انهن جي اندر حلول ٿو ڪري...انهن جو اهو عقيدو عيسائين جي عقيدي لاهوت ۽ ناسوت مان ورتو ويو آهي ۽ انهن مان ڪي ماڻهو خوبصورت شين کي ڏسڻ جائز سمجھن ٿا،انهن کي اهي اشارا ڪجهه صوفين جي ڪلام ۾ ملن ٿا جيڪي هنن پنهن جي روحاني جذبن جي شدت ۾ چيا هئا،جيئن منصور الهلاج ”انا الحق“ چيو هو ۽ حضرت ابويزيد بسطامي رحه کان به نقل ڪيو وڃي ٿو ته هن ” سبحاني“ يعني آئون پاڪ آهيان چيو هو.حضرت بايزيد بسطامي رحه جي باري ۾ اسان اهو تصور ڪري ٿا سگھون ته انهن اهي لفظ پنهنجي لاء چيا هوندا؟...ان جي باوجود جيڪر اسان کي يقين ٿي وڃي ته ڪنهن به شخص اهي لفظ ڄاڻي واڻي ان معنيٰ ۾ استعمال ڪيا آهن ته خدا انهيء جي اندر داخل ٿي ويو آهي ته اسان ان کي رد ڪري ڇڏينداسين.ڇو ته رسول الله صلي الله عليه وسلم اسان جي سامهون اهڙي ته صاف ۽ واضح شريعت آندي آهي جنهن ذريعي هر غلط رستي تي هلندڙ کي سڌو ڪري سگھجي ٿو...خدا تعاليٰ ان ڳالهه کان پاڪ آهي ته هو ڪنهن ۾ حلول ڪري يا ڪو هن ۾ حلول ڪري….ممڪن آهي ته انهن ۾ فريب ۾ آيل ۽ گمراه شخصن ۾ قدرتي ذهانت ۽ ذڪاوت هجي،انهن باطني طريقي سان ڪاشيء ٻڌي ورتي هجي پوء پنهن جي فڪري قوت سان انهن لفظن کي ترتيب ڏيئي خدا سان منسوب ڪندا هجن.پوء هيئن چون ته خدا مون کي هيئن چيو،هونئن چيو... پر اها سڀ گمراهي آهي.... عيسائي راهب ۽ هندو برهمڻ به خلوت نشينيء جي اها ئي صورت اختيار ڪندا آهن پر اهي هدايت جي رستي تي نه پر هلاڪت جي رستي تي هلي رهيا آهن.ان ڪري انهن جا هي ڪم مڪر ۽ استدراج جي حيثيت رکن ٿا... طريقت جي راهه جو سالڪ اهڙن ڪشفن مان دوکو نه کائي ۽ کيس سمجھڻ گھرجي ته پاڻي ۽ هوا تي هلڻ مان ان وقت تائين ڪو فائدو ناهي جيستائين زهد ۽ تقويٰ جو پورو پورو حق ادا نه ڪيو وڃي.اهو درويش جيڪو رڳو ”خيال“ ۾ منجھي ويو هجي ...۽ پنهنجي خلوت نشينيء کي اخلاص ذريعي مضبوط نه ڪيو هجيس اهو باطل جي بنياد تي خلوت نشين آهي ۽ جڏهن دوکي ۽ فريب ذريعي اتان نڪرندو آهي ته عبادت کي حقير سمجھي ترڪ ڪري ڇڏيندو آهي،اهڙيء طرح الله تعاليٰ هن کان روحاني لذت کسي وٺندو آهي.۽ هن جي دل مان شريعت جي هيبت هلي ويندي آهي ۽ هو دنيا ۽ آخرت ۾ خوار ٿيندو.ان ڪري سچي طالب کي ذهن نشين ڪرڻ گھرجي ته خلوت نشينيء جو مقصد سٺن ڪمن ۾ وقت گذاري الله تعاليٰ جو قرب حاصل ڪرڻ آهي ۽ عضون ۽ خيالن کي برين ڳالهين کان بچائڻو آهي.“ (عوارف المعارف)

    مٿين حقيقتن جي بيان مان معلوم ٿي چڪو ته تصوف يا طريقت نه ته دين يا شريعت جي خلاف آهي ۽ نه ئي اهو دين يا شريعت کان ڪا الڳ شيء آهي بلڪه شريعت جي حڪمن تي پنهن جي اصل روح سان عمل ڪرڻ جو علم ۽ عمل آهي..والله اعلم بالصواب.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو